امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


18/12/2012

جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين


غزل

 بشير احمد شاد

جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين
اهي يار رهندا ڪرمَ ڪيستائين

خدا ڏوهه انسان جا بخشي ڇڏيندو
قطاريندين انسان جُرمَ ڪيستائين

زماني جون نظرون بلاخيز آهن
محبت جا رهندا ڀرمَ ڪيستائين

جوانيءَ تي نازان نه ٿيءُ حُسن وارا
اهي زلف ۾ رهندا خمَ ڪيستائين

اجهو سج سکن جو هو اڀريو ڪي اڀريو
سدا رهندا رنج و الم ڪيستائين

سردار منصور چڙهندا ئي رهندا
ڀلا تون ڪندين سر قلم ڪيستائين

نه دارا سڪندر رهيو ڪو دنيا ۾
اهي رهندا جاه و حشم ڪيستائين

ڇڏي مال دولت کي نيڪي ڪمايو
خبر ناهي آدمَ جا دَمَ ڪيستائين

اجهو “ شاد ” چاهت سندو چنگ چوريو
مٺا مور ٿيندا ستم ڪيستائين


------------------
ٽِماهي مهراڻ جي 1985 واري شماري تان ورتل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪيئي شاد شهيد ڪيا تو، نظرن جا اڇلائي تير


غزل

بشير احمد شاد

جهڙي تنهنجي آ تصوير
منهنجي ٿي پئي جي تقدير

جيڪو انگ ازل کان آهي
ڪير مٽائي سا تحرير

عشق اجاري ٿو انسان کي
مام پروڙين ڪي مهمير

ڪيئي داناء ديوانا ٿيا
فرقت ڪيڙا شاه، فقير

گهورن تنهنجي گهائي ڇڏيا
هاڻي ڪيڏا مڙس امير

ڇا هي دنيا ڇا هي حياتي
هر ڪنهن پنهنجا ڪيا تفسير

دکڙا درد فراق وڇوڙا
آيا سپرينء کان هي سفير

ڪيئي شاد شهيد ڪيا تو
نظرن جا اڇلائي تير
.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع  جي شماري ۾ ڇپيل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دوستن جي دشمنيء کان شل بچين


غزل

نثار بزمي

موت جهڙي زندگيء کان شل بچين
زندگيء جي گندگيء کان شل بچين

رهزنن جي رهبريء کان شل بچين
رهبرن جي رهزنيء کان شل بچين

غم نڀائي ٿو سگهي انسان سان
چئن گهڙين جي خوشيء کان شل بچين

جيڪا تنهنجي دل ڪري ٽڪرا ڇڏي
يار ! اهڙيء دلبريء کان شل بچين

دشمنن جي دوستي پوء ڀي چڱي
دوستن جي دشمنيء کان شل بچين

عقل جا آزار ٿا جهوري وجهن
فڪر ۽ فرازانگيء کان شل بچين

ابتريء ڏي جا وٺي توکي هلي
بزمي اهڙي بهتريء کان شل بچين

.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع  جي شماري ۾ ڇپيل
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

17/12/2012

جفا جي جستجو نڪري وفا جي آرزو نڪري

غزل

استاد عطا محمد حامي

زبان مان جيڪڏهن نڪري ته اهڙي گفتگو نڪري
نه مان نڪري نه تون نڪري فقط نڪري ته هو نڪري

جڏهن ڳوڙهن جي صورت ۾ ڳڙي دل جو لهو نڪري
تڏهن ميدان الفت ۾ ٿو عاشق سرخرو نڪري

ڪٿي ٿي تنهنجي ۽ منهنجي ٻنهي جي دل منجهان مٺڙا
جفا جي جستجو نڪري وفا جي آرزو نڪري

لکين نڪرن ٿا موتي لعل گوهر گل ڪتيون تارا
مگر تن مان نه ٿو هڪڙو به تنهنجي هو بهو نڪري

چوان ٿو هيئن به چوندس هونئن به چوندس توکي پر پيارا
مجال آهي جو هڪڙو هرف تنهنجي روبرو نڪري

ٽٽن ساريون تمنائون، سموريون خواهشون نڪرن
مگر مولا ڪري دل مان نه تنهنجي آرزو نڪري

چمي تنهنجو پگهر پيارا جڏهن باد بهار آئي
تڏهن گلشن جي هر گُل ۾ ٿو ايڏو رنگ و بو نڪري

ڪيون ٿا آبياري پنهنجي دل جي خون سان هر دم
تڏهن گلشن ۾ هر هڪ گل ٿو بڻجي سرخرو نڪري

ڪڏهن ڪم ظرف کان قابو نه ٿيندو راز الفت جو
کلڻ سان هلڪڙين مکڙين منجهان هڪدم ٿي بو نڪري

اکين مان ئي عيان ٿيندي رهي ٿي مدعا دل جي
نٿو پنهنجي زبان مان ڪوبه حرف گفتگو نڪري

اسان بي دين کي بخشي سگهون ٿا هي جواز آهي
ڪٿي بخشون انهيء کي ديس جو جيڪو عدو نڪري

بدن مان روح نڪري ٿو سگهي حامي مگر سر مان
ڪڏهن ممڪن نه ٿي سگهندو جو خودداري جي خو نڪري
.......................................
ماهوار لطيف ڊائجسٽ جي جون 1986ع  جي شماري ۾ ڇپيل

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>