امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


17/07/2020

وري رهي ٿي جهڙالي موسم وري اهي ئي خيال آھن


وري رهي ٿي جهڙالي موسم وري اهي ئي خيال آھن، 
هوا مان خوشبو اچي ٿي تنهنجي وري اهي ئي وصال آھن. 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/07/2017

شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي


بارش

امداد حسيني


شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
منھنجي من ۾ ٻارڻ ٻارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پنھنجون ، منھنجون ھنجون ھارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
دل تان دُک جي ڌوڙ ڌئارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پَرِ تہ وسندي مينھن ڀِناسين تون مان سِنڌو ساگر تي
وسريل ڪائي سارَ ڏيارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

بادل ڀرجي ڀرجي گرجي برسيا ، تِر بہ نہ سي ترسيا
ويدن جا اشلوڪ اچارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

مورُ ٽَھُوڪيو ، ڪويَل ڪُوڪيو ، تاڙي تاڙو تاڙَ ڪئي
ٺاري ٻارڻ ٻاري ٺارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پاڻ بہ رؤنشي ڪوڏي ٻارن ساڻ ملي ٿي ٻارُ ٿئي
ڪاغذ جي ڏس ٻيڙيءَ تارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي..
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين

نظم

اسحاق راهي

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

موافق باغ سان بادِ صبا پئي هر گهڙي ٿيندي،
گلن ۾ رنگتون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

چمن ۾ چهچٽا هوندا، ڪلين ۾ تازگيون هونديون،
بهارون اينديون ۽ وينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

نوان عشاق پيا ايندا، نوان محبوب پيا ملندا،
نديون پيون نينهن جون وهنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا،
دليون ڪي پرچنديون رسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

هميشه بره جون بجليون ۽ هوندا پيار جا بادل،
نيون پيون بارشون وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان کان پوءِ ڀي آباد هوندا ويڙها خوشين جا،
وري عيدون پيون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهي راتيون رسيليون ۽ رهاڻيون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پيون هر گام تي پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

سنڀالي دل ۾ دل واريون نشانيون نينهن واريون خود
لڪائي پيون لڪائينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا،
پچارون پيار جون هلنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي ”راهي“،
سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/07/2015

هاڻي آءُ هلي، آيا سانوڻ مينهنڙا



وائي

مجيب سنڌي

هاڻي آءُ هلي،
آيا سانوڻ مينهنڙا

ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جھول جھلي
آيا سانوڻ مينهنڙا

مجيب تو لئه ٿو سڪي
اڄ مل تون به کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/06/2015

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي



غزل

علي زاهد

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي،
ڪُونڀٽن سان گڏ نچان، برسات پئي.

مسڪرائي ٿر سڄو، امبر سڄو،
مور جي کنڀن مٿان برسات پئي.

بادلو، هڪڙو ڪڪر ترسائجو،
هُوءَ نڪري جئن گهَران، برسات پئي.

عشق ۾ هوءَ راڳڻي، مان تانسين،
نانءُ هُن جو جي وٺان، برسات پئي.

مور چونري تان ڏئي ڀڙڪو چيو،
ڪو ڪڪر ڳولي اچان، برسات پئي.

ڪو ته ڪارونڀار کي ريڙهي اچي،
رُڃ کي ويڙهي رکان، برسات پئي.

ڄڻ پٿرجي هِن ويون زاهد اکيون،
سال گذري ويا منجهان برسات پئي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/07/2014

برسات وسي وئي آ

رخسانه پريت

برسات وسي وئي آ
بس پياس پُسي ڪانهي
هر چيز پُسي وئي آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/08/2013

ساوڻ ڏنيون صدائون افسوس تون نه آئين



ساوڻ ڏنيون صدائون افسوس تون نه آئين
گذري ويون گهٽائون افسوس تون نه آئين


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/08/2013

برسيا رات وري بادل

برسيا رات وري بادل
جاڏي ڪاڏي ٿي جل ٿل
مون وٽ آهن گيت اِجهو
وٺين ته مٺڙا جهولي جهل

بردو سنڌي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/08/2013

مينهن وسي ٿو نينهن وسي ٿو

غزل

هدايت بلوچ

مينهن وسي ٿو
نينهن وسي ٿو


توکي خبر آ
ڪيئن وسي ٿو

 
منهنجي اکڙين
جيئن وسي ٿو

 
جيئن ڀڄي ٿي
تيئن وسي ٿو


ڀڄندي ڀڄندي
مونکي چوي ٿي


ڏس هدايت
هيئن وسي ٿو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تو سان ملڻ گهريو سين، ته بارشون وڌي ويون


شاعري : ايوب کوسو

تنها رهڻ گهريو سين، ته آفتون وڌي ويون.
تو سان ملڻ گهريو سين، ته بارشون وڌي ويون.

منڪر اجاڙ موسم، تازا عذاب اندا،
ڪو پل نه هيل مهڪيو، اڌما وريا هيڪاندا،
ڇرڪي ڇڻڻ گهريو سين ته ساعتون ٻري ويون.
مرڪي ٽڙڻ گهريوسين ته بارشون وڌي ويون.

ڪو خواب سرد پنهنجو پيرن جي هيٺ آيو،
ڪو گيت زرد پنهنجو گهيرن جي هيٺ آيو،
چهرو ڏسڻ گهريو سين ته آرسيون ٽٽي ويون
ڳوڙهو اگهڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون

ڪنهن شام جي ٻني تي، ڪنهن سانجھ جي ڇني تي،
ڦرندي رهي جدائي دل جي پني پني تي،
سڏڪو لکڻ گهريوسين ته آڱريون ٺري ويون
خود جي ٻرڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون

تو نيٺ ننڊ پوکي پنهنجي اکين ۾ جانان
ڀٽڪي اسان ڀلياسين ڪيڏا گھٽين ۾ جانان
دريا ٿيڻ گهريوسين ته چاندنيون کڄي ويون
صحرا وڃڻ گهريوسين ته بارشون وڌي ويون.

ميڙا اتي ڇڏياسين، ڀيڙا نه ها جتي ڪي،
ڇيڙا اتي ڇڏياسين ٻيڙا نه ها جتي ڪي،
تنهنجو پڇڻ گهريو سين ته عاشقيون کري ويون
پيرو کڻڻ گهريو سين ته بارشون وڌي ويون


ايوب کوسي جي ڪتاب ”نگاهون نيرا گل” تان ورتل
چونڊ : منظور قريشي
__



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/06/2013

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ، ساجن کي به ته آڻ

وائي

شيخ اياز
سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ، ساجن کي به ته آڻ
ساجن کي به ته آڻ...!

موتئي جي مهڪار هوا ۾، سارَ ڀري سُرهاڻ
ساجن کي به ته آڻ...!

برکا رُت جي باکَ ڦُٽيءَ ۾ ، لڳهه لڳهه لالاڻ .
ساجن کي به ته آڻ..!

بادل ٿِي سَوَ سانگ رچايان، آئون به ڪنهنجي ڪاڻ.
ساجن کي به ته آڻ..!





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/03/2013

سانوڻ جا هت سانورا! پيا وسن مينهن


سانوڻ جا هت سانورا!
پيا وسن مينهن،
آءُ ٻه ٽي تون ڏينهن،
موڪل وٺي ڳوٺ ڏي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مينهن ۾ هوء مٺي ، پئي کِلي ۽ پُسي



غزل

مسرور پيرزادو

مينهن ۾ هوء مٺي ، پئي کِلي ۽ پُسي،
آءَ ڏسندو رهيس، مينهن وسندو رهيو.

هن جي جوڀن سندي، حسن جي مينهن ۾
آءَ پُسندو رهيس، مينهن وسندو رهيو.

عشق جي آڳ آ، جا وسامي نه ٿي
آءُ جلندو رهيس، مينهن وسندو رهيو.

مينهن ۾ نينهن جا، زخم تازا ٿيا
آءُ لڇندو رهيس، مينهن وسندو رهيو.

مينهن ۾ لڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لڪي
آءُ روئندو رهيس، مينهن وسندو رهيو.

منهنجي هستي مٺي ! آ جهريل جهوپڙي
آءُ ڊهندو رهيس، مينهن وسندو رهيو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/12/2012

ڦڙ ڦڙ مينهن وسي

ڦڙ ڦڙ مينهن وسي
اکڙين ۾ آلاڻ ڇو
 
ڪوئي ڪين ڏسي



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>