غزل
نياز پنهور
سڏڪا هوندا، پن ڇڻ رت ۾،
جذبا رئندا، پن ڇڻ رت ۾.
ننگا هوندا لڱ وڻن جا،
سڏڪي پوندا پن ڇڻ رت ۾.
ماڻهو هوندا پر سڀ موڳا،
گهمندا رهندا، پن ڇڻ رت ۾،
بسنت رت ۾ ڪين مليا جي،
نيٺ ته ملندا، پن ڇڻ رت ۾.
منهنجا سارا شعر زبان تي،
اٽڪي پوندا، پن ڇڻ رت ۾.
بسنت رت ۾ طنز اسان تي،
ڪنهن کي ڏسندا، پن ڇڻ رت ۾.
اٽڪي پيا اوسيئڙا اک ۾،
ڳوڙها ٿيندا، پن ڇڻ رت ۾.
مان جيئن تيئن گذاري ويندس،
هو ڪيئن جيئندا، پن ڇڻ رت ۾.