امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/01/2013

جي شمع ٻري ويندي، پروانا هليا ايندا



”نثار“ بزمي

غزل

جي شمع ٻري ويندي، پروانا هليا ايندا،
سينن ۾ کڻي سڪ جا، نذرانا هليا ايندا.

مَيخوار مُڙن ڇو ٿا، سُرڪيءَ ۽ سوائي کان،
جي جام پيا ڇلڪي، مستانا هليا ايندا.

آيا ته اجهو آيا، ويهڻ نه اصل ايندن،
ڳڻتي نه نوالي جي، نيرانا هليا ايندا.

جي رات اچي رهندين، ڪا ڪُلبهء اَحزان ۾،
لک منهنجي زبان تي پوءِ، شڪرانا هليا ايندا.

روئڻ نه چڱو آهي، پاڻي نه وهائڻ ڏي،
آباد ٿيڻ جي لئه، ويرانا هليا ايندا.

سوريءَ جو ٻُڌي هوڪو، بزدل ته ڀڄي ويندا،
سر هٿ تي رکي ليڪن، ديوانا هليا ايندا.

مُلن جي رَسائي آهه، مسجد جي تڏي تائين،
مَينوش جي هڪ سڏ تي، ميخانا هليا ايندا.

محلن ۾ رهن ٿا جي، تن جو ته زمانو آهه،
ٿڌڙو ڪو ڏسي پاڇو، بيگانا هليا ايندا.

مون کان نه پُڇي ڏس ڪو، تون حال زماني جو،
تعذير ڏيڻ جي لئه، ڪي دانا هليا ايندا.

جن پاڻ سڃاتو آهه، سي راند رچائي ويا،
هي راز زماني ۾، رندانا هليا ايندا.

تون ويهه اچي مون سان، ڳڻ ڳالهه نه ٻي ڪائي،
گڏ توکي ڏسي مون سان، پيمانا هليا ايندا.

’بزمي‘ تون قلم کڻ اُٿ، ڪاغذ به کڻي وٺ ڪو،
جنبش ۾ ڏسي توکي، افسانا هليا ايندا.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!


’نثار‘ بزمي
بهار آيو

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!
لَڙي ٿا لامَ تي لَڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

پَٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي،
وهي اڄ واهه ٿا وهسن، بهار آيو، بهار آيو!

سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا،
ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو!

مُئن کي ڀي جيارن ٿا، سهانا ڏينهن سانوڻ جا،
ٻڍا ۽ ٻار ٿا ٻهڪن، بهار آيو، بهار آيو!

ٿڌيون ٿر جون هوائون’ڀيروين‘ مان گيت ٿيون ڳائن،
گهُلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

نچي ٿي رات جي راڻي، ستارن جو رَئو پائي،
نظارا ٿا نوان نڪرن، بهار آيو، بهار آيو!

وڄائي بنسري هُن پار، ڪوئي دل جلائي ٿو،
سڄڻ جا سور ٿا سرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

چنبيلي، موتيو، نرگس، گلابي گل ٽڙيا آهن،
اکيون تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو!

پيهو ٻول ٿو ٻولي، ۽ ڪوئل ٿي ڪري ’ڪوڪو‘،
ڀنؤر ڏس ڌار ٿا ڀُڻڪن، بهار آيو، بهار آيو:

مٺي ميلاپ جي موسوم آئي آهيه واري سان،
اڱڻتي ڪانگ ٿا ڪَرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

چٺيون هٿ ۾ جهلي، قاصد روانا ٿيا وٺي راهون،
اکيون ٿيون اوچتو ڦڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

گهٽائون ڪَرَ کڻي پنهنجا، نهارن ٿيون زماني ڏي،
هٿن ۾ جام ٿا ڇلڪن، بهار آيو، بهار آيو!

سنباهي هَرَ هليا هاري، خوشيءَ مان پنهنجي کيٽن ڏي،
سنهري سَنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

ترايون تار ٿيون آهن، نه ’بزمي‘ غم رهيو آهي،
مُهاڻا مِير ٿا مُرڪن، بهار آيو، بهار آيو!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جنهن سان دلڙي لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ


زمان شاهه


جنهن سان دلڙي لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ،
اهو جاڙ جيئڻ، تنهن کان زهر پيئڻ
اهو ناهه مرڻ، ٻيو ڇا هي ڙي؟

دل تي دود دکن، لکين پور پون،
سوين سور سجهن، دل تان ڪين لهن،
اهو ناهه روئڻ، ٻيو ڇا هي ڙي ؟

جنهن کي نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو،
مون کي ڏس ڏيو، ڏکيو پيچ پيو،
اهو ناهه ڦسڻ، ٻيو ڇا هي ڙي؟

ملي ماهه لقا، جنهن تان آهيان فدا،
ڪيو قهر قضا، ٿيو يار جدا،
اهو ناهه جلڻ، ٻيو ڇاهي ڙي ؟

ماندي يار مران، پکي روز پڇان،
”زمان“ مان ملان، اها آس رکان،
اهو ناهه سِڪڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اندر ۾ ڪو عڪس اُتاري، جيئندي آ


”مقصود“ گل

غزل

اندر ۾ ڪو عڪس اُتاري، جيئندي آ،
دلڙي منهنجي پيار پَناري، جيئندي آ.

نيڻ وسن ٿا، توکان ڌار ٿيان ٿو جي،
آب اکين مان هر هر هاري، جيئندي آ.

تاريخن ۾ جيڪي جيڪي عڪس مليا،
تن مان اُجرا عڪس اُجاري، جيئندي آ.

ڪنهن به ڏنو آ، جنهن به ڏنو آ، جيڪو سور،
دلڙي سڀ ڪو درد سنڀاري، جيئندي آ.

ارغوني اولاد اڃان ٿو اُلري پيو،
همٿ پوءِ به هانءُ نه هاري، جيئندي آ.

ڀٽَ ڌڻيءَ کي اڄ به ملي ٿو زهر پيو،
پوءِ به سارا وهم وساري، جيئندي آ.

سنڌوءَ جي درياهه ۾ رڻ پٽ جاڳي پيو،
ڌڙڪي دلڙي سُڏڪا ساري، جيئندي آ.

ڦوڪن سان جو سج وِسائڻ چاهي ٿو
ٻهڪي اُن تي لعنت ٻاري، جيئندي آ.

سچل! تُنهنجي سوچ برابر سُرهي آ،
سُرها سُرها ساهه اُٿاري، جيئندي آ.

’گل‘ جي خوشبو آهه گهڙي کن جي لئه پر،
پوءِ به ڪيئي ساهه سنواري، جيئندي آ.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي


عنايت بلوچ

غزل

مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي،
دل جي حالت اُنهيءَ بعد سُڌري نٿي.

سور صدما سٺم، ضبط ڏاڍو ڪيم،
حوصلو ڏس مگر، دانهن نڪري نٿي.

گُلپري آهه ناراض ڪنهن ڳالهه تي،
ڪين مِنٿون مڃي، هاءِ پرچي نٿي.

”نيٽ“ تي ڪالهه مون کي لکيو آ پرينءَ،
تنهنجي هٿڙن سوا سِينڌ سَنوري نٿي.

تون اچڻ جو ئي ڪين آئين پرين،
نيڻ واٽون تَڪِن، رات نِبري نٿي.

مهرباني! اچي وئين ته ڪجهه ترس ڀي،
توکي ڏسندو رهان، دل ته ڀرجي نٿي.

پيار جا پهر لمحن ۾ اُڏري ويا،
هجر جي پرگهڙي يار گذري نٿي.

حسن کي زيورن جي ضرورت نه آ،
سُونهن رنگين پوشاڪ پهري نٿي.

جيئن ٻانهون ”عنايت“ وڪوڙي ويون،
جلد ٿيا فيصلا، دل ته سوچي نٿي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آئي مُند مَلهاري وي!


زمان شاهه

ڪافي

آئي مُند مَلهاري وي!
جهُڙ ڦُڙ وَسن جالارا جَم جَم!

موتيو مُگرو گؤنچ گوابي،
سُنبل حُسن هزاري وي؛
سَرو صنوبر سُو سن ريحان،
نرگس خُوب خُماري وي:
بُبل ٻولي قُمري ڪَم ڪَم!

ڄام ڄَموريون نِم ۽ ناريل،
وڻي وڻن وڻڪاري وي؛
اَنب اَنجير انگور اناري،
لالا لال لياري وي:
روز وسي شاخن تي شبنم!

ديد دُناليون، بڻڇيون ڀالا،
تيز ڀرون تلواري وي؛
ڳاڙها چَپ ڏند موتين جهڙا،
زلف قيامت ڪاري وي؛
دام وجهن ٿا دل کي دَم دَم!

ايندو دلبر عيد ڪنداسين،
تات اِها ٿم طاري وي؛
محب ’زمان شاهه’ موٽي ملندم،
پرين ڪندو پوئي واري وي:
ناز وارن جي اڳيان نم نم!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/01/2013

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا



عطا محمد ”حامي“

غزل

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا،
تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا،

تنهنجي زلف جي قيدين ڪاڻ ڪٺا سامان هزارين پيا ٿيندا،
هر روز نون تعزيرن جا اعلان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي تيز نظر جي تيرن سان بي ايمان هزارين پيا ٿيندا.
تنهنجي قدمن ساڻ قيامت جا سامان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي گهور جا گهايل گهوٽ گهڻا، اڻموٽ چڙهن ٿا چوٽ گهڻا.
تنهنجي حسن جي روشن شمع ڏسي بي جان هزارين پيا ٿيندا.

جي ٻول مٺا پيا ٻوليندا، سي مرغ چمن جا سڪ ٿيندا،
صياد جي پاپي پڃري ۾ مهمان هزارين پيا ٿيندا.

تنهن رات کي جن روشن نه چيو، تنهنجي زهر کي جن ماکي نه سڏيو،
تنهنجي پيرن ۾ پامال اهي انسان هزارين پيا ٿيندا.

تنهنجي ناز ادا جي شعلن مان ڪا باهه مبادا ڀڙڪي پئي،
تنهن باهه ۾ تنهنجي تباهيءَ جا امڪان هزارين پيا ٿيندا.

جنهن پنهنجي جگر جو خون ڏئي، تنهنجي حسن ۾ رونق آندي آ،
تنهن عاشق تي الزامن جا احسان هزارين پيا ٿيندا.

هر روز فلڪ ناراض رهي پيو لوڻ جفا جو ٻرڪيندو،
هيئن اهل وفا جي دردن جا درمان هزارين پيا ٿيندا.

هر لهر لتاڙي سير لنگهي، جنهن وقت ڪناري تي ايندي،
تنهن وقت اسان جي ڪشتيءَ کي طوفان هزارين پيا ٿيندا.

هن وقت نٿو جو قدر ڪري، هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو،
”حاميءَ“ جي مرڻ کان پوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>