امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/09/2013

ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري، روح منهنجي مان ڦٽي ٿي شاعري

غزل

جميل سومرو

ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري 
روح منهنجي مان ڦٽي ٿي شاعري 

نت نيون سوچون ٿي اوتي شعر ۾ 
سونهن لفظن جي لُٽي ٿي شاعري

خيال جا بارود بندن ۾ ڀري 
دُونَ دشمن جا چُٽي ٿي شاعري 

ڪا حسينا هت سماجي خوف کان 
روز نڙگهٽ ۾ گُهٽي ٿي شاعري

رات جو پوئين پهر جي سانت ۾
ڄڻ ستارا ٿي ٽُٽي ٿي شاعري

سوچ منهنجي صبح توڙي شام جو 
ذهن _ اُکريءَ ۾ ڪُٽي ٿي شاعري


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪبير ، ميران ، اياز ، نانڪ، پڙهيم جڏهن کان گيان گم آ



غزل

جميل سومرو



زمان گم آ مڪان گم آ 
اسان جو اڄ ڪلهه جهان گم آ 


ازل ابد ۾ ابد ازل ۾ 
وجود جو هر نشان گم آ 

ٻه چپ ڪونپل ڪچا ڪنول جا 
اکين جي آڏو ڌيان گم آ 

اڇاڻ انگ جي ڏسي اڀاميو 
اِڇا سان ريڌيو ايمان گم آ 

ڪنهن ڪامڻيءَ جا ٻه چنڊ اُرها
تڪن ٿا توڏي گمان گم آ 

ڪبير ، ميران ، اياز ، نانڪ 
پڙهيم جڏهن کان گيان گم آ



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڏيو قلم ۽ سياهي بندوق ڇا ڪندس مان


غزل

جميل سومرو

ڏيو قلم ۽ سياهي بندوق ڇا ڪندس مان 
آهيان امن جو مان راهي بندوق ڇا ڪندس مان

هن ڪلڪ سان او ڪانئر ! تنهنجا ٻه اڌ ڪندس مان
هر گيت تو لئه ڦاهي بندوق ڇا ڪندس مان

تو ساڻ سنڌ دشمن اکرن جي ويڙهه وڙهندس
شاعر به مان سپاهي بندوق ڇا ڪندس مان

ڌرتيءَ کي ڀٽ ڌڻيءَ جون آهن سدا دعائون
گڏ قوم سان دعا هِي بندوق ڇا ڪندس مان

ظالم کي موت ايندو آهي منهنجو عقيدو
ٿيندي تنهنجي تباهي بندوق ڇا ڪندس مان

هي جنگ جهد منهنجي رهندي سدائين جاري
پَٽبي ڪٿي نه ساهي بندوق ڇا ڪندس مان







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

منهنجي طبيعت شروع کان سنجيده کيچلي ٻار ٿي سگهي ناهي



غزل 

جميل سومرو

وَير تي وار ٿي سگهي ناهي
قوم بيدار ٿي سگهي ناهي

جيڪا ڌرتيءَ تي آجپو آڻي
سوچ سا تيار ٿِي سگهي ناهي

مان جي محبت ڪا ٿِي سگهيو ناهيان
هُو به ڪو پيار ٿي سگهي ناهي

کوڙ ڪوشش ڪيائين ڪَٽجڻ جي
پاڻ کان ڌار ٿي سگهي ناهي

منهنجي طبيعت شروع کان سنجيده
کيچلي ٻار ٿي سگهي ناهي

لوڪ رهڙيو لتاڙِيو هن کي
موٽ ۾ خار ٿي سگهي ناهي













مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/09/2013

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي

ڄام شوري جو پٿر

حليم باغي

سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،
ڄام شوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي،
ها! هتان جا سفيدا ٿا گھايو وڃن،
ها ! هتان موتئي جو ڪليون به کڻو،
هڪڙو گل مهر سندس چوٽلي ۾ هڻو،
هوءَ ڪيڏي نه سهڻي اٿس سوڀيا،
هوءَ جا پنهنجي خوابن جي آ ساڀيا،
هوءَ اسان کي ڏسڻ ڏيو شرم ٻوٽڙي،
جيڪا هٿ ڇا نظر سان ٺريو ٿي وڃي.
ڇا، چئون دل سان هوءَ ڪجهه ڪريو ٿي وڃي،
ڏينهن ڏٺي جا لٽيندڙ هٿيارن سان بلڪل،
اسان ڀي ٻڌا هن وڏا ڌاڙيوال،
مگر هو ڌاڙا هڻي ٿي دلين تي،
جو نظرن ئي نظرن ۾ ڌاڙا هڻي ٿي،
ملي ٿو نه سڳ،
هو جا مرڪڻي موهڻي ڇوڪري،
سا وڏن وينٽريڪلس ۽ آرڪيلس وچ مان،
سڌا سائينس وينوسس تي هٿ ٿي وجھي
مروڙي ڇڏي ٿي والو هرٽ(Valve Heart )  جا
هوءَ جا هر روز هڪڙي نئين ڍنگ سان،
دل جا در ٻيڪڙيل ٿي اکوڙيو ڇڏي،
ڏاڍن ڏاڍن جا ڇڪا ڇڏايو ڇڏي،
هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون،
جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي،
سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي،

ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/09/2013

گذاريـون پريشـان خــيالات وانــگر


غزل

ذوالفقار راشدي

گذاريـون پريشـان خــيالات وانــگر
يـا ويـران ويـران مـحـلات وانــگــر

اکين مان ٽمئون ٿا، ڳلن تي ڳڙئون ٿا
ســدائين ٿـــڌي بوند برســـات وانگر

جــتـي لـــفـــظ پــابـــند، آواز قــيدي
بـــهــشــت بــريـــن سـو حـوالات وانگر

اهــا ٻـــاٽ ڪـــاري، وڃــــڻ واري آهــي
هـــي آثــار اوڀــر ۾ پـــرڀـــات وانــگــر

ڪوئي جانِ عالم، اسان جو به هوندو،
اچـــي ڪـــوٽ ڊاهي، طلســـمات وانگر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/09/2013

تون سڄوئي وقت ٿي سامهون رهين، مان سڄو ئي وقت مصروف نظر

تون سڄوئي وقت ٿي سامهون رهين، 
مان سڄو ئي وقت مصروف نظر


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>