امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


20/11/2015

سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي

غزل

شيخ اياز

سخي پيا کي ملين ته چئجانءِ ته چاندني تو سواءِ نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ ڇوته ٻي رات ڪانه ٿيندي

ڪڏهن به تو تي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي

پکي پروڪا اڃان نه آيا اُڪير تن جي هُلي رهي آ
اداس سر تي هوا اُٿي ٿي چوي پئي ڪا اڏار ٿيندي

هي ديپ دونھاٽجي ڪڏھن نا لا ٽ جي لاٽ شال جرڪي 
پرهه پري آ پتو نه آهي هي رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي

پرارتي ڪا پڪار آهي مگر اڳيان تک تار آهي 
ڪٿي اسان جي پڪار آهي ”اياز“ کي ڪيڏانھن ناو نيندي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي


غزل

غوث پيرزادو

ڪير آهي ڪک نه ٿو توتي سهي
توسوا هي ڪونه ٿو ڪنهن سان ٺهي

هي صدين کان ٿو تڪي آڪاس ۾
واءُ جو جهوٽو اجهو ڄڻ پتو لهي

ڪنڌ ورائي ڀي نه تو مون ڏي ڏٺو
برج هينئڙي_ ڪوٽ جو پيو ٿو. ڊهي

منهنجي اندر سوڳ جو منظر رڳو
ڪير مون ۽ سڌڪندو ئي ٿو رهي

طاق تي ٻاري ڏيئو پيئينءَ سمهي
ڪو هوائن ۾ ڀلا ائين سمهي

ڇو ڀلا جهولي جهليون بيٺو هجان
ڇو ڀلا هو مسلسل مون تي بهي

ڪر ڀلا آزاد گهايل روح کي
ڪيترو هن کي کڻي جيون ڳهي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

19/11/2015

اسانجو عشق هي آخر، غلامي کي ٿڏي وجهندو



اسانجو عشق!

حسن درس

اسانجو عشق هي آخر،
غلامي کي ٿڏي وجهندو،
اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟
اسان جي محبتن جو ،
مک مهانڊو ڪيئن هجڻ گهرجي،
اسان کي هن هوا تي،
پير ڏيئي ڪيئن هلڻ گهرجي،
اسان جو سور ڇا آهي،
انهي کي ڪيئن سلڻ گهرجي،
اسين پنهنجي وڇوڙن جي به،
ڪريون وارثي ويهي،
اسين پنهنجي ملڻ جي،
مالڪي به خود ڪريون بيهي،
اها مرضي اسان جي آ،
اسين ڪيئن ٿا ملڻ چاهيون،
رسڻ تي ڪيئن ٿا روئون،
۽ خوش ٿي ڪيئن کلڻ چاهيون،
اسين پنهنجي محبت جي،
سدا نرمل نشانين کي،
ڀلي مهنگو ڪري ڀانيون،
ڀلي سستو ڪري سمجهون،
اسين پنهنجي حياتين جا،
ڪريون ته فيصلا ڪهڙا،
اکيون ڪيئن ٿا ڍڪڻ چاهيون،
اسين پنهنجي اداسين جون،
ڳليون ڪيئن ٿا گهمڻ چاهيون؟!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

13/11/2015

سڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين



غزل

اختر درگاهي

سڃ رستن ۾ ڀي شهر ٿو لڳين
اي پرين ! باک جو پهر ٿو لڳين

زندگيءَ جي ڏُکي سفر ۾، بس
تون ئي آهين جو همسفر ٿو لڳين

ڪيڏو گم سم آهين خيالن ۾
ميڻ آهين مگر پٿر ٿو لڳين

ڪيئن توکان ڀلا ڊڄان آخر
آنءُ سقراط تون زهر ٿو لڳين

آنءُ پياسو ٿو رهان ٿر وانگي
۽ تون سانوڻ جو ڄڻ ڪڪر ٿو لڳين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/11/2015

وري نه در تي اچون، پر صنم سَري ئي نٿي،


غزل

نثار بزمي

وري نه در تي اچون، پر صنم سَري ئي نٿي،
اوهان جي بي رُخي دل تي اثر ڪَري ئي نٿي.

وَسايون مينهن جيان ٿا اکين منجهان پاڻي،
اوهان جي عشق جي آتش مگر ٺري ئي نٿي.

الئه ته ڪهڙي خطا ڪئي اسان آ قسمت جي،
اسان مٿان ته رحم جي نظر ڌري ئي نٿي.

مصيبتن سان لڙي ٿا سگهون اسان ”بزمي“،
انهيءَ ڪري ئي مٿان هڪ نه ٻِي ٽري ئي نٿي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/11/2015

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس



ڪافي 

مخدوم امين فهيم

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
انهي رمز سان روح ريجهائينديس.

جيڪي چار گهڙيون گهاريون اٿم
تو وساري ڇڏيو نه وساريون اٿم

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،
تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ

تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي،
جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي،

منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،
نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون

وڃي ويهي رهئين مونکان ڏاڍو پري،
تون ”امين“ ٿي اچ نصاف ڪري،
ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم.
مان ته پنهنجي پريت پچائينديس.

تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ.
توسان ناتو نيئي نڀائينديس.
تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي
اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.

ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون،
ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.
تنهنجي ويئي سري، منهنجي ڪيئن سري.
ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

08/11/2015

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي



غزل

عبد الغفار تبسم

ساوڻ آيو ساجن سائين ! موٽي آ تون ماڳن تي
ڇانوِر وانگر ڇانيل آهين، خوابن خيالن تي

ڪارن ڪارن ڪڪرن وانگر رِم جهم رِم جهم نيڻ هي منهنجا
بَرسي پوندا چُپ ڪيئن رهندا ! ايڏن گهاون تي

ماڻهو پُڇندا آهن مونکان مُنهنجو جيون ڪيئن ٿو گذري
روئي ويهندو آهيان سائين اهڙن سوالن تي

چرين وانگر پنهنجي ليکي هيڏي هوڏي ڦِرندو آهيان
ڇِرڪي ڇِرڪي پوندو آهيان پنهنجي پاڇولن تي






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>