امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


04/02/2017

هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾

غزل

سعيد سومرو

هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾،
عمر مان ڏڪندو رهيس پو، سي ۾.


هير ٿڌڙيءَ سان گھٽيءَ مان حيدري،
ڪئن نه ’حق حق‘ ٿي ڪندو ويو، سيءَ ۾.

گرم تنهنجن قربتن جي مٽ نه آ،
ساٿ تنهنجين سارڻين جو، سيءَ ۾.

ڇا ٿيو، جي لاهي چادر پيرَ تان،
ساڌ ننگي تي وڌي تو، سيءَ ۾.

چاندنيءَ ۾ پيچرا ڪو پُور هن،
ماٺ کي آ تنهنجو لهجو، سيءَ ۾.

صبح ساجهر ريڙهي ڪڍندي روڊ تي،
ڪيڏو ٿڙڪي ٿو ڪراڙو، سيءَ ۾.

ڪير نڪري سڏ ورنائي ’سعيد!‘
ديش سارو، سانت - سوگھو، سيءَ ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

30/09/2015

جاڳَ پلٽي ڇڏي هر ذري جام جي


غزل


سعيد سومرو

جاڳَ پلٽي ڇڏي هر ذري جام جي،
پو به ڪٽجي نه ٿي رات الــــزام جي!

زندگيءَ جي ڪهاڻي به آهي لکيل،
پاڻ جھڙي ئي ڪنهن يار گگدام جي!

چار گل جي قبر تي رکيا ڇوڪريءَ،
سي به آنــــڌي اُڏائي وئي شام جي.

روح ئي جنهن مسافرَ جو خالي هيو،
سو ڪئين مام سمجھي سگھيو گام جي!

هُن الستي اکين کان مليل دانَ کي،
سعيدُ ڀانئي ڪئين باکَ ماتـام جي!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/09/2015

وقت جھڙو ڪو به کيڏاري نه آ

غزل

سعيد سومرو

وقت جھڙو ڪو به کيڏاري نه آ،
جنهن ڪڏهن ڀي راند ڪا هاري نه آ.

آرسين جا دوست ئي آهيون اسان،
پٿرن سان پنهنجي ڪا ياري نه آ.

هوءَ ئي من ۾ سناٽا وئي ڇڏي،
مون ته تنهائي اها هاري نه آ.

هيئن ديوانا مڙِيا جي درد سان،
پو وطن ۾ ڪا به رُت ڪاري نه آ.

وقت آ جو مست نچندو ٿو وڃي،
پنڌ پنهنجو ٿيو اڃان جاري نه آ.

هيل ڪيڏيون بارشون برسيون ’سعيد!‘
ڪنهن به دل پنهنجي مگر ٺاري نه آ.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪنهن پڇيو: ’پيار بن ڇا هي سنسارُ آ؟‘ مرڪندي مون چيو: ’ڪو گنهگار آ.‘

غزل

سعيد ميمڻ

ڪنهن پڇيو: ’پيار بن ڇا هي سنسارُ آ؟‘
مرڪندي مون چيو: ’ڪو گنهگار آ.‘

باک ويلي ڏسي سج مکيءَ جي شبيهه،
دير تائين لڳو ٿي ڪو اوتار آ.

روح رشتن جو آ انت جي اوج تي،
هاڻ مرڪي ملڻ ڀي ڪو واپار آ.

دور تائين وڻن جا ڊگھا پاڇا هن،
يا هي تنهنجو محبت کان انڪارُ آ؟

لَنگھه گذري ازل جي گھٽين جا ڏٺئه،
ائن مليئه ڪو، جئين منهنجو ڪردار آ؟

دينَ جو، پيٽَ جو، جَڳ جي وهنوارَ جو،
هيکلي روح تي ڇا ته ڏس بارُ آ!

سانوري سعيد جي ڳالهه ڪائي نه پڇ،
ويڙهه ۾ ويڙهه آ، قرب ۾ يار آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دل چريءَ جي ڳالهه ۾ اٽـڪي ’سعيد!‘ منزلون ڪيڏيون ڇڏيون تو، راهه ۾!

غزل

سعيد سومرو

ڇانــوَ جھڙو هُـــو نه ملندو، راهه ۾،
پاڻ رُولي پـــو به ڏسبو، راهه ۾.

ڪنهن چُمي گُل سو اکين تي آ رکيو،
تنهنجي ڪالــر مان ڪِريو جو، راهه ۾.

مرڪندي ماڻهن ڏٺو ٿي طــنـــزَ مان،
هڪ چريو روئي رهـيـو هو، راهه ۾.

نيڻ پنهنجا توڏي نڪتا ها مگر،
کاڄُ ٿي ويا حادثن جو، راهه ۾.

ديس! تنهنجي دوستن لئه، دردَ ئي،
آجياڻن لئه رهيا ڇو، راهه ۾!؟

ڪيترو چوڦـــيـــر گــھــرو ڌُنـــــڌُ آ،
قافــــلو پو ڀي رِمِـــي ٿـــو، راهه ۾.

دل چريءَ جي ڳالهه ۾ اٽـڪي ’سعيد!‘
منزلون ڪيڏيون ڇڏيون تو، راهه ۾ !


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بــي ديدَ شناسا کي هڪ لــفظُ کُکي ٿو پيو



غزل

سعيد سومرو

بــي ديدَ شناسا کي هڪ لــفظُ کُکي ٿو پيو،
هڪ چنڊَ ــــ تصوّر کي، ڇُهندٖي نه ڇُهي ٿو پيو!

هي جيءُ جَنمَ جَلندڙُ، ڀـيٽڻ نه پُڄي اُن سان،
ڪي منٽ سڙي جيڪو سگريٽُ اُجھي ٿو پيو!

گـمـنـام شهيدن جي قبرن جي مِٽي ٺاهي،
هڪ جُھور ڪراڙو ڳلُ لڙڪن ۾ ٻُڏي ٿو پـيو.

چهرن جي نقابن تي اُڇلي ٿو نظرَ خالي،
هي ڪيرُ مسافر ائن بازار گُـھمي ٿو پـيو.

جن ننڊَ ــ گهٽيون ڀٽڪي، آ خواب لڌو تنهنجو،
اڌ رات جو ڪو تارو، سي نيڻ چُمي ٿو پـيو.

هُن گھر جي ڀتين وچ ۾، چپ چاپ مري ويو هُو،
اڄ سعيد جي پاڇي جو ڪوئي نه پُـڇي ٿو پـيو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>