امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


06/04/2016

گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک

اسحاق راهي جي تخليق:


گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک،
لکڻو اٿئي ته دل جي بهارن تي ويهي لک

هر دم، قدم ۽ راهگذارن تي ويهي لک
گھٽ گھيڙ تي ۽ چاهه جي چارن تي ويهي لک

نظرن کي آ فريب مليو سبزه زار کان
ويران شهر، صحرا، مزارن تي ويهي لک

ذڪر_ خزان فضول آ گلشن ۾ همنشين
دل ٿي چوي ته دل جي قرارن تي ويهي لک

گرهڻ لڳي ٿي جن کي انهن تي لکڻ ڇڏي
ٽيڙو ڪتبن فلڪ جي ستارن تي ويهي لک

گيسو ڇڏي ٿو يار ته ٻئي جڳ ٿا واسجن 
راهي لکين ته ان جي ئي وارن تي ويهي لک
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/04/2016

حسرتن سان نڀائڻو پوندو، وقت ائين ئي گذارڻو پوندو


غزل

ولي محمد ”وفا“

حسرتن سان نڀائڻو پوندو،
وقت ائين ئي گذارڻو پوندو.

ڪنھن کي ويجھو وھارڻو آھي،
وقت کي اڄ بيھارڻو پوندو.

اڳ نه معلوم ھو، پري پيڪر،
توکي پائي به ھارڻو پوندو.

دل ۾ ڪڏھن رھيا جي دل وانگي،
ھاڻي تن کي نھارڻو پوندو.

ھار سينگار ٿا ڪيو ڏاڍا،
سر به ڪنھن کي سنوارڻو پوندو.

جنھن کان وڇڙي سڪون نه پاتوسين،
ھاءِ تنھن کي وسارڻو پوندو.

ڪنھن ٿي ڄاتو ”وفا“ ڪو ايئن ٿيندو،
پاڻ کي پاڻ مارڻو پوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جدوجھد جي گود ۾ دل جو قرار ڳول

غزل

”محسن“ ڪڪڙائي

جدوجھد جي گود ۾ دل جو قرار ڳول،
انسانَ، منھنجا ڀاءُ، اکيون پٽِ، وقار ڳول.

عياشين ھٿان نه ڪٿي پيڙجي وڃين،
او مست، پنھنجي دَور جو مسڪين پيار ڳول.

ڏاھا، نه رو، روئڻ ته ڏکن جو علاج ناھه،
مجبورين جي ديس ۾ ڪجھه اختيار ڳول.

مخلص جنون، عظيم پريشانيون، اُمنگ،
ڪمبخت، ڪونه ڪو ته حسين يادگار ڳول.

ساقي گريءَ جو زعم بجا، ساقيا، مگر،
ڪٿ آھه ميڪشن جي اکين ۾ خمار ڳول!

”محسن“ متان لڀي به پوي غيرتن جو جوش،
وِک وِک تي پنھنجي وقت جي چيخ وپڪار ڳول.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ

ٽي شعر

”محسن“ ڪڪڙائي

آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،
اڻ ڳالھايل ڳالھين وانگي!

ماڻھو خواھه مِرون، سڀني لئه،
ڇانو ڏني سين ٽالھين وانگي!

خوشبوءِ پنھنجي پوکيل آھي،
”محسن“ پارن مالھين وانگي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي ويندا، تڏھن ايندين!


انتظار

پروانو ڀٽي


ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي ويندا، تڏھن ايندين!
جڏھن ھي لُڙڪ اکين مان سُڪي ويندا، تڏھن اِيندين!

اڃا محفل مَتَل آھي، اڃا مستن کي ھوش آھي،
جڏھن سجدن ۾ ديوانا جھڪي ويندا، تڏھن ايندين!

مڃان ٿو اڳڀرو آھين، اڃان منھنجي نگاھن کان،
تڪي راھون منھنجا جذبامري ويندا، تڏھن ايندين!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/04/2016

سدائين رکي ٿئون هي ڇاتي وڏي


غزل

ايوب کوسو

سدائين رکي ٿئون هي ڇاتي وڏي
ڀلي آزمائي ڪو ڪاتي وڏي ..!

دريائن جي ويجهو رهياسين اڃايل
ڪئي وقت ويساهه گهاتي وڏي.!

اڃان هوءَ اندر جر شهر ۾ رهي ٿي
اڃان هن لئه دل آهي آتي وڏي.!

اُها آ اسان جي اُميدن جي خوشبو
وري جنهن سڳي آهي پاتي وڏي

پرين زرد موسم نهوڙي ڇڏيندي
ائين دير جيڪر تو لاتي وڏي.!

وڇوڙن کي آخر سنڀالي به وٺبو
رهي پيار جي شل حياتي وڏي.!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسين ڪيئن جياسين اهو ڇڏ کڻي

غزل

سائينداد ساند 

اسين ڪيئن جياسين اهو ڇڏ کڻي
وڇوڙن وڍياسين ، اهو ڇڏ کڻي

اوهين هڪڙي محفل ۾ ويٺا هيا
اسين به هياسين اهو ڇڏ کڻي

اوهان جو ملڻ هو يقينن خوشي
اسان ڇو رناسين اهو ڇڏ کڻي

اوهان کان اٿياسين سڌو سمنڊ تي
اتي ڪيئن ٿياسين اهو ڇڏ کڻي

برهه باهه وانگي وڪوڙي وئي
ٻرياسين بچياسين اهو ڇڏ کڻي

اوهان ايترو خوش ڀلا ڇو هُيا
اسان ڇو لڇياسين اهو ڇڏ کڻي


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>