امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


20/01/2014

شاعري جاڳي پوي ٿي زندگي جاڳي پوي ٿي

ملهار چانڊيو


غزل


شاعري جاڳي پوي ٿي 
زندگي جاڳي پوي ٿي

جي ڏسي ٿي عڪسُ تنهنجو 
آرسي جاڳي پوي ٿي

رات ٿي ڪا تات ٻاري
روشني جاڳي پوي ٿي

جام نيڻن جا ڇُلن ٿا 
بيخودي جاڳي پوي ٿي

مند ٿي ملهار ڳائي
۽ مٽي جاڳي پوي ٿي
 


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/07/2013

نيڻَ کڻ ملهار ڏي ڪو غزل تو تي لکان

غزل

ملهار چانڊيو

واسُ مان جيڪر هُجان
ساهه تنهنجي ۾ لهان

خوابُ جي تنهنجو اچي
جاڳ کي ڀُلجي وڃان

ڀل سِڪي هُو چنڊُ ڀي
مان رُڳو تو کي ڏسان

پيارَ جا پرڙا ملن
مان هوائن سان اُڏان

نيڻَ کڻ ملهار ڏي
ڪو غزل تو تي لکان





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/03/2013

بيخودي ، بيخودي, پيار جي مئڪشي



غزل

ملهار چانڊيو

بيخودي ، بيخودي
پيار جي مئڪشي

موت جهڙِي لڳي
تو سوا زندگي

آهي دل جي پڪي
درد سان دوستي

خوف ۾ مبتلا
آدمي آدمي

لڙڪ ملهار جا
ٿي پيا شاعري



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>