امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


06/10/2015

هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان


غزل

تاج بلوچ

هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان،
سپنا ساڀيا نه ٿيا، پاڻ جي پلڪن تي سجايا جانان!

جيڪي ٽانڊاڻا سيهه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
محض اُهڃاڻ جيان، هاڻ سي ڳڻجن ٿا ستارا جانان!

هاءِ، اونداهه غفائن ۾ نڌڻڪا ٿي مُئا ها جيڪي،
وس ويرين جي ٿيا، تن جي نصيبن جا وسيلا جانان!

نينهن بي باڪ به هو، سُرت جي تهمت کي نه سهسائي سگهيو،
موه تنهنجي ته مگر هن کي وڏا ناز کڻايا جانان!

ڳوٺ تنهنجو ته پري ناهه، پري ناهه، پري ڪو ايڏو،
تنهنجي شهرت جي حوالي کان ڏکيا سارا حوالا جانان!

پاڻ آدابِ محبت جي طريقن کان شناسا به ڪٿي،
تنهنجي پاٻوهه ئي سيکاريا اسان کي ته سليقا جانان!

فوقيت عشق ۾ سورن کي ڏني پاڻ سدا ’تاج بلوچ‘
سک جيڪي به مليا، تنهنجي ئي صدقي ۾ سمورا جانان!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان


غزل

تاج بلوچ

اوندهه جو ڪليجو چيرَ ڪري، چانڊاڻ کڻي آيو آهيان،
هِنَ جُڳَ جي لئي مان نور نرالو ساڻ کڻي آيو آهيان.

مستي ته ڏسو، هستي ته ڏسو، انداز ڏسو شهزوريءَ جو،
ان جيئن ڇُلي، اکين ۾ سڄو مهراڻ کڻي آيو آهيان.

پيشاني لهوءَ ۾ لال اٿم، سينو به ڦٽيل ۽ جسم ڌڪيل،
غاصب کان پلئه جيڪي به پيم، تو ڪاڻ کڻي آيو آهيان.

مقتل ڏي هلو، پٺتي نه ڏسو، هي رسم ادا هر بار ڪيو،
’دودي‘ جي ڏسيا، ’دريا‘ جي ڏنا، اهڃاڻ کڻي آيو آهيان.

سرمست هئا، سرويچ هئا، رت ريج ڏنو جن ڌرتيءَ کي،
ان پاڪ مٽيءَ مان مُٺِ ڀري، ڳاڙهاڻ کڻي آيو آهيان.

وارن کي ڇنڊي، خوشبو کي پکيڙي، ’تاج‘ ڀلي محبوب نه ڪو،
پورهيت جي پسيني مان جا ملي، سرهاڻ کڻي آيو آهيان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام، ان سوا زندگي ڪڙي آهي


غزل

تاج بلوچ

ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام،
ان سوا زندگي ڪڙي آهي.

جام ڏي، ساز کڻ، ڪو ڇيڙ غزل،
منهنجي گردش ۾ دل اڙي آهي.

دل جو آباد شهر توکان سواءِ،
ڄڻ ته واريءَ جي ڪا دڙي آهي.

تلخيِ وقت جو خوف اٿم،
منهنجي ساغر ۾ وهه ڳڙي آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو، سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو


غزل

تاج بلوچ

هُو جي ڪمري ۾ اڪيلو هوندو،
سونهن، سرهاڻ سان ٻوليو هوندو.

ڪمرو سڏڪن سان ٻُري پيو هوندو،
ڪو رٺو هوندو ڪو پرتو هوندو.

ايئن چئي موت کي روڪيو هوندو،
ٿورڙو ترس، هو ايندو هوندو.

ڪو نئون گيت جي گونجيو هوندو،
منهنجي ئي درد جو قصو هوندو.

سُور، ناسور ٿي مرڪيا هوندا،
موھ تنهنجي جو ڪرشمو هوندو.

موت مارڳ ۾ قبولڻ وارو!
پنهنجو عاشق تو سڃاتو هوندو.

رنگ ئي رنگ فضا ۾ سرهاڻ،
بي خياليءَ ۾ تو مرڪيو هوندو.

لڙڪ نيڻن ۾ ڄمي ويا هوندا،
دل جي ليکي تو ڪو اچڻو هوندو.

جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور،
”تاج“ ماڻهو به عجب ڪو هوندو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو


تاج بلوچ

غزل

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو،
رنگ پوپٽ جا چپن تي ڪي ڇڏڻ وارو هو

ايترو ترت ڪٿي آڻ مڃڻ وارو هو،
هُو ته پاڳل هو اصولن تي مرڻ وارو هو.

رنگ،خوشبو ۽ سڄي سونهن ڪٺي ٿي گس تي،
ڪو وڏو پنڌ هڻي، ڳوٺ اچڻ وارو هو.

هن جي اکين مان پريشاني ٽميو ٿئي الڪو،
شام جو پهر جڏهن ويجهي پوڻ وارو هو،

آءُ صحرا جي سفر تان نه ڪڏهن موٽان ها،
قافلو درد جو پويان جي اچڻ وارو هو.

نيڻ راهن مان کڻي ڪين کڻان ها ڪڏهن،
ٿورو ڄاڻان ها وري ڪين ورڻ وارو هو.

گهر جون کڙڪيو تو بهاني سان ڪري بند ڇڏيون،
پنهنجي پورن ۾ گهٽيءَ مان ڪو مٽڻ وارو هو،

شخص گم آهي، نگاهن جي هجومن ۾ ڪٿي،
زهر تنهائي جو ڪڏهين جو پيئڻ وارو هو.

سونهن ڪمزوري برابر ته هئي تان بلوچ،
پر هو ڏاهپ تي مري ساهه ڏيڻ وارو هو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/10/2015

گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا

غزل

وسيم سومرو

گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا،
رنگ آهن اُجهاڻا نه سنسار جا.

او مِٺي! مُرڪندڙ نيڻ پنهنجا کڻي،
ڪجهه ته انداز ڏي سُونهن سينگار جا.

نيٺ ڪهڙو سفر، هُو پَريان پيو سڏي،
ورق سارا ٺپي، جيت ۽ هار جا.

روشني هيءَ اُڏاميو اچي پئي ڪٿان،
وار کوليا وري ڇا سکيءَ سار جا.

تون به سُر جي سفر ۾ ڏيئو ٿي ٻرين،
رنگ تون جي ڏسين تڙپندڙ تار جا.

چنڊ مُرڪي مڇيءَ جيئن ڏٺس پئي مٿان،
ڪنهن مُهاڻيءَ ڇڪيا پئي سِرا ڄار جا.

هاڻ ڪهڙيون ميارون وسيم ڏيان!
سڀ قبولي ڇڏيا مون سٺا يار جا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا

غزل

مقصود گل

سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا،
کلئون ملئون ٿا مگر اکين ۾ هزار آگم کنيون وتئون ٿا.

نظر گلابي ڏسي ته دل ٿي، رباب ڇيڙي ثواب سمجهي،
دکم دکم ته به سرور سمجهي، سرود سرگم کنيو وتئون ٿا.

حُسين جو غم سرير ۾ آ، دکي دکي دل جهڄي پوي ٿي،
عَلمُ قلم جو بلند آهي، نگاهه پُرنم کنيون وتئون ٿا.

نشو نظر جو نظر ۾ آهي، اکين مان اوتي پيئون، پيئاريون،
خمار مئي جو لٿو نه آهي، دليل دم دم کنيون وتئون ٿا.

حريص محفل نه راس آئي، عميق الفت رکئون اکين تي،
گلن سان پنهنجي عجيب عقيدت، شفيق شبنم کنيون وتئون ٿا.

محبتون جو ونڊي ورهائي، اهو اسان جي ونين ۾ ويهي،
ڪدورتن کي ڪٽي هميشه، پيار پيهم کنيون وتئون ٿا.

اکين ۾ سنڌو، اندر ۾ آتش فشان دک جو ڌڄي پيو ٿو،
دکن سکن جو اندر ۾ پنهنجي، عجيب عالم کنيون وتئون ٿا.

اکين رکي ’گل‘ چمون گلن کي، گلن مثل ٿا وفا ورهايون،
ڀلي هوا کان پڇي ڏسي ڪو، هڳاءُ هردم کنيون وتئون ٿا.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>