16/06/2014
22/01/2014
زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو، ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
عائشه ميمڻ
زندگي جو تو ڏنو، مون سو وتو،
ساٿ تنهنجو ڪيترو، ناهي پتو !
زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي،
آ ڏچو مون لاءِ پر، سمجـﮬـو نه تو !
پيار جي ٻولي سدا، ٻولي پيو،
من پرينءَ جي پيار ۾، اهڙو رتو .
تو پڄاڻان محب، ڏس هر ويل هي،
آ ڏکن جو من اندر، ميلو متو.
پيار جي ڪا ڇانوَ، ناهي ’عائشه‘،
زندگي پيئي سڙي، ڏينهڙو تتو.
17/01/2014
زندگي هر آس، تنهنجي ٿي پئي
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
عائشه ميمڻ
دل رنو آهي جو، رني آشا،
لڙڪ منهنجن ۾، ڄڻ ڀني آشا!
آ خدا، حوصلو ڏنو ورنه،
ڪين انسان کان،
پني آشا.
هيءَ مون کان اڳي مري ويندي،
موت کان ڪو نه
آ، ڊني آشا.
ڪنهن نه احساس سان ڏٺو آهي،
ٿو لڳي ڄڻ، ڇوري
ڇني آشا.
زندگيءَ ۾ اها، ضروري آ،
’عائشه‘
وقت جا ڏني آشا
. **
غزل
ڌرتيءَ لئه جو مرندو آهي،
ماڻـﮬـو ڄڻ سو مرندو ناهي.
جـﮬـڙو ڌرتي چاهي سڀ کي،
اهڙو ڪير نه ڪنهن کي چاهي.
جيجل! تنهنجا ٻچڙا مرڪي،
چڙهندا آزاديءَ لئه ڦاهي!
مجبوري ڏس مسڪينيءَ ۾،
پيئي زاري وک وک ڳاهي!
’عائشه‘ پڄري پڄري پو ٿي،
پَت ڪر پيارا شعر هي ٺاهي.
غزل
راهه سچ تي سڌو، هر قدم ٿي وڃي،
ڀونءِ سان ڄڻ ته پورو، قسم ٿي وڃي.
جو به کيڙي سمهي، سو بکي پيٽ ڇو؟
فرد حق لاءِ هي، سرگرم ٿي وڃي.
ڪرت مزدور جي، آ عبادت مڃو،
جا بجا پوءِ آدم، اتم ٿي وڃي.
مڙس کي ٿي، مجازي خدا جا مڃي،
ڇو قتل ٿي وَني بي جرم ٿي وڃي.
’عائشه‘ پيار جي، موٽ نفرت نه ڏي،
موهه انسان جو، شل ڌرم ٿي وڃي.
05/01/2014
رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
عائشه ميمڻ
رات محبوب جو روپ پيارو ڏٺو،
جسم ڀوري مٿان ويس ڪارو ڏٺو.
جام نيڻن سان پياري پيو لوڪ کي،
ڪيترو پاڻ پوءِ ڀي اڃارو ڏٺو.
ها ستارا سوين رات آڪاس ۾،
چنڊ جي اوڏڙو هڪ ستارو ڏٺو.
موڪلايئي پرين! رات بوسا ڏئي،
جاڳ ٿي ساهه ڪيڏو ڏکارو ڏٺو.
”عائشه“ ڇو نه آيو اڃا هُو سڄڻ،


