امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/09/2013

مندن مان به مهڪار گھٽجي وئي آ


غزل

مشتاق ڦل

مندن مان به مهڪار گھٽجي وئي آ
زماني مان سڪ سار گھٽجي وئي آ

جڏهن کان پرينءَ وار کوليا نه آهن
هوائن مان هٻڪار گھٽجي وئي آ !

پڇو ٿا مزو آ سموري خوشي بس، 
اوهان کانسوا يار گھٽجي وئي آ ! 

ڪٿي ڇانورا سي ڪٿي ٿڪ ڀڃجن؟ 
ٻڌئون ٿا ته وڻڪار گھٽجي وئي آ ! 

جڏهن کان اوهان جو نه ڦوٽو ڇپيو آ ، 
وڪامڻ سا اخبار گھٽجي وئي آ ! 

الئي ڇو سڄڻ جي مشتاق اڄڪلهه 
ملڻ واري رفتار گھٽجي وئي آ !
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

15/07/2013

ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

مشتاق ڦل

ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

آھي ننڍڙو نگر ڄامشورو مگر، آ وڏو پُر اثر
ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

ڪوئي پنج سال خاموش گھاري ويو
ڪوئي پنھنجي به دل ھت وساري ويو
ھا ڏٺيون ڪيئي بي حس حسين ڇوڪريون
۽ ڏٺا ڪيئي ڇڙواڳ ھت ڇوڪرا
ھن ٻڌيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھتي
پڻ ڏٺيون تڙپندي ڪيترون راڻيون ھتي
مون ڏٺو عاشقي جو اکين ۾ اثر
ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر

مگر منھنجي محبوب جي ڳالھ ٻيء آ
ھو ”باغي“ جي گيتن جھڙي ڇوڪري آ
بند وسڪي جي بوتل جيان پئي لڳي
مون ته ھن کي پنھنجو پاڻ ارپي ڇڏيو
ھوءَ دل جا دروازا ٽوڙي ھلي وئي
منھنجا خواب ھٿن سان مروڙي ھلي وئي
مگر پوءِ به مشتاق آ مُنتظر
ڄامشورو اسان جي پرين جو شھر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/06/2013

چپن جي ريشمي خوشبو،اکين ۾ پيار اوتي وئي

غزل

مشتاق ڦل

چپن جي ريشمي خوشبو،اکين ۾ پيار اوتي وئي،
اسان جي روح ۾ محبت سندو سنسار اوتي وئي.

ڪا ڳوٺاڻي ڳهيلي ڇوڪري ڀاڪر جي گرميءِ ۾،
سندر ڪو سونهن جو سپنو ۽ اقرار اوتي وئي. 

لفافو،خط، ڦوٽو ۽ ٻه ٽي ڪي فون تي جملا،
الائي ڪيترو اونهو عجب اسرار اوتي وئي.

اکين جو شعاع گهري گھور ۽ تابش نگاهن جي،
اچي مشتاق جي من ۾ نئون تڪرار اوتي وئي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/03/2013

ســـڄي رات چنڊ ساڻ گڏجي رُلياسين, مگر پوءِ به توسان نه ڪاٿي ملياسين



غزل

مشتاق ڦل

ســـڄي رات چنڊ ساڻ گڏجي رُلياسين
مگر پوءِ به توسان نه ڪاٿي ملياسين

جــــڏهـــــن ياد آئي اوهان جي اسان کي
ته ٻــــارن جيــــان پــــاڻ ڏاڍو رُناســــين

اسان ڳوٺ جا هونــئن به رولاڪ ماڻهو
نه تنهنجا ٿياسين نه ڪــنهنجا ٿياسين

وڌي چاهتــــن سان ويا وير ليــــڪن
اســــان محــــبتن جا مسافر بڻياسـين

مــــري وينـــدو مشتاق پوءِ کوڙ چوندا
اڙي ڇا لاءِ مشتاق کي ڏک ڏناسين؟



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/02/2013

ڪـــــوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور



مشتاق ڦل

ڪـــــوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور
ڌارين ماڻهن جي دلــــداري نامنــــظور

پَٽـــڪي ٽوپي اجـــرڪ سان جي ســـاڙ رکن
اهـــڙا لفظــــن جا واپــــاري نامــــنظور!

وقت جي هر هڪ حاڪم جو ٿا ساٿ ڏين
ڌاريـــــا ڌاريـــــن جا ســـاٿاري نامنظور!

ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن
شاعر ليکڪ سي درٻاري نامـــنظور!

سنڌ جي سؤدي لاءِ ســدائين تياريءَ ۾
ســـــابه وڏيرپ ۽ ســـرداري نامـــنظور!

جيڪي لکڻيون ذاتي فائدي لاءِ هجن
سُرخيون ڪالم سڀ اخباري نامنظور!

سنڌوءَ جي تهذيب بگــــــاڙي ڏيــــکارن
اهڙا چئنل ســـڀ سرڪاري نامنظور!

هٿيارن جي ڊوڙ، نمائش جسمن جي
اهــــڙا ڊراما توبـــــھ زاري نامــــنظور!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

درد جا ليڪا لتاڙي پيار تان پاڻ وارڻ ٿي گھري ڪا ڇوڪري



مشتاق ڦل

درد جا ليڪا لتاڙي پيار تان
پاڻ وارڻ ٿي گھري ڪا ڇوڪري.

ڳوٺ ۾ واھڻ ۾ بک ۽ ڏک تي
مونسان گھارڻ ٿي گھري ڪا ڇوڪري.



سار سپنا خواب ۽ يادون کڻي،
گھر سنوارڻ ٿي گھري ڪا ڇوڪري


پيار مان ڏيارئ بھاني مون مٿان
رنگ ھارڻ ٿي گھري ڪا ڇوڪري.

روز نئين اسلوب سان مشتاق کي
يار مارڻ ٿي گھري ڪا ڇوڪري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪــــيو هــــوندئي



مشتاق ڦل

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪــــيو هــــوندئي
سو ڀاڳ ڀريو هوندو جنهن سـان پيار ڪيو هوندئي

ڪـــــاوڙ ۽ وڏا دڙڪــــا، روئــڻ ۽ رُســـــڻ، پرچـــــڻ
ڪــنهن ســـان ته ڪڏهن اهڙو تڪــرار ڪيو هونــدئي

بارش ۾ ڀِڳــو هوندين، راتين جـــــو رُليو هــونــدين
۽ پــــيار جـــــو ڪــــــو رستو اختيار ڪيو هوندئي

ڪـــــي کوڙ چـــــريا ماڻهو رستـي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هــوندئي

اکڙين جي اشارن سان لـک قيد ڪـــيا هونـدئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هونـدئي

مشــــتاق آهــــي تنهنـــجو مشتاق جي پارت ٿئي
مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هونــــدئي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>