غزل
بشير
احمد شاد
راهه ۾ ڪو ڀٽڪندو ڀلندو رهيو
درد جي صحرا ۾ ڪو رلندو رهيو
سنگدل کي ڪو نه پيو هو ترس ڪو
بي ڪسيءَ تي مرڪندو کِلندو رهيو
عشق واري واٽ ورتيون شاهه جي
ڪو نهائينءَ نيهُن پيو سکندو رهيو
ڪو ته سنگِ مر مرين بڻجي ويو
ڪو ڀتر جيان پيو هتي ڀرندو رهيو
زود رنج ڪو پالڪين ۾ آ هُتي
ڪو ته بک ڏک تي به هت کِلندو رهيو
واعدن تي ڪو ڪري ويساهه هت
روز جيئندو روز هو مرندو رهيو



