’نثار‘ بزمي
بهار آيو
چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!
لَڙي ٿا لامَ تي لَڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!
پَٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي،
وهي اڄ واهه ٿا وهسن، بهار آيو، بهار آيو!
سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا،
ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو!
مُئن کي ڀي جيارن ٿا، سهانا ڏينهن سانوڻ جا،
ٻڍا ۽ ٻار ٿا ٻهڪن، بهار آيو، بهار آيو!
ٿڌيون ٿر جون هوائون’ڀيروين‘ مان گيت ٿيون ڳائن،
گهُلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو!
نچي ٿي رات جي راڻي، ستارن جو رَئو پائي،
نظارا ٿا نوان نڪرن، بهار آيو، بهار آيو!
وڄائي بنسري هُن پار، ڪوئي دل جلائي ٿو،
سڄڻ جا سور ٿا سرڪن، بهار آيو، بهار آيو!
چنبيلي، موتيو، نرگس، گلابي گل ٽڙيا آهن،
اکيون تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو!
پيهو ٻول ٿو ٻولي، ۽ ڪوئل ٿي ڪري ’ڪوڪو‘،
ڀنؤر ڏس ڌار ٿا ڀُڻڪن، بهار آيو، بهار آيو:
مٺي ميلاپ جي موسوم آئي آهيه واري سان،
اڱڻتي ڪانگ ٿا ڪَرڪن، بهار آيو، بهار آيو!
چٺيون هٿ ۾ جهلي، قاصد روانا ٿيا وٺي راهون،
اکيون ٿيون اوچتو ڦڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!
گهٽائون ڪَرَ کڻي پنهنجا، نهارن ٿيون زماني ڏي،
هٿن ۾ جام ٿا ڇلڪن، بهار آيو، بهار آيو!
سنباهي هَرَ هليا هاري، خوشيءَ مان پنهنجي کيٽن ڏي،
سنهري سَنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو!
ترايون تار ٿيون آهن، نه ’بزمي‘ غم رهيو آهي،
مُهاڻا مِير ٿا مُرڪن، بهار آيو، بهار آيو!