امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


05/10/2015

گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا

غزل

وسيم سومرو

گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا،
رنگ آهن اُجهاڻا نه سنسار جا.

او مِٺي! مُرڪندڙ نيڻ پنهنجا کڻي،
ڪجهه ته انداز ڏي سُونهن سينگار جا.

نيٺ ڪهڙو سفر، هُو پَريان پيو سڏي،
ورق سارا ٺپي، جيت ۽ هار جا.

روشني هيءَ اُڏاميو اچي پئي ڪٿان،
وار کوليا وري ڇا سکيءَ سار جا.

تون به سُر جي سفر ۾ ڏيئو ٿي ٻرين،
رنگ تون جي ڏسين تڙپندڙ تار جا.

چنڊ مُرڪي مڇيءَ جيئن ڏٺس پئي مٿان،
ڪنهن مُهاڻيءَ ڇڪيا پئي سِرا ڄار جا.

هاڻ ڪهڙيون ميارون وسيم ڏيان!
سڀ قبولي ڇڏيا مون سٺا يار جا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا

غزل

مقصود گل

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا،
کلئون ملئون ٿا مگر اکين ۾ هزار آگم کنيون وتئون ٿا.

نظر گلابي ڏسي ته دل ٿي، رباب ڇيڙي ثواب سمجهي،
دکم دکم ته به سرور سمجهي، سرود سرگم کنيو وتئون ٿا.

حُسين جو غم سرير ۾ آ، دکي دکي دل جهڄي پوي ٿي،
عَلمُ قلم جو بلند آهي، نگاهه پُرنم کنيون وتئون ٿا.

نشو نظر جو نظر ۾ آهي، اکين مان اوتي پيئون، پيئاريون،
خمار مئي جو لٿو نه آهي، دليل دم دم کنيون وتئون ٿا.

حريص محفل نه راس آئي، عميق الفت رکئون اکين تي،
گلن سان پنهنجي عجيب عقيدت، شفيق شبنم کنيون وتئون ٿا.

محبتون جو ونڊي ورهائي، اهو اسان جي ونين ۾ ويهي،
ڪدورتن کي ڪٽي هميشه، پيار پيهم کنيون وتئون ٿا.

اکين ۾ سنڌو، اندر ۾ آتش فشان دک جو ڌڄي پيو ٿو،
دکن سکن جو اندر ۾ پنهنجي، عجيب عالم کنيون وتئون ٿا.

اکين رکي ’گل‘ چمون گلن کي، گلن مثل ٿا وفا ورهايون،
ڀلي هوا کان پڇي ڏسي ڪو، هڳاءُ هردم کنيون وتئون ٿا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سانوري اي ڇوڪري! واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ

پُنر جنم

علي آڪاش

سانوري اي ڇوڪري!
واهه جو اڄ تو مالهايو رنگ منچ
تو ڪلا سان اڄ سڄي محفل لُٽي
مون ڏِٺو توکي سڃاتو
تون دراوڙ ديس جِي دلبر نشاني
ڪي هزارين سال ٿيندا، جو اِها
پاند ۾ اتهاس جي
سوگهي ٻَڌي ويئي هئي
نسل ۾ تون آرين کان اڳ جِي 
تون ته ويدن ۽ پُراڻن کان پُراڻي
اڄ به راڻي آهه تنهنجو
ڳوٺ موهن جو دڙو
سي وڏا تنهنجا هئا
ڏاند گاڏيءَ جا ڌڻي
ٿِي وسُنهه جا واهرُو ويهي رهيا
ڀونءِ هيءَ جن سان بڻي
ويس پهريون جن اُڻيو هو ائٽ تي
جن مڇين جي ريس تي ٻيڙي هئي
ڪاٺ مان ڪوري ڪڍي
سِڙهه ڪيو جڏهين سِڌو
ان مٿان پنڇي اڇو ويٺو اچي
ڪڻڪ جو جن فصل پهريون
پوکيو ۽ ڳاهيو
اَن جون جهوليون ڀري
جن عقيدت مان ڏنيون درياهه کي
پيار جو پورهيو ڪري
جن رکيو هو جيئرو
تهذيب جي ويساهه کي
چنڊ واريءَ رات ۾
جي گَهران نڪري وڏي ولهار ۾
دائري ۾ ويهندا ها
۽ سڄي سنسار جي تخليق وارو
”ٿِي پوڻ“ جو ڳُجُھ کوليندا ۽ ويڙهيندا هئا
زندگيءَ جي راز کي
پاڻي، مٽي، اگني، هوا_
عنصرن جي اک سان ڏسندا هئا 
رات جي پوئين پهر
سوچي جڏهن ٿڪبا هئا
هٿَ تَرين ۽ سِر مٿي
ڏيئڙا ٻاريل رکي
سرخ سنهڙي ۽ ڍِلي ملبوس ۾
اي نرتڪي ايندي هئينءَ
ڇير جي ڇم ڇم کڻي
جسم جو سرگم کڻي
ويڙهجي ويندي هئي
رقص جي رومال ۾ ڪل ڪائنات
ڏيئڙي جي لاٽ جهڙا
جيءَ سارا بي ثبات
مڌ گهاٽيءَ جا وٽا پيئندا هئا
هوش هاري مست ٿِي جيئندا هئا
ناچ تنهنجو اوج کي رسندو هيو
گُهنگهرو ٽٽندا هئا
ڏيئڙا جھٽڪا ڏئي اُجھندا هئا
ان گھڙيءَ سڀني دلين مان
لار دونهين جي اُٿِي
هير جي آغوش ۾ سُمهندي هئي
تنهن گهڙي نينگر افق جِي
سجَ جو جھومر سجائي نرڙ تي
لولاڪ جي کيڪار لئه
منتظر هوندي هئي
جيئن منهنجو منُ تولئه منتظر
آنءُ ڄاڻان
جُوڻ ٻي هيءَ آهه تنهنجي
تون اُهائي نرتڪي
جي نه توکي اعتبار
تو اڳيان هيءُ ريشمي 
رومال ٿو کولي رکان
ڏَس ته هي گهنگهرو ٽُٽل ڪنهن ڏور جا
هُو ته ڏِس هُن تاڪ تي
ڪو اجھاڻيل ڏيئڙو
پاڻ ۾ وِجُھ ليئڙو
ڪجھ ته توکي ياد ايندو
ڀاڳ چئبو
پاڻ جنمن کان جُڳن کان پو هِتي
هِن شهر ۾ آهيون مليا
ان کان اڳي جو اڳ جيان وڇڙي وڃون
سهسين صديون ٻيهار اوجهڙ ۾ ٻُڏون
اچ دراوڙ ديس جي ناتي وري
پرچي پئون
آءُ اڳتي پيچرا اتهاس جا
گڏجي گُهمون
هڪ ٿي وڃون.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسين پرديس جا پنڇي، رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾

نظم

علي آڪاش

اسين پرديس جا پنڇي
رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾
جتي ديرا به اوڌارا
ته آکيرا به اوڌارا
سويري ساڻ ئي بي انت اوجاڳا
کڻي بي خواب اکڙين ۾
وڃون ٿا ڏور ڍورن ڏانهن
جتي ڪوئي نه ڪنهن جو آ
جتي پنهنجو پرائو آ
اسان جي چهنب ٿي چاهي
ٻه ـــ ٽي موتي چُڳڻُ چونڊڻُ
سڄوئي ڏينهن لوڙيون ٿا
سڄي ڇاڇر ڇڇوليون ٿا
پتڻ تي جئن سُري سانجهي
ٻه ـــ ٽي ڪارا اڇا ترڇا
کڻي ڪنڪر ڪنارن جا
لتاڙيل واءَ تان وهندي
پڄون ٿا روز آکيري
جتي اونداههَ آڳانجهي
کنڊيري کنڀ ساهيون ٿا
ته پنهنجي ديس جا اُڌما
اُٻڙڪا اوچتو ڏيئي
اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ مان
ڦٽن ٿا گرم چشمن جان:
ڀنيءَ جي بيد مشڪن جي
کَٽي خوشبوءِ جون ڳالهيون
سموري باغ سان اوري
اُڏڻ آڪاش ۾ آزاد مستيءَ مان
ڪَڙن جا ڇانورا گهاٽا
تتيءَ جي ويل ساين چُهچ ٽارين ۾
ڪنهين جي چهنب سان چهٽڻ
رسڻ پرچڻ
کِلڻ کيڏڻ
ٺري جئن ڏينهن اُڏرڻ ۽
لهڻ ڪن اڻ ڏٺل اڱڻن مٿان
اِهي رولاڪيون
بي باڪيون
آڻيون ڪٿان؟
ماڻيون ڪٿان؟
هِتي هِن ديس تنهنجي ۾
جتي هر ساههُ قرضي آ
سندي ڪائي نه مرضي آ
جتي ٻرندڙ جوانيءَ جا
پوتر پل وسامن ٿا
ته لاحاصل سندو احساس ٻوڙي ٿو
ولوڙي ٿو
لڳي ٿو ايئَن وينداسين
ڇڊيءَ ڪنهن ڇاڇ جان بنجي
اسين پرديس جا پنڇي.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/10/2015

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي

غزل

احمد ٽالپر

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي،
تو بنا جا ملي سا خوشي ڇا ڪبي.

آس جيڪا بدلجي نراسا ٿئي،
سا اجائي اندر ۾ رکي ڇا ڪبي.

جنهن ۾ تصوير تنهنجي نظرجي نه سا،
درسني دل ۽ اک آرسي ڇا ڪبي.

رُت بسنتي نه ڪا مُند ملهاري مٺا،
تو بنا چيٽ يا ڪا ڪَتي ڇا ڪبي.

تنهنجي درشن بنا دل جي درمان لئه،
ڪا دوا، ڪا سُتي يا ڦَڪي ڇا ڪبي.

جنهن ۾ ميڙو نه توساڻ ممڪن هجي،
سا حياتي پرينءَ! پوءِ ڊگهي ڇا ڪبي.

ڪيڏي نعمت کڻي ڇو نه جنت هجي،
پنهنجي ”احمد“ بنا سا وٺي ڇا ڪبي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو

غزل

آثم ناٿن شاهي

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،
دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.

پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،
رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.

ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،
لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.

جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،
اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.

هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،
سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.

جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،
قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.

ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛
پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها

غزل

احمد ٽالپر

ڪي ڏينهن بهارن جا، مَن موهه نظارا ها،
اک ڇنڀ ۾ ويا گُذرِي پَلَ ڪيڏا پيارا ها.

لوڙهي ويون آشائون، حالات سنديون ڇوليون،
روڪي نه سگهيا تن کي واريءَ جا ڪنارا ها.

غلطي هُئِي ڪجهه هُن جِي، مون کان به خطا ٿي وَئِي،
بَرسِي پيا ڪي بادل، اُڌما به اُڃارا ها.

جذبات وچان شايد، ڪي لفظ چيا ويا ها،
سوچيان ٿو اُهي ڪنهن کان، هُن ورتا اُڌارا ها.

سُنهَه، ساٿ نوان ناتا، جُڳَ جُگَ ۾ نڀائڻ جا،
ويا قول اُهي ڪاڏي، جي ساههَ سَهارا ها.

لشڪر جِي لَتڙ وانگر، ارمان لَتاڙيا ڪنهن،
ٿيو چنڊ ڏِسِي هيڊو، سُڏڪِي پيار ستارا ها.

ڪنهن واٽ وڃايل جانُ، ڀٽڪن ٿيون سڀئي سوچون،
ها شام سندا پاڇا، يا پيار پنارا ها.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>