امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


24/06/2015

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي



غزل

علي زاهد

ڀِٽَ تي سارنگ لکان، برسات پئي،
ڪُونڀٽن سان گڏ نچان، برسات پئي.

مسڪرائي ٿر سڄو، امبر سڄو،
مور جي کنڀن مٿان برسات پئي.

بادلو، هڪڙو ڪڪر ترسائجو،
هُوءَ نڪري جئن گهَران، برسات پئي.

عشق ۾ هوءَ راڳڻي، مان تانسين،
نانءُ هُن جو جي وٺان، برسات پئي.

مور چونري تان ڏئي ڀڙڪو چيو،
ڪو ڪڪر ڳولي اچان، برسات پئي.

ڪو ته ڪارونڀار کي ريڙهي اچي،
رُڃ کي ويڙهي رکان، برسات پئي.

ڄڻ پٿرجي هِن ويون زاهد اکيون،
سال گذري ويا منجهان برسات پئي.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

واحد وسائينس، آھون عالم جون سڻي

مصري شاه​

واحد وسائينس، آھون عالم جون سڻي.
موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس.
وسائي واٽن تي اوڀڙ اڀائينس.
صاحب ساري سنڌ تي بادل برسائينس.
برڪت وجهي بحر ۾ هرجا هلائينس.
هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس.
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس.
هون سدائين هِتهين رب تون رهائينس.
"مصري" ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/06/2015

ڪاريون ڪٽاريون هن اکيون

غزل

ياسر منگي

ڪاريون ڪٽاريون هن اکيون
ڪيڏيون ته پياريون هن اکيون

تشبيهه تن کي ڪيئن ڏجي
جڳ کان نياريون هن آکيون

موهي وجهن هڪ ديد ۾
ڪيڏيون سگهاريون هن اکيون

دنيا تپايو آ وڏو
تو ئي ته ٺاريون هن اکيون

خاموش ٿيو اي حسرتون!
مس مس سمهاريون هن اکيون

تنهنجي اچڻ تي ديپ جان
رستي ۾ ٻاريون هن اکيون


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سج اڀري ، تاءُ ڪو جاڳي پوي

غزل

ڊاڪٽر خادم منگي 

سج اڀري ، تاءُ ڪو جاڳي پوي ،
برف مان درياءُ ڪو جاڳي پوي .

هِي ٺلهي دانشوري گهرجي نه ٿي ،
ڏِس ! متان داناءُ ڪو جاڳي پوي .

رات جي سيني ۾ ڪو نيزو هڻي ،
سج جهڙو گهاءُ ڪو جاڳي پوي .

تون ته لوليون ڏئِي سمهاريندين وتين ،
مان چوان ٿو ماءُ ! ڪو جاڳي پوي .

هيسيل هن ٻاگهِيون هن دور جون ،
ڇو نه دودو ڀاءُ ڪو جاڳي پوي .

ڪا چمِي گلنار جان ٽڙندي ضرور ،
چاهتن جو واءُ ڪو جاڳي پوي .


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/06/2015

گيتُ مڌر ڪو ڇيڙي ويٺو


غزل


منير پنهيار

گيتُ مڌر ڪو ڇيڙي ويٺو
دل جا زخم اُڊيڙي ويٺو

پنهنجون خوشيون ارپي ٻين کي
دردَ جهان جا ميڙي ويٺو

هو ڏس تنها تنها ماڻهو
جيون سان جنگ جهيڙي ويٺو

دل ۾ درد هزارين, پوءِ ڀي,
مکَ تي مُرڪَ پکيڙي ويٺو

ٽٽل دل جا ذرڙا ذرڙا
روئندي پاڻ سهيڙي ويٺو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/06/2015

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾

غزل

روبينه ابڙو

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾،
سهسين گل ٽڙي پيا منهنجي ٽاريءَ ۾.

آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي
مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾.

ٻُوڙي ۾ ها ماڪ ڦُڙا هن جي مُک تي،
رنگ سوين ڄڻ جرڪي پيا ها ڪاريءَ ۾.

جوت اکين ۾ جرڪِي جگنو جاڳي پيا،
ٻارن چنڊ ڏٺو ٿي رات تغاريءَ ۾.

عشق جو سارو تاڪيو ٿي ويو بي ڪارج،
تنهنجي بي ڌيانيءَ جي هڪڙي گهاريءَ ۾.

پيار سدائين دوکي جي آ دار چڙهيو،
ٻاجهارو مون روپ ڏٺو هو ماريءَ ۾.

نينهن جي مينهن ڀِڄائي آ هيءَ ڀونءِ وري.
ڦول ڦٽي پيا اوسيئڙي جي ٻاريءَ ۾.




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/06/2015

تـــو ســـوا ٻـيـو جنم دل مڃي ئي نه ٿي،


غزل

علي زاهد

تـــو ســـوا ٻـيـو جنم دل مڃي ئي نه ٿي،
دلبــريءَ جـو قسـم دل مـڃـي ئـي نه ٿـي.

گـفـتـگـوءَ تـي پـئـي بــرف آ مــاٺ جــي،
ڪـو ڀــُريــو آ ڀــرم دل مڃـي ئــي نه ٿــي.

هـي اسان جون اکيون ۽ وکون تنهنجي لئه،
ٻـي ڪـا راھ و رسـم دل مــڃـي ئي نه ٿي.

دل جـلي مـون پَـلِـي پـر پـليـان ڪيتري؟
آ وڇــوڙو وهــم دل مــڃــي ئــي نه ٿــي.

ڪيئن چوان سوچ جون آڱريون هِنِ وڍيون،
سِـر قـلـم ٿـيـو قــلـم دل مـڃـي ئـي نه ٿي.

ڪـائــنــاتــون ســڄــون پــرتوو يار جو،
بُـتـڪـدي ۾ صـنـم! دل مـڃـي ئـي نه ٿـي.

يـار زاهــد! ڦِـريـو در پـريـنءَ جي پُڄين!
ٻِـي ڏِسـا ڏي قدم دل مڃـي ئي نـه ٿــي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>