امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


28/06/2013

ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه ملي. !

ان وقت ٺري ٿا نيڻ پون، ٿو دل کي سڪون ڪيڏو نه ملي. !
جنهن وقت اسان جي محفل ۾، ڪو پيارو ماڻهو ايندو آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/06/2013

سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ، ساجن کي به ته آڻ

وائي

شيخ اياز
سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين ، ساجن کي به ته آڻ
ساجن کي به ته آڻ...!

موتئي جي مهڪار هوا ۾، سارَ ڀري سُرهاڻ
ساجن کي به ته آڻ...!

برکا رُت جي باکَ ڦُٽيءَ ۾ ، لڳهه لڳهه لالاڻ .
ساجن کي به ته آڻ..!

بادل ٿِي سَوَ سانگ رچايان، آئون به ڪنهنجي ڪاڻ.
ساجن کي به ته آڻ..!





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/06/2013

ڌرتيءَ کان پولارن تائين روشن چنڊ ستارن تائين پيارا پنهنجو پيار امر

وائي

نثاراحمد ناز

ڌرتيءَ کان پولارن تائين
روشن چنڊ ستارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر

 
سانوڻ رُت ۾ رم جهم رم جهم
مٺڙا ميگهه ملهارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر


خوشبو بڻجِي مهڪي هر سُو
موتئي جي مهڪارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر

 
۽ ڄامشوري المنظر جي
نُورِي نينهن نظارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر


هٿ هٿ ۾ ڏيئي ” ناز “ هلون
سنڌِي سمنڊ ڪنارن تائين
پيارا پنهنجو پيار امر


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿَڪ لهي ويا

وائي

اياز گل

تو تائين پهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

ساڀيائن جي ديس ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !

هڪڙي ڀاڪر ساڻ ئي
وسريل واعدن 
سارا ٿَڪ لهي ويا !

تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
راڻي ! رنگن جا
سارا ٿَڪ لهي ويا !







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/06/2013

سندس هر ياد هڪڙي آرزو آ



غزل

خالد چانڊيو

اسان سان نينهن جو جوڙي ڇڏيائون.
پوءِ آخر ڏور ڇاجي لئه ڪيائون؟

ويا بنواس ڏئي ڇالئه اسان کي،
نه ڦيري ڪنڌ هڪ ڀيرو ڏٺائون

سندس هر ياد هڪڙي آرزو آ،
اکيون آهن اسان جون التجائون

وساري ڪير تن جي دلربائي،
وساري ڪير تن جون واسنائون!


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

وري اڄ ياد آئي آ، ڪٿي آهين ڪٿي آهين


غزل

خالد چانڊيو


وري اڄ ياد آئي آ، ڪٿي آهين ڪٿي آهين،
اکين بارش وسائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


اذيت سان رکي ياري، وڇوڙن کي قبوليندي،
مون قسمت آزمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


اڪيلا گل نه چُونڊيا مون، ڪنڊن کي ساڻُ آندو آ،
هٿن حيرت سمائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


هي تنهنجا نيڻ منهنجي لئه، مقدس هن، مقدس هن،
اِهائي ڳالهه ڳائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


هي منهنجا ساهَه ويچارا، تنهنجي خوشبو لئه ترسن ٿا،
اڃا ڇا جي جدائي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين.


هي ’خالد‘ جا سڀئي احساس تنهنجي لاءِ ئي آهن،
غزل هي الوداعي آ، ڪٿي آهين، ڪٿي آهين. 



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟

غزل
 
ياسر قاضي

دلڪشي ڇو بهار ۾ ڪونهي؟
چين ساري ڄمار ۾ ڪونهي.

ڪوئي غمدل انيڪ ڏينهن کان،
تنهنجي سهڻا! سنڀار ۾ ڪونهي.

تون جو پنهنجي شهر ۾ اڄ ناهين،
شخص ڪوئي قرار ۾ ڪونهي.

جيڪا تيزي زبان ۾ آهي،
اهڙي ترشي ترار ۾ ڪونهي.

ميٺ محبت ۾ جو مزو آهي،
خلق جي خلفشار ۾ ڪونهي.

شور، جو سونهن جي نظر ۾ آ،
پيار جي ڪنهن پڪار ۾ ڪونهي.

تنهنجي لهجي ۾ جا آ شيريني،
ڪنهن به ماکيءَ جي لار ۾ ڪونهي.

تنهنجي گفتي جي دلڪشي دلبر!
موسمن جي نکار ۾ ڪونهي.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نشو آهي،
ڪنهن به خاصي خمار ۾ ڪونهي.

هيل ڇا ڳالهه آ جو سرمستي،
سونهن وارن جي سار ۾ ڪونهي.

جو مزو ”هائوڪار“ ۾ آهي،
عشق وارن سان عار ۾ ڪونهي.

عشق ۾ جيڪا سرخوشي آهي،
عقل واريءَ اڏار ۾ ڪونهي.

زندگي تنهن کان پڇ ته ڇا آهي،
جنهن جي پورت پگهار ۾ ڪونهي.

ڪهڙي خوبي پيو ڳڻين مون ۾؟
ڪجهه به هن داغدار ۾ ڪونهي.

پاپ، پڇتاو جو ڪو پل” ياسر!“ 
منهنجي ساريءَ ڄمار ۾ ڪونهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>