امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


16/06/2014

عمرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي، اباڻن جا آتا، هي گـﮬر مارئي!

غزل

عائشه ميمڻ

عمرَ کوڙ اڄ ڀي، نه پر مارئي،
اباڻن جا آتا، هي گـﮬر مارئي!

ڪري ياد توکي، الائي ته ڇو،
اکين جا ڀريا هن ڪڪر مارئي!

لڳن سون لوئيءَ، جا توکي سڳا،
اُتم آهي تنهنجي، نظر مارئي!

هلي آءُ سانگي، سِڪن ٿا پيا،
وسي جاڳيا، ٿر ۽ بر مارئي!

ملين شال مارن سان، تون عائشه،
سڪن ٿا وسڻ لئه، ڇمر مارئي!
**


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/01/2014

زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو، ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو

غزل

عائشه ميمڻ

زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،
ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو !

زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي،
آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو !

پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو،
من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو .

تو پڄاڻان محب، ڏس هر ويل هي،
آ ڏکن جو من اندر، ميلو متو.

پيار جي ڪا ڇانوَ، ناهي ’عائشه‘،
زندگي پيئي سڙي، ڏينهڙو تتو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/01/2014

زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي

غزل

عائشه ميمڻ

دل رنو آهي جو، رني آشا،
لڙڪ منهنجن ۾، ڄڻ ڀني آشا!

آ خدا، حوصلو ڏنو ورنه،
ڪين انسان کان، پني آشا.

هيءَ مون کان اڳي مري ويندي،
موت کان ڪو نه آ، ڊني آشا.

ڪنهن نه احساس سان ڏٺو آهي،
ٿو لڳي ڄڻ، ڇوري ڇني آشا.

زندگيءَ ۾ اها، ضروري آ،
عائشه‘ وقت جا ڏني آشا
. **

غزل 

ڌرتيءَ لئه جو مرندو آهي،
ماڻـﮬـو ڄڻ سو مرندو ناهي.

جـﮬـڙو ڌرتي چاهي سڀ کي،
اهڙو ڪير نه ڪنهن کي چاهي.

جيجل! تنهنجا ٻچڙا مرڪي،
چڙهندا آزاديءَ لئه ڦاهي!

مجبوري ڏس مسڪينيءَ ۾،
پيئي زاري وک وک ڳاهي!

’عائشه‘ پڄري پڄري پو ٿي،
پَت ڪر پيارا شعر هي ٺاهي.
 **

غزل

راهه سچ تي سڌو، هر قدم ٿي وڃي،
ڀونءِ سان ڄڻ ته پورو، قسم ٿي وڃي.

جو به کيڙي سمهي، سو بکي پيٽ ڇو؟
فرد حق لاءِ هي، سرگرم ٿي وڃي.

ڪرت مزدور جي، آ عبادت مڃو،
جا بجا پوءِ آدم، اتم ٿي وڃي.

مڙس کي ٿي، مجازي خدا جا مڃي،
ڇو قتل ٿي وَني بي جرم ٿي وڃي.

’عائشه‘ پيار جي، موٽ نفرت نه ڏي،
موهه انسان جو، شل ڌرم ٿي وڃي.
 **
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/01/2014

رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو

غزل 

عائشه ميمڻ

رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو،
جسم ڀوري مٿان ويس ڪارو ڏٺو.

جام نيڻن سان پياري پيو لوڪ کي،
ڪيترو پاڻ پوءِ ڀي اڃارو ڏٺو.

ها ستارا سوين رات آڪاس ۾،
چنڊ جي اوڏڙو هڪ ستارو ڏٺو.

موڪلايئي پرين! رات بوسا ڏئي،
جاڳ ٿي ساهه ڪيڏو ڏکارو ڏٺو.

”عائشه“ ڇو نه آيو اڃا هُو سڄڻ،
سارَ سان مون گذاري سيارو ڏٺو.





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>