امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


11/03/2016

زندگي به ڇا آهي وٺُ وٺان لڳي پئي آ

غزل

مسرور پيرزادو

زندگي به ڇا آهي وٺُ وٺان لڳي پئي آ
تَڙ تَڪڙ رڳي آهي، هڻ هڻان لڳي پئي آ

ديس جي سياست ڀي، بي خبر آ منزل کان
بس هُجوم آهي ۽ هَل هَلان لڳي پئي آ

جو وَڌي پيو تنهن جي، راهه ٿي وڃي روڪي
سڀ ڄُنڊا پَٽن ٿا پيا، پَٽ پٽان لڳي پئي آ

يارَ پيارَ جي پويان، اعتبار جي پويان
روزگار جي پويان، ڊُڪ ڊُڪان لڳي پئي آ

مسئلا ننڍا آهن پر اَنا وَڏي آهي
ٿورڙين ڳالهين تي وِڙهه وڙهان لڳي پئي آ

عاشقي ۾ هڪ شاعر، جو لکي ويو آ هي
عالمن جي ان تي اڄ، جهڳ جهڳان لڳي پئي آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

10/03/2016

جيستائين عاشقي ٿيندي رهي، تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

غزل

امداد حسيني

جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
اُن پَني تي روشني ٿيندي رهي.

جيستائين نيڻ نيڻن ۾ رهيا،
مئڪشن جي مئڪشي ٿيندي رهي.

مرد جيئري ڪونه چِکيا تي چڙهيو،
بس رڳو عورت سَتِي ٿيندي رهي.

جيستائين آءٌ توکان دُور هوس،
هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ٿيندي رهي!​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان، توکان مُور نه ٿيندس ڏُور!


مُور نه ٿيندس ڏورُ!

امداد حسيني

ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان،
توکان مُور نه ٿيندس ڏُور!

ساهن مان پئي خوشبو ايندي، او جاني توتان گهور وڃان
سُرهو رهندو تنهنجو سُورُ!

ٿَڪ کان آهيان چُور ٿيو پيو، وِک وِک تي ٿو ٿِڙان ٿاٻڙان
پوءِ به سارا سُورَ سُرورُ

سانت رات جو ڇير پير ۾، نسَ نسَ مان پور پور مان
پيهي ايندو تنهنجو پُورُ!

منهنجي دل جي ڌڙڪڻ آهين، مان توتي پنهنجو ساهه ڏيان
نيڻن جو تون آهين نُورُ!

او سهڻا من مهڻا سپرين، مکڙين جهڙين ٻن اکڙين سان
وري به هڪڙو ڀيرو گهُورُ!

ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان،
توکان مُور نه ٿيندس ڏُورُ!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

09/03/2016

سار ٿي تنهنجي اچي اڌ رات جو


غزل

فياض جتوئي

سار ٿي تنهنجي اچي اڌ رات جو
ننڊ ٿي منهنجي ڦٽي اڌ رات جو

منهنجي نيڻن جي شهر ۾ سانوري !
خواب ٿو تنهنجو لهي اڌ رات جو

نظر ٿي تنهنجي پوي تصوير تي
روح ٿو مرڪي پوي اڌ رات جو

ياد جا نوحا لکي آهي رنو
ڇا ڀلا شاعر ڪري اڌ رات جو

مان وڇوڙن جي جلان ٿو باهه ۾
هير ٿي جنهن پل گهلي اڌ رات جو

ڪائناتي رنگتون ساريون "فياض!"
ڀاڪرن ۾ ٿي ڀري اڌ رات جو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/03/2016

سمجهي ڪين تون سگهندين مٺڙا مستانن جي ٻولي،

غزل

پروانو ڀٽي

سمجهي ڪين تون سگهندين مٺڙا مستانن جي ٻولي،
ديوانن جي ٻولي فرزانن جي ٻولي .

حُورن ۽ پرين جي دنيا بيشڪ سُهڻي آهي،
غور ڪندين ته اُتي به ته ٻُڌندين انسانن جي ٻولي .

چپڙن تي تالا ۽ خيالن تي بندش ۽ پڻ پهرا،
اهل جنون ويا سمجهه ، آخر ارمانن جي ٻولي .

هيڏي دل ۽ هيڏو جگر گهرجي ٿو سچ چوڻ جي لئه،
تون ته حقيقت کي به چوين ٿو افسانن جي ٻولي .

سڀ ڪجهه ڳالهه اشارن اندر لمحن ۾ ٿي ويئي، 
شمع ئي سمجهي ٿي هِت آخر “ پروانن ” جي ٻولي .
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ٻولي گولي قافيو ساڳيو،

ٻولي!! گولي!!


عبدالحڪيم ارشد

ٻولي گولي قافيو ساڳيو،
باقي شاعر! سوچين ڇا پيو؟
ماءُ پڪاري پيئي توکي،

سنڌڙي ساري پيئي توکي!
هوڏي ڏس، هو جوان وطن جا،
ميدان تي نڪري آيا،
سنڌ جا سورهيه، سنڌڙي خاطر،
سر ڏيڻ لاءِ سنبري آيا-
تون ڀي پنهنجو حق ادا ڪر،
ديس سان پورو قول وفا ڪر!
ٻولي گولي قافيو ساڳيو،
باقي شاعر! سوچين ڇا پيو؟
قافيو، قافيي ساڻ ملاءِ،
ڌرتيءَ سان ڪو نينهن نڀاءِ!
بيتن ۾ بارود ڀري،
بستيءَ بستيءَ باهه لڳاءِ!
آزادي جي جنگ لڳل آ،
جنگ کي جاري رکڻو آ-
وقت سان ساٿي! ساٿ ڏبو-
ٻولي گولي گڏجي هلنديون،
ٻوليءَ کان اڄ، گوليءَ جو ڪم وٺڻو آ!


.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀيڙ ايڏي وڌڻ لڳي آهي




غزل

بقلم: کيمن يوُ. موُلاڻي، ڀوپال ( انڊيا)

ڀيڙ ايڏي وڌڻ لڳي آهي
راهہ سوڙهي لڳڻ لڳي آهي.

ڪونہ آڪاس ٿو ملي سڀ کي
ڇِپَ هوا کي چوڻ لڳي آهي.

مون پري کان جڏهن ڏٺو ڪنهن کي
ياد تنهنجي اچڻ لڳي آهي.

سڀ وجهي جيب ۾ ڇڏيو جُملا
ڳالهہ هاڻي ٻَرَڻَ لڳي آهي.

شهر ۾ ٿا ڪٿي اچن تارا
روشني خود رهڻ لڳي آهي.

پيار پوپٽ ڪيو ڪلي گل سان
دل ڪنڊن جي جلڻ لڳي آهي.

واٽ سورج مٽي ڇڏي شايد
اس دريء مان اچڻ لڳي آهي.

هن جڳهہ ۾ اچي رهڻ کان پوءِ
شڪل هر شئہ مَٽڻَ لڳي آهي.

دوُر تائين خبر وڃي پهتي
ڪپَ کي سنڌوُ ڇڏڻ لڳي آهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>