امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/01/2015

لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو، نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو

غزل

ڪوثر ٻرڙو

لڳي ٿو صدين کان سڪايل رهي ٿو
نديءَ جي ڪناري اڃايل رهي ٿو

بن بن ۾ ڀٽڪي پرين پنهنجو ڳولي
مگر پاڻ ان ۾ وڃايل رهي ٿو

آهي دل اسان جي يا سنڌ جي آ ڌرتي
ايڏو درد جنهن ۾ سمايل رهي ٿو

اسان جي ته دل جي صحن ۾ سدائين
تڏو درد غم جو وڇايل ملي ٿو

صنم ساڻ ملبو سڄو راز سلبو
دنيا کان جو دل ۾ لڪايل رهي ٿو

مسيحائي ڪنهن جي ڪندو ڪهڙي ڪوثر
هو خود جيڪو جڳ جو ستايل رهي ٿو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/01/2015

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان

اُستاد بُخاري

ڇا قوم تي لکان مان، يا حُسن تي لکان مان
افسوس زندگي هڪ، پورو نه ٿو پوان مان

هُو وقت ٿو سڏي پيو هي يار ٿو اچي پيو
بيهان وڃان ، ڪريان ڇا، بيٺو ٻُڏان تران مان

هِي قوم پئي ٿي ڦٿڪي، هِي دل به پئِي ٿي تڙپي
هن قوم تي رُئان يا هن حال تي رُئان مان

مظلوم ٿو پُڪاري محبوب پيو نهاري
ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان ، ڪيڏي ڊُڪي وڃان مان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

02/01/2015

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا، مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾

غزل

شيخ اياز

جا خدا کان نہ ٿي، جا نہ امڪان ۾،
ڪالهہ کان ڳالهہ سا، آهہ انسان ۾.

آءُ زنجير پائي به آزادهان
تون ته ظالم سدا آهين زندان ۾.

مون نه ڄاتو هيو، چنڊ چارڻ به آ
چاندني راڳ آ، رات سنسان ۾.

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾ !

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾.

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو، هن بيابان ۾.

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون نانهہ ايمان ۾.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

24/12/2014

دل جي حقيقت ڪو به نه ڄاڻي

غزل 

علي محمد مجروح

دل جي حقيقت ڪو به نه ڄــــــــــاڻي
ڇاهي محبت ڪو به نه ڄاڻــــــــــــــي

حسن جي فطرت ڪو به نه سمجهي
عشق جي قسمت ڪو به نه ڄــــــــاڻي

هر ڪو اکين جي آس پڄــــــــائـــــــي
روح جي راحت ڪو به نه ڄـــــاڻـــــــي

”مجروح“ سخــــــــن ۾ آهي لــــــــکيل
سونهن جي صورت ڪو به نه ڄــــاڻي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

01/12/2014

هڪ شخص هليو هڪ شهر گهمڻ، گمنام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

غزل

سرڪش سنڌي


هڪ شخص هليو هڪ شهر گهمڻ، گمنام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو
وئي ڳوٺ سڄي ۾ ڳالهه هلي، گهرام گهٽيءَ ۾ گُم ٿي ويو

ها، جلدي ۾ واپس ٿو اچان، هڪ بس ٿو وڃان ٻي بس ٿو اچان
ڳوٺاڻيءَ سان ٿيو جيڪو سو، انجام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

جيئن کلندو ڄار ويو اکڙين جو، ٿي جوان شڪار ويو اکڙين جو
ڪنهن سونهن سنواريا اوڄاڳا، آرام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

ڪو پيار ڪري به ته ڪيئن ڪري، ڪنهن لاءِ مري به ته ڪيئن مري
جيڪو به اماڻيو ويو ان ڏي، پيغام گھٽيءَ ۾ گم ٿي ويو

هو پاڻ کڻي ته مڃي نه مڃي، ٿو لوڪ ته سارو ايئن چوي
هن سنڌ جي پوئتان ”سرڪش“ جو اسلام گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/11/2014

نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين

غزل

رخسانه پريت

نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين،
ڪنھن وڏي وشواس ۾ آھيون اسين.

لوڇ سڏڪا درد پيڙا نيٺ ڇا،
عشق جي اڀياس ۾ آھيون اسين.

پيار جي احساس اينئن اوچو ڪيو،
ڄڻ اڏيا آڪاش ۾ آھيون اسين.

ڇا سندءِ من ۾ ٻه موھ آ ساڳيو،
انھيءَ ٻڏتر قياس ۾ آھيون اسين.

نيٺ اوسيئڙا به ماڳ ماڻيندا،
بس انھيءَ احساس ۾ آھيون اسين.

ايترو اوتيوسين پوءِ ڀي ڄڻ اڃيا،
پريت“ ڪھڙيءَ پياس ۾ آھيون اسين.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/11/2014

سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!



نماڻو سنڌي

سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
خواب منهنجا چچريل تعبير تائين پڄائجانءِ!
سوچ تي گوليون اۡٺيون، هر رات گذري راڙ ۾،
جلاد هن ستا وڃي اونچ جي ست ماڙ ۾،
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇار ۾،
جذبن جو قيدي آهيان، ٿو مارجان ڪنهن آرڙ ۾،
پر هيئنـ منهنجي موت تي اڄ تون نـ ڳوڙها ڳاڙجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي ٿي چوء کنڀي،
ڏاڍ جي هٿن ۾ ڪنهن ڏات جي ڳچي ڏني،
سر مٿان سنگين آ ۽ تون بـ ٿي اکيون ڇنڀين،
مان بـ قيد ۾ پکي ۽ تون بـ قيد ۾ سڙين،
چپ سبين متان چَري، گيت ۾ گھرائجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
آڪاش ۾ بَٺِيون ٻَريون تارا نچي سمهي پيا،
ڏٺئي تـ اۡڀ سڄيءَ منجهان وري وري وڄون ڪِريون،
ڏسي اتر ڏکڻ منجهان ارمان جا ڪڪر وسيا،
رات ٿڌڙي جي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن،
هانوَ تي تري اچان تـ چنڊ ۾ چتائجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
ياد ٿي اچي جيئن گھاءُ ٿو تيئن ڪۡري،
جاڳ جو خواب ٿو ڀتر جيان اکئين ڀۡري،
ٻول تنهنجو ذهن جي ٿو ڪۡنڊ ڪۡنڊ مان ٻۡري،
ڀونءِ ماءُ گھور ٿي سرن سندي پئي گھۡري،
ڪفن منهنجو وٽيون ڪري ڏيئا لهوءَ مان ٻارجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
راڳ جي جٽاءَ مان باک جي ڦٽي پوي،
آزاد سنڌ ٿئي جڏهن ءُ رات هيءَ کٽي پوي،
تنهنجا بـ پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن،
خوشيءَ ۾ سڀ وڄي، وڄي تنبورو ئي ٽٽي پوي،
ساز ماٺ ٿئي متان ، چڳون ورائي چاڙهجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
قافلا ڪنڌيءَ چڙهن ڪاڪ جي ڪٺور آ،
ڇا ڪجي او مينڌرا دل تـ ڀور ڀور آ،
سڪ لڳي آ ساهـ پنهنجي کي! پرين ٻيهر نئين،
پريم جي سرحد مٿان اوپرن آ اک کنئين،
ڪۡڻڪ ٿئين متان ڪٿان ڪنڌيءَ ۾ ڪنائجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
پڙاڏا پيار جا ڦۡٽي پون ڀٽن مٿي مۡهاڙ تي،
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪراڙ تي،
بندش نـ ڪا هجي جڏهن راڳ جي اڏام تي،
تنهنجا بـ ڪۡٺل اچي وڃن سونهن جي سلام تي،
پيگ ڪي پياڪ پيئن تنهنجي نام تي،
”نماڻي“ کي بـ نيڻ مان انهن سندي نهارجانءِ!
سۡرخ ڪوئي سڏ ٿئي تـ هانوَ سان هنڊائجانءِ!
خواب منهنجا چچريل تعبير تائين پڄائجانءِ !

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>