ٻولي!! گولي!!
عبدالحڪيم ارشد
ٻولي گولي قافيو ساڳيو،
باقي شاعر! سوچين ڇا پيو؟
ماءُ پڪاري پيئي توکي،
سنڌڙي ساري پيئي توکي!
هوڏي ڏس، هو جوان وطن جا،
ميدان تي نڪري آيا،
سنڌ جا سورهيه، سنڌڙي خاطر،
سر ڏيڻ لاءِ سنبري آيا-
تون ڀي پنهنجو حق ادا ڪر،
ديس سان پورو قول وفا ڪر!
ٻولي گولي قافيو ساڳيو،
باقي شاعر! سوچين ڇا پيو؟
قافيو، قافيي ساڻ ملاءِ،
ڌرتيءَ سان ڪو نينهن نڀاءِ!
بيتن ۾ بارود ڀري،
بستيءَ بستيءَ باهه لڳاءِ!
آزادي جي جنگ لڳل آ،
جنگ کي جاري رکڻو آ-
وقت سان ساٿي! ساٿ ڏبو-
ٻولي گولي گڏجي هلنديون،
ٻوليءَ کان اڄ، گوليءَ جو ڪم وٺڻو آ!
.




