زمان شاهه
جنهن سان دلڙي لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ،
اهو جاڙ جيئڻ، تنهن کان زهر پيئڻ
اهو ناهه مرڻ، ٻيو ڇا هي ڙي؟
دل تي دود دکن، لکين پور پون،
سوين سور سجهن، دل تان ڪين لهن،
اهو ناهه روئڻ، ٻيو ڇا هي ڙي ؟
جنهن کي نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو،
مون کي ڏس ڏيو، ڏکيو پيچ پيو،
اهو ناهه ڦسڻ، ٻيو ڇا هي ڙي؟
ملي ماهه لقا، جنهن تان آهيان فدا،
ڪيو قهر قضا، ٿيو يار جدا،
اهو ناهه جلڻ، ٻيو ڇاهي ڙي ؟
ماندي يار مران، پکي روز پڇان،
”زمان“ مان ملان، اها آس رکان،
اهو ناهه سِڪڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟
