غزل
مختيار ملڪ
ٿورو سوچين ته ها ڪجه لڪائڻ مهل،
راز رهندو نه آ نينهن لائڻ مهل.
ڄڻ وڇوڙي ۾ ڪائي خوشي آ لڪل،
مُرڪَ چهرن مٿان، موڪلائڻ مهل.
ذهن تان ياد تنهنجي نه مِٽجي سگهي،
پنهنجي ماضيءَ جو سڀ ڪجه ڀُلائڻ مهل.
هڪ رڳو تنهنجي اڻ هوند ڀاسي اٿم،
پنهنجي ڪمري کي پورو سجائڻ مهل.
ٻي ملاقات جي دل ۾ اُڻ تڻ وري،
مُرڪندي مُرڪندي موڪلائڻ مهل،
پاڻي کي پڻ وساري مون آهي ڇڏيو،
زندگي ! توکي مشڪل سان پائڻ مهل.
هونئن ته مختيارُ جڳ ۾ هيو اجنبي،
ٿي ويو آشنا توکي پائڻ مهل.