امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/03/2013

تار هر يڪتار جي، تنبور جي، سنتور جي، رنگ لائي، گيت ڳائي، چنگ هولي ٿا ملهائن


رحمت پيرزادو


هولي غزل

تون ملهائين ٿي جو هولي، رنگ هولي ٿا ملهائن،
جسم تنهنجي جا سمورا انگ هولي ٿا ملهائن.

ڪا سهاڳڻ ڀاڪرن جي هار ۾ ور سان ستل،
هي رنگولي انگ تن جا ونگ هولي ٿا ملهائن.

جسم جي جادوءَ کان اڳتي ڀي رنگن جا راز هن،
بر، بحر، تارا، ڪتيون ۽ جھنگ هولي ٿا ملهائن.

تار هر يڪتار جي، تنبور جي، سنتور جي،
رنگ لائي، گيت ڳائي، چنگ هولي ٿا ملهائن.

ڇو الائي هر خوشيءَ ۾ لڙڪ اينداهن تري،
ڏات ملندي ڏانو سان جو ڏنگ هولي ٿا ملهائن.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>