نعت
سحر امداد
لکان ٿي نعت لڙڪن سان،
اکين کي پير ٿي ڪريان،
گهٽي آهي مديني جي!
جيئڻ تو لئه مرڻ تو لئه،
اهوئي ڌيان دل ڌريان،
گهٽي آهي مديني جي!
کڻان ٿي وک اکڙين سان،
ڏسي تو در سڄڻ پريان،
گهٽي آهي مديني جي!
ڀلارا تون ڀلائي ڪج،
مٿو تو در مٿي ڌريان،
گهٽي آهي مديني جي!
ٻهاريان صحن پلڪن سان،
محبت سان مٽيون ڀريان،
گهٽي آهي مديني جي!
سُکن جي آس ۾ سائين !
ڏکويل ڏک ٿي ڏريان
گهٽي آهي مديني جي!
لِکان ٿي نعت لڙڪن سان،
ته ڄڻ ڪو ڀرت ٿي ڀريان،
