امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/04/2013

چون ٿا حسن جي آ دلفريبي، دلڪشي، دوکو



غزل

احمد خان مدهوش

چون ٿا حسن جي آ دلفريبي، دلڪشي، دوکو
مگر موڳي هي منهنجي دل، قبولي ئي نٿي دوکو.

خدا خود آدميءَ کي آ ڪشش جي رنگ سان ٺاهيو،
ٿيان ڪافر، اگر سمجهان وجود آدمي، دوکو.

وڃي ٿي زندگي بي دم. تڏهن رهجي اي انسانو!
جڏهن ڪائي ڏئي ٿي زندگيءَ کي زندگي دوکو.

اجايو عشق تي الزام آ، ورنه حقيقت ۾،
نه معشوقي فريب آهي، نه ڪائي عاشقي دوکو.

محبت پاڪ جذبو آ، انهيءَ جذبي کي ورجايو،
جو هن جذبي کان سگهيو آ، نه ڪنهن کي ڀي ملي دوکو.

اُنهيءَ جي فلسفي جي ڳالهه تي ايمان ڪيئن آڻيان؟
نظر جنهن کي اچي ٿي، دوست! دنيا ئي سڄي دوکو.

سمايل روح ناهي جيڪڏهن ’مدهوش‘ شعرن ۾،
ته اهڙي قسم واري آ سموري شاعري دوکو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اي مُنصفو ! اي مُصنفو !هِن دور جي تاريخ لکو




روبينه ابڙو

هي ديس ۾ خانه جنگي
۽ خانه جنگي کان ڀي وڏي
هي فِرقه واريت کي هَٿي
هرڪو جنوني مذهبي
ايمان جي بي راھِ روي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي زلزلا ، ٻوڏون قهر
۽ قهر کان ڀي وڏي
اخبار جي آهي خبر
هي شام ، صبح هر پَـهر
ٿيو ڪربلا جو آ سفر
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي رهبريءَ کان رهزني
۽ رهزنيءَ کان ڀي وڏي
وچ چوڪ تي عصمت دري
قانون جي هيء آرسي
انصاف جي سينه زني
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي ” بربريت “ جي هَٽي
۽ هَٽيءَ کان ڀي وڏي
هي موت ڏي ويندڙ گهٽي
هر سينڌ ۾ آهي مٽي
ماتم ڪدو “ ٿي سنڌ پئي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هيءَ ” سياست “ جي ٺڳي
۽ ٺڳيءَ کان ڀي وڏي
لسٽ شهداء جي ڊگهي
هي قوم جي لاوارثي
ڪُوڙي مسيحائي رُڳي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو


فاَقه ڪشي کان خودڪشي
۽ خودڪشيءَ کان ڀي وڏي
تذليل جي منظرڪشي
مصنوئيت جي دل ڪشي
هي قلم جي رسه ڪشي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

غربت ، غريبي ، مُفلسي
۽ مُفلسيءَ کان ڀي وڏي
هيءَ آدمي جي بيحسي
فوٽ پاٿ جهڙي زندگي
آ موت جي ڀر ۾ سُتي
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

هي ڪارو ڪاريءَ “ جي رسم
۽ رسم کان ڀي وڏي
غيرت جي بدلي جي رقم
عزت جو هي ڪوڙو ڀرم
آ ، ڪُڙم ڪهڙي جو ڌرم ؟
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

ٿي عيد ، عاشورن مثل
۽ عاشورن کان ڀي وڏي
انياءَ جي ٻيگهي مَتل
هو ” امن “ جو مڻڪو ڀڳل
ٿيو سونُ ڀي آهي پِتل
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو


هي ڪوڙ ۽ ڪوڙا قدر
ڪوڙي قدر کان ڀي وڏي
هي اجتمائي آ ، قبر
ترياق ۾ وِھ جو اثر
۽ بي ضميريءَ تي فخر
اي مُنصفو ! اي مُصنفو !
هِن دور جي تاريخ لکو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون سين تي سين نه هڻ جوڳي

غزل

روبينه ابڙو

تون سين تي سين نه هڻ جوڳي
هيئن منهنجو چين نه کڻ جوڳي

ڇا لاء تون راهه نهارين ٿو
اڄ ٿيندو ڪين اچڻ جوڳي

ڄڻ گُلَ تي تازا ماڪَ ڦڙا
اهڙو تنهنجو مُرڪڻ جوڳي

ڇو مونکان وسري ڪين سگهيو
تنهنجو خاموش ڏسڻ جوڳي

ڪلھَ رستا ڌارونء ڌارَ ٿيا
اڄ ٻيهر ايئن نه وڻ جوڳي

تولاء تڪيندم راهه سدا
ڀل وسرين هيلَ ورڻ جوڳي

ڪيئن توکان آخر وسري وئي
منهنجي پازيب وڄڻ جوڳي

ڇا ڇا نه اچي ويو ياد وري
جو گُهليو ڪالهه ڏکڻ جوڳي

ڇا منهنجو موهه نه ٿو سمجهين
ايڏو اڻڄاڻ نه بڻ جوڳي

منهنجي نه سهي منَ جي ئي سُڻ
ايئن پٿر ٿي نه پهڻ جوڳي

اچ سنڌڙيء جي ڪا سونهنَ ٿيون
ڇڏ دنيا جو ٽمجهڻ جوڳي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڏينهن توڙي رات آهي قيد ۾

غزل

رضا بخاري

ڏينهن توڙي رات آهي قيد ۾
تو سوا جذبات آهي قيد ۾

ڇو نٿا هِت پيارَ کي پرڙا ملن
ٻن دلين جي بات آهي قيد ۾

شعر شاعر جا سدا آجا پکي
قيد ٿي ڪٿ ڏات آهي قيد ۾

قيد  پيڙا کي نٿو سمجهي سگهي
جنهن نه پاتي جهات آهي قيد ۾

هُو انا جي خول مان نِڪري نٿو
ڄڻ ته هُن جي ذات آهي قيد ۾


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>