غزل
مئڪش سومرو
ڪهڪشائن کان خبر آئي هئي
چنڊ سان مون جهڙي تنهائي هئي
ماڻهو سستو ماڻهپو مهنگو گهڻو
ڪيڏي دنيا منجھ مهنگائي هئي
ماڳ جي وشواس ۾ پنهنجو سفر
رُڃ جي هر راھَ رعنائي هئي
زندگي مشروط گهاري ڪين ڪي
سچَ ! تنهنجي ساک ارڏائي هئي
بي وڙي جي ننڊَ دانش ديس ۾
۽ اسان جي جاڳ سودائي هئي
ڪِٿ، ڪڏهن تنهنجي اگهي مئڪش دعا
ڪهڙي هستي تو نـ ٻاڏائي هئي



