پوڙهي جي نوجوان کي صلاح
لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
ٿورو پاڻ سنڀالي هل.
سامهون ڪا اونداهي تو ۾
پاڻ لڪائڻ چاهيندي
تو سان گيت جواني جا
گڏجي ڳائڻ چاهيندي
اونداهه اهڙي جنهن پٺيان
لاکين چنڊ لُٽائيندين
تنهنجي ننڊ جوئا ٿيندي
سارا خواب کٽائيندين
اونداهه جنهن ۾ هر حجرو
پينوءَ جي ڪشڪول جيان
خالي خالي ڀائيندين
سڃ هوندي اکين ۾ ڀي
پنهنجي پاڻ کي راجا ۽
جڳ سوالي ڀائيندين
اونداهي جي چيچ جهلي
ان کان اڳتي جي هلندين
نانگ ٻرن مان نڪري سڀ
توکي ڦڻ ڏيکاريندا
اڇي اُجري ڌرتي تي
توکي مير جيئن ڀائيندا
ها، پر ڪا پرواهه ڪٿي
تنهنجو روح ڇهي سگهندي
تون ته پهاڙن تان ڪرندڙ
چشمن جي ته رواني هوندين
شعلن جيئن رڳن ۾ ايندڙ
جوڀن جيءُ جواني هوندين
ها، پر پوءِ گهڻو اڳتي
اونداهه سارا سڱ ڇني
تو کان چيچ ڇڏائيندي
۽ پوءِ اُس اڳيان تنهنجي
ڏانئڻ وانگي ڏند ڪڍي
توکي ڏنگ هڻڻ گهرندي
ڇرڪي پاڻ جڏهن ڏسندين
پنهنجي کل نپوڙيل ڪنهن
ڪپڙي جيئن پئي لڳندي
سامهون سج افق تي بيهي
تنهنجي وارن ۾ چاندي
ڏسندو ٽهڪ ڏيئي کلندو
ان جي لاءِ چئون ٿا يار
لَڪَ جو لنگهه حياتي آهي
ٿورو پاڻ سنڀالي هل.