امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/05/2013

ڪهڪشائن کان خبر آئي هئي

غزل

مئڪش سومرو

ڪهڪشائن کان خبر آئي هئي
چنڊ سان مون جهڙي تنهائي هئي

ماڻهو سستو ماڻهپو مهنگو گهڻو
ڪيڏي دنيا منجھ مهنگائي هئي

ماڳ جي وشواس ۾ پنهنجو سفر
رُڃ جي هر راھَ رعنائي هئي

زندگي مشروط گهاري ڪين ڪي
سچَ ! تنهنجي ساک ارڏائي هئي

بي وڙي جي ننڊَ دانش ديس ۾
۽ اسان جي جاڳ سودائي هئي

ڪِٿ، ڪڏهن تنهنجي اگهي مئڪش دعا
ڪهڙي هستي تو نـ ٻاڏائي هئي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مئڪدو ناهي شهرَ ۾، دوستو! ڇاهي شهرَ ۾


غزل


مئڪش سومرو


مئڪدو ناهي شهرَ ۾
دوستو! ڇاهي شهرَ ۾


زندگي کان ڏور ڪيڏي
زندگي آهي شهرَ ۾


پنهنجي چهري تان نقاب
ڪير ٿو لاهي شهرَ ۾


ڪو پکي احساس جو
پَرَ نٿو ساهي شهرَ ۾


وقتُ ڪنهن کي آ، جو رشتا
روح جا ٺاهي شهرَ ۾


ٿي رواداري رڙي
حرصُ پيو ڪاهي شهرَ ۾




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/05/2013

پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين



غزل

طارق عالم ابڙو

پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين
اوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين،

ڪِناري بيٺا هُئاسين ڪُڏيون پئي لهرون
پکي هوا ۾ اُڏاڻا پري پري تائين،

سفر ۾ ڪالهه هئا ، ۽ سفر ۾ اڄ آهن
نه جِن جا ٿاڪ ٺِڪاڻا پري پري تائين،

وڳو گهڙيال ۾ هڪ هو جو سانت ڪمري ۾
اوهان جا ٽهڪ اُڏاڻا پري پري تائين،

ڇڏڻ لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسين
اوهان جا سڏ ٻُراڻا پري پري تائين،

پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائين
اوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڇو نِگاهُن جا پَيو ورق ورائين اي دوست !

غزل

طارق عالم ابڙو

ڇو نِگاهُن جا پَيو ورق ورائين اي دوست !
ڇو نه نيڻن جي نديءَ ۾ ٿو سَمائين اي دوست !

ڇو نه بادل جِيئان برسين ٿو ڀلا منهنجي مٿان
ڇو ٽپهري جيئان هي وڻ ٿو جلائين اي دوست !

دل وساري يا ڇڏيو ياد ۾ تنهنجي ڌڙڪڻ
ڇو نه ٿو ساهه ڀري دل کي جِيئارين اي دوست !

هيٺ ڌرتيءَ جي نظارن ۾، مٿي تارن ۾
هر طرف تون ئي فقط تون ئي سُهائين اي دوست !

وقت به وقت کلڻ ۽ ڀري محفل ۾ روئڻ
ڇو نه ديواني کي دل سان ٿو لڳائين اي دوست  !

نه صحيح عشق محبت ، تنهنجي چاهت نه صحيح
ڇو نه نفرت جيئان دل ۾ ٿو سمائين اي دوست!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين


غزل
 
اياز امر شيخ

اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،
نه ئي مُحبتن کي ڪو ماري سگهياسين.

اُٿي درد درياھ پيو سُهڻيءَ جان ٻوڙي،
دلو دل جو مُرڪي نه تاري سگهياسين.

تمنا هُئي تاريڪين کي تڙڻ جي،
مگر اک ڏِيئي جي نه ٻاري سگهياسين.

خوشيءَ جي جسم تان ميرو گج غمن جو،
زمانا ٿيا نَه اُتاري سگهياسين.

اکين جي اڱڻ تي ڪُٺا خواب جيڪي،
اُنهن جو نه رت ڀي ڌُئاري سگهياسين.

سوين حسرتن سان ڀريل غرق ٿي جا،
نه سا ناوءَ آڻي ڪناري سگهياسين.





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/05/2013

مون کي اُلڪو ٿيو

حسن درس

ڪهڙي ڏسِ اُڏاڻو پنڇي
مون ۾ ڀڙڪو ٿيو
تنهنجا پير پنن تي پيئڙا
مون ۾ کڙڪو ٿيو
ڏور نديءَ ۾ چنڊ ٻُڏاڻو
مون ۾ ڇُلڪو ٿيو
تو کان تنهنجي پياري وڇڙي
مون کي اُلڪو ٿيو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي


نارائڻ شيام


نَئين آهي نِت ناز وارن جي ٻولي
نِگاهُن اَدائُن اِشارن جي ٻولي

مِٺي آهي ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ مِٺي آ
مِٺي آهي سچُ بيقرارن جي ٻولي

خِزان حالُ اوري ته ڪنهن ساڻُ اوري
سَڀيئي سِکيا جي بَهارُن جي ٻولي

مِٽيءَ جي ذرن جو ته ڪُجھ حالُ سَل توُن
ڏُکي ناهي سمجھڻ سِتارَن جي ٻولي

اَلا ! اِئين نه ٿِئي جو ڪِتابن ۾ پڙهجي
ته هُئي سِنڌُ ۽ سِنڌُ وارن جي ٻول



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>