امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


09/05/2014

تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي

غزل

بخشڻ مهراڻوي

تنهنجون يادون ۽ هي اڪيلائي،
زرد شامون ۽ هي اڪيلائي.

بند ڪمرو ۽ تنهنجي فوٽوءَ سان،
تنهنجون ڳالهيون ۽ هي اڪيلائي.

چنڊ تارا، ڪَتيون نڪي چارا،
سڃ راتيون ۽ هي اڪيلائي.

دوست ٿياسين اسان ٽيئي آخر،
سمنڊ، آئون! ۽ هي اڪيلائي.

درد ڳوڙها ۽ بس رڳي ماتم،
رت ڇاتيون ۽ هي اڪيلائي.

ماٺ مٽي ۽ چوطرف قبرون،
سرد آهون ۽ هي اڪيلائي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/04/2014

پيار پنهنجي جو معجزو آهي

غزل

گلشن لغاري

پيار پنهنجي جو معجزو آهي،
پنهنجو ڪوئي نه هت رهيو آهي.

کيس مورک! متان ميارون ڏين،
بي اعتباري سندس شيوو آهي.

رک جنهن جاءِ اڄ اڏامي ٿي،
گھر اسان جو اتي جليو آهي.

نانءُ منهنجو ڀلي مٽائي ڇڏ،
نقش دل تان ڪڏهن مٽيو آهي؟

چنڊ تارا سمهي پيا آهن،
ديپ دل جو جلي پيو آهي.

مان نه چوندس مگر اهو ئي سچ،
لوڪ ساري سلي ڇڏيو آهي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/04/2014

لهر لهر ۾ لُڙهندو آهيان، توکي تارڻ ويل

غزل

 نماڻو سنڌي

جنهن کي ساري رئندي آهين، ڏيئڙن ٻارڻ ويل
ٿورو خيال ڪرين ها اڳ ۾، تنهن کي مارڻ ويل

ٻُسين ٻانهن ۾ ٿي ڦٿڪي، ياد ڏُهاڳڻ جي،
چوڙين جي ٿي ڇڻ ڇڻ ڳولي، پٽ ٻُهارڻ ويل

هي ته قصو هُن شخص جو آهي، تو کي هُن سان ڇا؟
تنهنجا ڀرجي ڳاٽ ويا ڇو،؟ ڳالهه پچارڻ ويل

يادن جي گرداب ۾ مون کي، هاڻ نه گهِلي هل
لهر لهر ۾ لُڙهندو آهيان، توکي تارڻ ويل

تنهنجي ياد به ڦَٿڪائيندي آ تڏهين مون کي،
جڏهن ايندي آهي مون وٽ ان کي ٽارڻ ويل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/04/2014

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين، مان نه رڳو



مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني

ڪافي

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نه رڳو،
تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي،
مهمان هزارين، مان نه رڳو،

ڪيئي گهايل تنهنجي گَهور سندا،
مخمور غفور سُرور سندا،
تنهنجي نور ظهور حضور سندا،
نگران هزارين، مان نه رڳو.

ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،
ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،
قربان هزارين مان رڳو.

تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گِري،
ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن ملائڪ حُور و پري،
حيران هزارين، مان نه رڳو.

ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر،
ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،
سوين در تنهجي تي دارا سڪندر،
دربان هزارين، مان نه رڳو.

ماهه لقا محبوب مٺا،
تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامنگير امير گدا،
سلطان هزارين مان نه رڳو.

دلبر پيارا ڪر نُور نظر،
تون ته سرور عالم جن و بشر،
تو تان قربان تارا شمس وقمر،
”مفتون“ هزارين، مان نه رڳو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/04/2014

محبت روح روڙيندي ، جلائيندي جواني آ



غزل

رخسانه پريت

اوهان جي مهرباني آ !
جو گذري زندگاني آ !

پڇين پيو دل جي ويراني ،
رڻن جي راڄڌاني آ !

اکين ۾ خواب ڪونهن ڪي ،
زوالن جي نشاني آ !

لهين جي پل پرين دل تان ،
اها ڀي بي ايماني آ !

وري پئه واٽ تان تو لئه
دلين ۾ جاٰء جاني آ !

محبت روح روڙيندي ، 
جلائيندي جواني آ !

اسان جي ئي ڪٿا ساري.
اسان جي ئي زباني آ ا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/04/2014

بي قراري قرار آ مون کي




غزل

 مسرور پيرزادو

بي قراري قرار آ مون کي،
ھيءَ خزان ڀي بھار آ مون کي۔

اڄ به تو لئه مري سگھان ٿو مان،
اڄ به توساڻ پيار آ مون کي۔

ڪُوڙ ڀي سچُ ٿو لڳي، توتي،
ايترو اعتبار آ مون کي۔

ھيءُ سنسار ڀل کڻو سارو،
کوڙ ھي منھنجو يار آ مون کي۔

ھڪ ڄڻو آھ ڪائنات سڄي،
ھک ڄڻو لک ھزار آ مون کي۔

سنگ مون سان جھانُ آ رقصان،
عاشقيءَ جو خمار آ مون کي۔

پاڻ سان مان ملڻ پيو چاھيان،
پانھنجو انتظار آ مون کي۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/03/2014

سرمدي گيتي منصور جو همنشان هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا

حليم باغي

سرمدي گيتي منصور جو همنشان هن جي نالي کان ڏڪندڙ منات ۽ عذا
هن سان لشڪر خزاني سان راڪش لڙيا هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا

هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي هن چيو ماڻهو ماڻهو آ يزدان نه آ
سر خدا جي اڳيان جو جھڪي سو جھڪي ٻيو پرستش جي لائق انسان نه آ

هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌهل اهل_تسبيع به ها اهل_تقوا به ها
بت پرستي سان اٽڪڻ جي جرت نه هئي اهل_منسب به ها رڻ جا جوڌها به ها

هڪڙو مرد_قلندر صفا ناتوا جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليرون هئي
جنهن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند ها جان تانن جي تيرن سان سيرون به هئي

هن جي للڪار سان لرزيا بت قدا چنڊوخانن جي چانٺ به ڌڏڪڻ لڳي
ڪن ته سجاد پوشن جا پٽڪا ڏريا دل فقيرن جي پيرن جي ڦٿڪڻ لڳي

اي مسند نشينو گھڻو هي ٿيو هاڻي درگھائون تڪيا به خالي ڪريو
ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي ان جي بهيجي ۾ گانجيا نه آفيم ڀريو

لاڙ تنهنجي لٽيل سينڌه لٽبي رهي ڪاله جليو ٺٽو اڄ ڪلاچي به وئي
اڄ تماچي جي تڙ تان مهاڻا تڙيا اڄ آميءَ پاپيءَ جي ميت اٿي

اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون_ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ
تنهنجي اوڇي روش جي نه پرواه اٿم خون_عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙه ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ
هڪ بلاول هيو جيڪو ڪٽجي مئو هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>