امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


01/07/2015

جي سُهڻو پاڻ سڏائي ويا

مير عبدالحسين سانگي

جي سُهڻو پاڻ سڏائي ويا
البيليون اکيون اٽڪائي ويا
چپ چاشنيدار چکائي ويا
ستي سُورن کي ته جَڳائي ويا
اڃا هاڻ هتي هئا يار پرين
دلبند سَڄڻ دلدار پرين
غمخوار مٺا منٺار پرين
جي پيچ پيارل پائي ويا
هتي دردن جا ته دڪان هئا
هِت سورن جا سامان هئا
وڏا شوخن جا هت شان هئا
سي هاڻي ماڳ مَٽائي ويا
هئا معشوقن جا ماڳ هِتي
هئا رنگ ۽ روپ ۽ راڳ هتي
هئا برهه وارن جا ڀاڳ هتي
سڀ ڦيري ڏيئي ڦٽائي ويا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>