غزل
عاطف خاصخيلي
دلـيـن جـي يـار ڌرتيَ تـي سـويـن احـسـاس جـاڳـن ٿـا
اڄـاتـا خــوف جـا مـن ۾ ڪـيـئـي راڪـاس جــاڳـن ٿـا
کـليــل ٻـانـهـون ڏسي تـنـهـنـجون سـتارا ڀي سُتا ناهن
صـديـن جـا ٿـڪ هـونـدي ڀـي نـوان وشواس جاڳن ٿا
ٿيـا هن پـهـر ڪي هُن کي لنگـهـي وئي هوء هتان آهي
ويـا ٿــي پـيـچـرا روشـن گـهــٽـيــن ۾ واس جـاڳـن ٿـا
اســان جـــو جــســم مــٽــي آ اهــو مــٽـيء ۾ لاهـيــو
رڳـو اي وقــت تــو وٽ ڇـو صــدا انــگـاس جـاڳـن ٿـا
نه مون ۾ ڪو رهي مـجـنـون نه منهنـجو روح سيلاني
الايـٔي پـوء بــه ڇـو مـن ۾ سـويـن بـنــواس جـاڳـن ٿـا
اسان جي روح جي رڻ تي نه ٿي ڪا ٻاجهه جي بارش
ڪـيئـي عـاطـف جـيـان دل ۾ سـنـڀـال تـاس جـاڳـن ٿا
