امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


19/02/2016

سپنا ته ٿين ئي سپنا


سندر سپنا

ارم محبوب

سپنا ته ٿين ئي سپنا
پر جي ڀلجي
ڪڏهن ڪو سپنو
سچ بڻجيو وڃي
ته به الائي ڇو
اهو سچ
من کي
ڪنهن سندر سپني جيان
لڳي ٿو



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ماٺ جڏهين به ڳالهائي ٿي اکر اکر ڄڻ سمجهائي ٿي


ارم محبوب

ماٺ جڏهين به ڳالهائي ٿي
اکر اکر ڄڻ سمجهائي ٿي
اونداهه به سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي پر
ڪيڏا راز لڪائي ٿي
نيڻن جي بندر تي خواب ڪي لاهي
رات ته پاڻ ملهائي ٿي پر
آڳ اندر ۾ هر هر ٻاري
ڪيڏو جيءَ جلائي ٿي




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو


غزل

ايوب کوسو

ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو
اسان وحشتن جي زمانن ۾ گھاريو

ٻري جيئن ڪو ڏيئو اڪيلو مندر ۾
ائين ئي اسان قيد خانن ۾ گهاريو

اُھي ڇا ته سمجھي عذابن کي سگھندا
جنين وار ڇوڙي مڪانن ۾ گھاريو

کڄيون آڱريون ۽ اکيون هن عجب مان
اسان هر قدم تي نشانن ۾ گهاريو

هجي ڪائي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌايون 
اکين سوڳ جي آ جهانن ۾ گهاريو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/02/2016

ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا

غزل

اياز جاني

ٺوٺ ڌرتي هئي، ذهن بنجر هئا
وقت ور ۾ لڪايا ڪي خنجر هئا

اڄ انهن کي سڃاڻي رڳو خاڪ ٿي
مون اڳيان جرڪندا جيڪي منظر هئا

رات پارو ڪريو جهوپڙين جي مٿان
بي خبر ننڊ ۾ سڀ پڪا گهر هئا

لپَ حياتي ملي، ٻُڪ ۾ داڻا مليا
خواب جهڙين اکين ۾ ڪبوتر هئا

هُو رتو رت اڏاميو پئي اڀ ۾
مون ڏٺو هيٺ هن جا پيا پر هئا

ڪو به دودو، بلاول نه هوشو هئو
سڀ چنيسر هئا , جيڪي رهبر هئا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/02/2016

نه هٿڙن سان چهرو لڪائي او سهڻا

غزل

اعظم ڀٽي

نه هٿڙن سان چهرو لڪائي او سهڻا ،
اسان کي نه هر هر جلائي او سهڻا.

اسان يار عاشق ازل کان توهانجا،
ڇڏيون ٿا توهان کي ٻڌائي او سهڻا.

غضب جي ڏکڻ هير هئه هئه لڳي آ،
پئي پيار دل ۾ دُکائي او سهڻا.

ڳراٽي به پائي گلي لڳ اسان سان ،
اچي دل اسان سان ملائي او سهڻا.

سمورو ته جيون ڪري گھورَ سنڌ تان،
سدا نينهن ناتو نڀائي او سُهڻا. 

هجي شال آباد ”اعظم“ هي سنڌڙي، 
دُعا هيءَ لبڙن تي آهي او سهڻا.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اُڃايل اکيون ، هي سُڄايل اکيون!

وائي

 اعظم ڀٽي

 اُڃايل اکيون ، هي سُڄايل اکيون! 
پرين ڇو ته آهن ؟ 

اندر آرسيون هِي بڻايل اکيون ! 
پرين ڇو ته آهن ؟

 شرابي اکيون ۽ خُماريل اکيون!
پرين ڇو ته آهن ؟

 خوابن ۾ ڪنهنجي وڃايل اکيون!
پرين ڇو ته آهن؟

سڄڻ بي وڙي لئه وڇايل اکيون !
 پرين ڇو ته آهن ؟ 

ڪڪر جيان ته ” اعظم“ وَسايَل اکيون !
 پرين ڇو ته آهن ؟
 پرين ڇو ته آهن ؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/02/2016

رڳو ڪٽَ جوڙَ ماڻهن کي

غزل

رخسانه پريت

رڳو ڪٽَ جوڙَ ماڻهن کي
جيئڻ جاکوڙ ماڻهن کي

نه ٿيون ڇو منزلون ڏسجن
منجهائن موڙ ماڻهن کي

ڪٿي حيوان کِي اڄ ڪَلهه
لهوءَ جي لوڙ ماڻهن کي

ڇِنڻَ تي جيڪڏهن ايندا
بهانا کوڙ ماڻهن کي

سڀئي انسان هِڪ جهڙا
پوڇو هٿ جوڙ ماڻهن کي

اڃان تائين غُلاميءَ جا
نڙيءَ ۾ نوڙ ماڻهن کي

ڏسئون ٿِي ڪاٿي پهچائي؟
اها ڊُڪ ڊوڙ ماڻهن جي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>