امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


11/06/2016

کيچلي او ڇوڪري وسرين نه ٿي

غزل

غوث پيرزادو

کيچلي او ڇوڪري وسرين نه ٿي
تصور جي پينگهه تان به لهين نه ٿي

ٻار ناهين هاڻ تون ٻاهر نه وڃ
ڪير ڀي توکي چئي سمجهين نه ٿي

واهه جي ڪڙ ڪالهه ويڳاڻي لڳي
مال ڪاهي ڇو هتان گذرين نه ٿي!؟

ڇو رٺي آن شاعريءَ جيان ڇيڳري!
ڏات جيان منهنجي اڱڻ اڀرين نه ٿي

چپ ڀڪوڙي ٿي هلين محفل ۾ تون
ڇو کلي دل سان هتي ٽهڪين نه ٿي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/04/2016

ﻫﻲ ﺳﭵﻮ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﮕﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ



ﻏﺰﻝ

غوث ﭘﻴﺮﺯﺍﺩﻭ

ﻫﻲ ﺳﭵﻮ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﮕﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ
ﻫﺎﺀِ الڪن ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ

ﺷﺎم ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺁ ﭔﺴﻲ ﺑﻴﻮﻫﻪ ﺟﻴﺎﻥ
هيڪلاين ﺟﻮ ﺯﻫﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ نه ڏﻱ

ﺳﺎﻧﺖ ﺗﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ﭰﻬڪي ڪري
ﭼﻨڊ ﻫﻲ ڪارو ﺍﺑﺮﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ

ﻫﺮ گهٽي ۽ ﮔﺎﻡ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﭤﻲ ﭘﮁﻲ
سڏڪندڙ ﺳﺎﺭﻭ ﻫﻲ ﮔﻬﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ

ﻣﻮﺕ ﺟﻲ راڪاس ﺟﻬڙﻭ ﻳﺎ ﺧﺪﺍ
ﭜڙﭜﺎﻧﮓ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺑﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ڏﻱ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/11/2015

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي


غزل

غوث پيرزادو

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي
توسوا هي ڪونه ٿو ڪنهن سان ٺهي

هي صدين کان ٿو تڪي آڪاس ۾
واءُ جو جهوٽو اجهو ڄڻ پتو لهي

ڪنڌ ورائي ڀي نه تو مون ڏي ڏٺو
برج هينئڙي_ ڪوٽ جو پيو ٿو. ڊهي

منهنجي اندر سوڳ جو منظر رڳو
ڪير مون ۽ سڌڪندو ئي ٿو رهي

طاق تي ٻاري ڏيئو پيئينءَ سمهي
ڪو هوائن ۾ ڀلا ائين سمهي

ڇو ڀلا جهولي جهليون بيٺو هجان
ڇو ڀلا هو مسلسل مون تي بهي

ڪر ڀلا آزاد گهايل روح کي
ڪيترو هن کي کڻي جيون ڳهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/05/2013

هيءَ سڏڪو زندگي بڻجي وئي



غزل

غوث پيرزادو

هيءَ سڏڪو زندگي بڻجي وئي
دل ۾ ڪوڪو زندگي بڻجي وئي

ٽهڪ ئي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيئين
نوحو نوحو زندگي بڻجي وئي

تو جو چنريءَ کي ڇهيو هو اوچتو
بت ۾ سياندو زندگي بڻجي وئي

هڪڙو ڀاڪر جيئن ئي ماڻي پڳي
وڻ ۾ واڪو زندگي بڻجي وئي

ميڇ هڪڙي ئي ڏني تو چاهه مان
سو اشارو زندگي بڻجي وئي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪو ڪري بيقرار ماري ويو


غزل

غوث پيرزادو

ڪو ڪري بيقرار ماري ويو
رات جو انتظار ماري ويو

ها گنهگار آءٌ ڀي هوندس
پر مونکي رازدار ماري ويو

ها زماني ۾ جي ويس کلندي
روح جو ريگزار ماري ويو

ڪار واري کي ڪير روڪيندو
ڪالهه رستي ۾ ٻار ماري ويو

هو ته ڌارين کان ڌار رهندو هو
غوث کي پنهنجو يار ماري ويو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

شام جو مون سان هيو اڏري ويو


غزل

غوث پيرزادو

شام جو مون سان هيو اڏري ويو
وقت جيان آيو وري گذري ويو

تون پڇين ٿو موت جهڙي ماٺ ڇو
مون چيو جو ساهه هو نڪري ويو

ڪاش توسان روح کي ريجهائجي
روح پر طوفان ۾ وکري ويو

اڄ وري ڳڀرن ننڊون نيلام ڪيون
اڄ وري گل ڳوٺ ۾ نسري ويو

رات آيو هو اُلا لهجا کڻي
رات وچ ۾ ئي صفا پڄري ويو

مينهن ۾ گڏجي ڀڳو هو شام جو
ڪيئن چوان ڪو غوث هو وسري ويو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

توکان وسري ويو هوندس


غزل

غوث پيرزادو

توکان وسري ويو هوندس
دل مان نڪري ويو هوندس

ها ٻسو پئي لڳس توکي
ڳوٺ اڏري ويو هوندس

ڪيئن توکان اکيون ٻوٽي
ساههَ گذري ويو هوندس

تون اڻائو پئين مونکي
جڳ سان نبري ويو هوندس

جيئن پاڻيءَ بنا لاڻي
ايئن اُسري ويو هوندس

ها جڏهن تو ڇهيو هوندو
يار نکري ويو هوندس


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چنڊ ستو هو چنگ ستو هو



غزل

غوث پيرزادو

چنڊ ستو هو چنگ ستو هو
رات اسان سان رنگ ستو هو

آڌيءَ رات اچي پهتو هو
چمندي چمندي سنگ ستو هو

ننڊ ۾ مرڪ چپن تي رقصان
خواب کڻي اڙٻنگ ستو هو

ڪنوارو ڪير اکيلي ويو هوس
وارن جو ڪو ونگ ستو هو

ڪنهن ڇرڪايو ڇهندي هن کي
ڍوليو ڍاٽي ڍنگ ستو هو

هڪڙي ٽهڪ اٿاريو جوڳي
هاڻي هاڻي لُنگُ ستو هو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چنڊ تنهنجي ناز کي گرهڻ لڳي



غزل

غوث پيرزادو


چنڊ تنهنجي ناز کي گرهڻ لڳي
چنگ جي آواز کي گرهڻ لڳي

هير من جي تار کي ڇيڙي نه ٿي
ڇو الائي ساز کي گرهڻ لڳي

اڌ رات جو هن جو ملڻ هڪ راز هو
ڏينهن جو ان راز کي گرهڻ لڳي

باهه لهجي پر ساڙيا چاهه جا
مست چنچل باز کي گرهڻ لڳي

هٿ نه آ ڪنهن جو به هاڻي هٿ ۾
شام جي انداز کي گرهڻ لڳي









___
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>