امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


07/02/2015

ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين!



ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين!

عبد الحڪيم ارشد

منهنجي دل تــي هـٿ ته رک،
مـون کـي ڪـوئي ڏڍ تــه ڏي!
ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين!
منهنجي سامــهون سهـڻا سائين!
مـرڪـي مــون ڏي يــار نـــهـار،
مـــاري جــــياري، مــــاري جــــيار!
مون سان پنهنجــا نــــيڻ مــلاءِ،
منهنجي جـيءَ ۾ جـــهاتي پــاءِ!
آءُ اڃــــــــــــا ڀـــــــــــي اوري آءُ!
آءُ اچـــي ڏس دل جــــا گـــهاءَ!
مون کان منهنجو حـال تـه پڇ!
زهــــر حـــياتــي بــــنجي ويــــئي،
توکان پوءِ ڇا ڇــا ٿـي گـــذريو،
جواني جلــندي گـــذري ويـــئي،
هــر شيء منهنجو ساٿ ڇڏي وئي،
مون سان منهنجـــا ســـور هــئا،
رئـندي رئندي راتــيون گهاريــم،
جــڏهــــين تنهنجــــا پــور پــــيا،
شــــاعر جــي دل ســــاز مــــثل،
جـنهــن جي هر هڪ تار ٽٽل،
تـــــــــــــارن ۾ آواز ســـــــــــــتل،
روح ۾ ڄـڻ ڪو راز ســـــتل!
گـيت ائــين ڇـو گهٽجـن پــيارا،
دل جــون تـــارون ڇـــيڙي ڇـڏ!
پنهنجـــــا نازڪ نازڪ هـــٿڙا،
منهنجي دل تــي ڦـــــيري ڇــڏ!
سـالـن کان پــــيو روح ســـــڙي،
مــون کي تنهنجي ڇـانءَ کـــپي،
منهنجي دل تــي هـٿ ته رک،
مـون کـي ڪـوئي ڏڍ تــه ڏي!
دل جــــي اڃايــــل ڌرتـــي تـــي،
بـــــادل بنجـــي بـــرســــي پـــــئو!
ورهــين کــان پــوءِ آيــو آهــين،
اڄ رات اتــي ئــي ترسـي پــــئو!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/02/2015

مان دل وندرائڻ لاءِ ڀلا، توڏي نه اچان ٻيو ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

نظام زائر

مان دل وندرائڻ لاءِ ڀلا،
توڏي نه اچان ٻيو ٻيو ڪنهن ڏي وڃان
ڏسي مونکي ڌڪاري ٿي دنيا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

هر ويڄ ويو آ مون کي ڇڏي
پر ساهه سڄڻ توکي ٿو سڏي،
تون ئي ته آن منهنجي دل جي دوا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

دنيا ۾ ته سهڻا کوڙ آهن
پر تنهنجي نه جاني جوڙ آهن،
تنهنجي نه ڀري ٿو ڪوئي به جا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان

زائر جا جڏهن ٿا نيڻ ٽمن
هي حال ڏسي ماڻهو ٿا کِلن،
ان وقت ڏيان ٿو توکي دُعا
توڏي نه اچان ٻيو ڪنهن ڏي وڃان





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/02/2015

غزل جڏهن به لکڻ لاءِ دل گهريو هوندو, اوهان جو درد اندر ۾ ٻڏو تريو هوندو

غزل 

محمد علي پٺاڻ

غزل جڏهن به لکڻ لاءِ دل گهريو هوندو
اوهان جو درد اندر ۾ ٻڏو تريو هوندو

اسان جا نيڻ اهو پيچرو پسي نه سگهيا
قدم جنهين تي اوهان قرب مان ڌريو هوندو

جڏهن به گهٽ کان پوءِ واءُ ڪو گهليو هوندو
اوهان جي ياد جو ڪو ئي ته پن چُريو هوندو

سکن جي سوجهري جا خواب جنهن ڏٺا هوندا
غمن جي گهُگَهه ڏي واپس نه سو وريو هوندو

اسان جو پهر اوهان کان سوا نه ٿو گذري
اوهان جو سال اسان ريءَ ڀي سريو هوندو​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/02/2015

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾

حليم باغي​

اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀاڻ ۾

نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪارو وان وقت نا مهربان ۾

ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾

وري جي ولوڙن منجهائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾

هو هالار جا پٽ هوُ مياڻي هوُ ٽلٽيءَ
اسان جيون نشانيون سڄي گلستان ۾

اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾

ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾

ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/01/2015

لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو، نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو

غزل

ڪوثر ٻرڙو

لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو
نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو

بن بن ۾ ڀٽڪي پرين پنهنجو ڳولي
مگر پاڻ ان ۾ وڃايل رهي ٿو

آهي دل اسان جي يا سنڌ جي آ ڌرتي
ايڏو درد جنهن ۾ سمايل رهي ٿو

اسان جي ته دل جي صحن ۾ سدائين
تڏو درد غم جو وڇايل ملي ٿو

صنم ساڻ ملبو سڄو راز سلبو
دنيا کان جو دل ۾ لڪايل رهي ٿو

مسيحائي ڪنهن جي ڪندو ڪهڙي ڪوثر
هو خود جيڪو جڳ جو ستايل رهي ٿو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/01/2015

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان

اُستاد بُخاري

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان
افسوس زندگي هڪ، پورو نه ٿو پوان مان

هُو وقت ٿو سڏي پيو هي يار ٿو اچي پيو
بيهان وڃان ، ڪريان ڇا، بيٺو ٻُڏان تران مان

هِي قوم پئي ٿي ڦٿڪي، هِي دل به پئِي ٿي تڙپي
هن قوم تي رُئان يا هن حال تي رُئان مان

مظلوم ٿو پُڪاري محبوب پيو نهاري
ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان ، ڪيڏي ڊُڪي وڃان مان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/01/2015

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا، مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾

غزل

شيخ اياز

جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾،
ڪالهہ کان ڳالهہ سا، آهہ انسان ۾.

آءُ زنجير پائي به آزادهان
تون ته ظالم سدا آهين زندان ۾.

مون نه ڄاتو هيو، چنڊ چارڻ به آ
چاندني راڳ آ، رات سنسان ۾.

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾ !

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾.

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو، هن بيابان ۾.

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>