غزل
بقلم: کيمن يوُ. موُلاڻي، ڀوپال ( انڊيا)
ڀيڙ ايڏي وڌڻ لڳي آهي
راهہ سوڙهي لڳڻ لڳي آهي.
ڪونہ آڪاس ٿو ملي سڀ کي
ڇِپَ هوا کي چوڻ لڳي آهي.
مون پري کان جڏهن ڏٺو ڪنهن کي
ياد تنهنجي اچڻ لڳي آهي.
سڀ وجهي جيب ۾ ڇڏيو جُملا
ڳالهہ هاڻي ٻَرَڻَ لڳي آهي.
شهر ۾ ٿا ڪٿي اچن تارا
روشني خود رهڻ لڳي آهي.
پيار پوپٽ ڪيو ڪلي گل سان
دل ڪنڊن جي جلڻ لڳي آهي.
واٽ سورج مٽي ڇڏي شايد
اس دريء مان اچڻ لڳي آهي.
هن جڳهہ ۾ اچي رهڻ کان پوءِ
شڪل هر شئہ مَٽڻَ لڳي آهي.
دوُر تائين خبر وڃي پهتي
ڪپَ کي سنڌوُ ڇڏڻ لڳي آهي.
