غزل
علي زاهد
ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي،
ڪُونڀٽن سان گڏ نچان، برسات پئي.
مسڪرائي ٿر سڄو، امبر سڄو،
مور جي کنڀن مٿان برسات پئي.
بادلو، هڪڙو ڪڪر ترسائجو،
هُوءَ نڪري جئن گهَران، برسات پئي.
عشق ۾ هوءَ راڳڻي، مان تانسين،
نانءُ هُن جو جي وٺان، برسات پئي.
مور چونري تان ڏئي ڀڙڪو چيو،
ڪو ڪڪر ڳولي اچان، برسات پئي.
ڪو ته ڪارونڀار کي ريڙهي اچي،
رُڃ کي ويڙهي رکان، برسات پئي.
ڄڻ پٿرجي هِن ويون زاهد اکيون،
سال گذري ويا منجهان برسات پئي.





