امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/09/2015

جاڳَ پلٽي ڇڏي هر ذري جام جي


غزل


سعيد سومرو

جاڳَ پلٽي ڇڏي هر ذري جام جي،
پو به ڪٽجي نه ٿي رات الــــزام جي!

زندگيءَ جي ڪهاڻي به آهي لکيل،
پاڻ جھڙي ئي ڪنهن يار گگدام جي!

چار گل جي قبر تي رکيا ڇوڪريءَ،
سي به آنــــڌي اُڏائي وئي شام جي.

روح ئي جنهن مسافرَ جو خالي هيو،
سو ڪئين مام سمجھي سگھيو گام جي!

هُن الستي اکين کان مليل دانَ کي،
سعيدُ ڀانئي ڪئين باکَ ماتـام جي!



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا رات وڃائي راهن ۾، ڪو ڏينهن کٽائي رستن تي


نظم

ايوب کوسو

ڪا رات وڃائي راهن ۾
ڪو ڏينهن کٽائي رستن تي
بي فيض اڃايل موٽياسين
سڀ خواب لٽائي رستن تي
دورين جا جنازا هڪ پاسي
۽ ياد جا ڪاوا ٻي پاسي
احساس اندر ۾ اجڙي ويا
خود دل نه رهي پنهنجي پاسي
هر آس ٽٽي بي منزل ٿي
هو من جي مٽي ٿي نه سگهي
ويو پيار سمورو صحرا ٿي
هوءَ تن جي گهٽي ٿي نه سگهي
جيئن اجرو چمڪو ڦلڙي جو
تيئن ياد هي آ دل ڪا
ويراني وسي ٿي نيڻن ۾
هر موسم پنهنجي پن ڇڻ ڪا
بي ڀرم اجهاميل شامون هن
هر سينو سج ۾ ڦاٿو آ
ڇا ڏسجي دل جي موسم ڪا
ڏک جو هيل نه ڪاٿو آ




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

29/09/2015

ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن

غزل

منير سولنگي

ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن،
مور نه چت تي چڙهندا آهن ناتو ٽوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو عيسيٰ بڻجي، مرده دليون روز جياري.
مهر محبت وارا خيما جڳ ۾ کوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو ماکي مصري، سورج کان وڌ روشن روشن،
هر ڪنهن جي دل اندر يارو جايون جوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو رڃ جا راهي، سسئي وانگر پنڌ پڇائي،
من جي مقصد ماڻڻ خاطر برٿر ووڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو وڄ وراڪا، سون سريکا، پيار جا پياسا،
رانجهوءَ واري رمز سان سائين زهر نچوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو يار ”منير“، ٿيندا آهن ساهه سڌير،
سونهن مٿان سر گهورڻ خاطر پاڻ پتوڙي ويندا آهن.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو

نظم

مقصود گل

وقت گذري نٿو، وقت گذري نٿو،
توسوا اي سڄڻ، وقت گذري نٿو.

چنڊ جي روشني ٿي وئي آ جهڪي،
مرڪ تارن کان ڪنهن ڄڻ کسي آ وتي،
ڀاڳ جو ڪو ستارو به اڀري نٿو وقت گذري نٿو.

ڄڻ ته موسم کي وئي آهه ڪينسر وٺي،
مُرڪ گلڙن جي منهن تي نه ڪنهن آ ڏٺي،
ڪوبه غنچو خوشيءَ جو ته نسري نٿو وقت گذري نٿو.

وقت جي پيرڙن ۾ لڦون ٿي پيون،
وقت کان اڄ وکون ڄڻ ته وسري ويون،
فاصلو وقت کان ڪو به نبري نٿو وقت گذري نٿو.

”گل“ ۽ مکڙيون ويون ڄڻ ته ڪومائجي،
ڀاڳ جي عرش تي وئي غمي ڇانئجي،
تنهنجو نالو مٺا يار وسري نٿو وقت گذري نٿو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سڏڪا هوندا، پن ڇڻ رت ۾

غزل

نياز پنهور

سڏڪا هوندا، پن ڇڻ رت ۾،
جذبا رئندا، پن ڇڻ رت ۾.

ننگا هوندا لڱ وڻن جا،
سڏڪي پوندا پن ڇڻ رت ۾.

ماڻهو هوندا پر سڀ موڳا،
گهمندا رهندا، پن ڇڻ رت ۾،

بسنت رت ۾ ڪين مليا جي،
نيٺ ته ملندا، پن ڇڻ رت ۾.

منهنجا سارا شعر زبان تي،
اٽڪي پوندا، پن ڇڻ رت ۾.

بسنت رت ۾ طنز اسان تي،
ڪنهن کي ڏسندا، پن ڇڻ رت ۾.

اٽڪي پيا اوسيئڙا اک ۾،
ڳوڙها ٿيندا، پن ڇڻ رت ۾.

مان جيئن تيئن گذاري ويندس،
هو ڪيئن جيئندا، پن ڇڻ رت ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گلن سان گڏ رهن ٿا خار! ڇا چئجي

غزل

انيس انصاري

گلن سان گڏ رهن ٿا خار! ڇا چئجي،
قيامت جا اهي آثار! ڇا چئجي؟

رهي آ ڪين ڪي الفت زماني ۾،
نه ڪو ساٿي، نه ڪوئي يار! ڇا چئجي؟

پٽن کان پي ۽ ڀائر پنهن جي ڀائن کان.
زماني ۾ ڏٺم بيزار! ڇا چئجي؟

ڏسان ٿو مان گهڻو ڪجهه، تنهنجي محفل ۾،
ٻڌڻ سهنجو، چوڻ دشوار! ڇا چئجي؟

ستل آ ساڌ بي خبرو، زماني کان،
ڏٺو مون چور کي بيدار! ڇا چئجي.

پيالن تي پيالا پي به جاڳن ٿا،
رڳو تون بي پئي سرشار! ڇا چئجي؟

ڏسو سٽ جي بها تي يوسف ڪنعان،
وڪامي ٿو سر بازار! ڇا چئجي؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

اسحاق راهي

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري
ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

وارن جون چڳون جي يار ڇڏيون، رخسار تان ڄڻ پيا نانگ لهي
ڳلڙن کي چمڻ لئه پيا تڙپن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري

راهي کي سزاءِ عشق ڏجي، راهي جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
پنچائت گهرائي بحث پيا ڪن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>