امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/06/2013

ڪراچي ماءُ جي ٿڃ آهي




نظم 
                                 عزيز قاسماڻي

"ڪراچي ماءُ جي ٿڃ آهي"


ڪراچيءَ جي بستر تي
لهوءَ جي چادر وڇائي وئي آهي.۽ هُو اڄ به سنڌين جي نسل کي
پسند ڪندڙ گوشت خور آهن
ڪراچي پنهنجي انداز جو اُهو شهر آهي
جو ماتا جي ٿڃ جهڙو آهي
پر ڪراچي جي گهر ۾ ڄمندڙ ٻار
بارود جي ٽافين کي چٻاڙڻ جا ڏند ٿا رکن.لوح-محفوظ جي ليڪ کان اڳ
اسانجي حياتي وٺڻ ٿا گهرن
۽ ٻرندڙ ماچيس جي تيليءَ کان
گهٽ اسانجي حياتي ڪرڻ ٿا گهرن.سنڌ جي يٰسين آهي ڪراچي.جڏهن لهُولهان ورق ٿو ڏسان،
يهودي ياد ٿا اچن.۽ اسرائيل جي مسجد مان
موذن جو آواز نٿو اچي.نلڪي گيڙو ڏيندڙ نينگري ڀُڻڪي ٿي.جهار تان موٽندڙ سهيلي پُڇيس ٿي.چوي ٿي تنهن کي؛
ڪراچي ڄرڪا ڳهيندا وڃن ٿا.ماءُ ٻانهن کي سَٽي ٿي چويس،
ڪميڻا اسانکي صدين کان
اڻ آريا ٿا سڏيندا اچن.آڱرين جي پاند سان
اکيون اُگهندي چوي ٿي.جيڪي آريا ٿا سمجهن پاڻ کي
سي ئي ڪُهن ٿا اسان کي.اي اٻوجهه ٻاگهلي!هن وقت هر ملڪ جا حڪمران
مهاجر ئي آهن.هُو آريا آهن
اسان ڌرتيءَ جا ڌڻي
اڻ آريا آهيون هُنن جي نظر ۾.پر ڪراچي ماءُ جي ٿڃ جهڙي آهي.
            ***
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تجريدي نظم : عزيز قاسماڻي




تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي

اڄ جا عذاب.
اڄ جي تاريخ سان،
اڄ جو ڏينهن
نٿو ملي.
ان ۾ منهنجي ڪا غلطي ناهي.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
گولين جا ٽهڪ
ڪراچيءَ تي.
ستارا ڪلين شيوِ آهن.
۽ ماريا وڃن ٿا.
سياسي، قومي ۽ مذهبي،
عصبيت جي نالي ۾.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي

پيار سنسار جي جهوپڙي آ.
سُونهن جي ايش-ٽري تي،
سال سارو دُکي
جواني جي ٽاري
ٽُٽي ٿي پوي.
سُونهن جي ايش-ٽري ۾،
پيار جي جهوپڙي
ڊهي ٿي پوي.
***

تجريدي نظم
                         عزيز قاسماڻي
هر لمحي
هر سمي
انساني گوشت جي بارش.
تڏهن کان
ائٽمي سوچ کي
گاريون.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
1965ع ۾
وارنٽ.
وارنٽ؛ وري ياد ڪرڻ.
1739ع ۾
دفن ٿيل،
احساسن تي وارنٽ.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
ڪالونيءَ ۾
ٻين گهرن جيان
بدنيّتيءَ واري گهر ۾
ڌيءُ کي
پيءُ مان ٿيل پُٽ.
ڌرتي ۽ آسمان ڏي
ٻئي هٿ سڌا ٿو ڪري.
***



تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
ڌرتي اسانجي ماءُ آهي،
ٻڌايو
پيءُ ڪهڙو آهي؟
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
نه ٿرڪو،
پر منهنجا،
گرام ڳيا،
آرڻ ڳيا،
ٿرڪو آهن.
***

تجريدي نظم
                        
عزيز قاسماڻي
حڪوا،
آڪار، نر آڪار،
نيتارو ڪينءَ ملي؟
نيرو ڪليٽي
مانگهه،
ساٽائُو،
ڪوس،
ڪامهه،
اندر اوٿر،
ڏسيو،
نڀ بيچ ڪٿي آهي؟
***



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>