28/06/2013
27/06/2013
24/06/2013
ڌرتيءَ کان پولارن تائين روشن چنڊ ستارن تائين پيارا پنهنجو پيار امر
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
وائي
نثاراحمد ناز
ڌرتيءَ کان پولارن تائين
روشن چنڊ ستارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر
سانوڻ رُت ۾ رم جهم رم جهم
مٺڙا ميگهه ملهارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر
خوشبو بڻجِي مهڪي هر سُو
موتئي جي مهڪارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر
۽ ڄامشوري المنظر جي
نُورِي نينهن نظارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر
هٿ هٿ ۾ ڏيئي ” ناز “ هلون
سنڌِي سمنڊ ڪنارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر
تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿَڪ لهي ويا
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
وائي
اياز گل
تو تائين پهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !
تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !
تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !
ساڀيائن جي ديس ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !
هڪڙي ڀاڪر ساڻ ئي
وسريل واعدن
سارا ٿَڪ لهي ويا !
وسريل واعدن
سارا ٿَڪ لهي ويا !
تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
راڻي ! رنگن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !
راڻي ! رنگن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !
18/06/2013
وري اڄ ياد آئي آ، ڪٿي آهين ڪٿي آهين
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
خالد چانڊيو
وري اڄ ياد آئي آ، ڪٿي آهين ڪٿي آهين،
اکين بارش وسائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.
اذيت سان رکي ياري، وڇوڙن کي قبوليندي،
مون قسمت آزمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.
اڪيلا گل نه چُونڊيا مون، ڪنڊن کي ساڻُ آندو آ،
هٿن حيرت سمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.
هي تنهنجا نيڻ منهنجي لئه، مقدس هن، مقدس هن،
اِهائي ڳالهه ڳائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.
هي منهنجا ساهَه ويچارا، تنهنجي خوشبو لئه ترسن ٿا،
اڃا ڇا جي جدائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.
هي ’خالد‘ جا سڀئي احساس تنهنجي لاءِ ئي آهن،
غزل هي الوداعي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.
دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟
سهيڙيندڙ:
Muhammad Suleman Wassan
غزل
ياسر قاضي
دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟
چين ساري ڄمار ۾ ڪونهي.
ڪوئي غمدل انيڪ ڏينهن کان،
تنهنجي سهڻا! سنڀار ۾ ڪونهي.
تون جو پنهنجي شهر ۾ اڄ ناهين،
شخص ڪوئي قرار ۾ ڪونهي.
جيڪا تيزي زبان ۾ آهي،
اهڙي ترشي ترار ۾ ڪونهي.
ميٺ محبت ۾ جو مزو آهي،
خلق جي خلفشار ۾ ڪونهي.
شور، جو سونهن جي نظر ۾ آ،
پيار جي ڪنهن پڪار ۾ ڪونهي.
تنهنجي لهجي ۾ جا آ شيريني،
ڪنهن به ماکيءَ جي لار ۾ ڪونهي.
تنهنجي گفتي جي دلڪشي دلبر!
موسمن جي نکار ۾ ڪونهي.
تنهنجي نيڻن ۾ جو نشو آهي،
ڪنهن به خاصي خمار ۾ ڪونهي.
هيل ڇا ڳالهه آ جو سرمستي،
سونهن وارن جي سار ۾ ڪونهي.
جو مزو ”هائوڪار“ ۾ آهي،
عشق وارن سان عار ۾ ڪونهي.
عشق ۾ جيڪا سرخوشي آهي،
عقل واريءَ اڏار ۾ ڪونهي.
زندگي تنهن کان پڇ ته ڇا آهي،
جنهن جي پورت پگهار ۾ ڪونهي.
ڪهڙي خوبي پيو ڳڻين مون ۾؟
ڪجهه به هن داغدار ۾ ڪونهي.
پاپ، پڇتاو جو ڪو پل” ياسر!“
منهنجي ساريءَ ڄمار ۾ ڪونهي.






