صوفي غمدل فقير
محبوب ناز پرور، رخسار تنهنجو ڪافي،
دارون درد ڦٽي جو، ديدار تنهنجو ڪافي.
هي دانهن مئي جي، دلبر سڻ دوست دلربا،
دلگير کي دلاسو، دلدار تنهنجو ڪافي.
رخ ماهتاب تنهنجو، نيڻن روشن نظارو،
ابرو سندي عبتن مان، انوار تنهنجو ڪافي.
هڪ خال مٽ ڀانيان- لک لعل بدخشان،
يوسف سونهين نه ثاني، سينگار تنهنجو ڪافي.
سڀ حال تو کي معلوم- ڇا بيان چوان درد جو،
مشتاق ساڻ ميلو- منٺار تنهنجو ڪافي.
حسن وارا هزاين- سهڻا سڪن ٿا تولئِه،
هر دم درشن تن کي- درڪار تنهنجو ڪافي .
“غمدل” سدا اداسي- گلزار تو چمن ۾،
گلشن منجهان هڪ گل جو- خوش بهار تنهنجو ڪافي.
