امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/10/2015

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم

غزل

محمد امين فهيم

هڪ سنگدل سان پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
دل مفت ۾ نثار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

دل، رشڪِ لاله زار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،
هڪ راز آشڪار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جو منهنجو ڪنهن طرح به نٿي ٿي سگهيو اي دوست،
ان سان وڃي جو پيار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

هاڻي ته صرف مرڪي نهارڻ به هن ڇڏيو،
ڇو عرض بار بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

ڪئن اشڪِ غم کي روڪيان، مٽي ۾ ملڻ کان اڄ،
دامن به تار تار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

قاصد وري به موڪلي ويٺس جنون ۾،
مجروح دل تي بار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

اشڪِ فراق صبر جي دامن تي پيو ڪري،
ان کي به داغدار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جو نيٺ ڪو نه آيو انهي جو ئي همنشين،
هر وقت انتظار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

دنيائ دل به هاڻ صفا ٿي ٻڏيو وڃي،
اکين کي اشڪبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

جنهن نيٺ راز فاش ڪيو پنهنجو اي ”فهيم“
ان تي ئي اعتبار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.​
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي

غزل

مخدوم امين فهيم 

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،
هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،
زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،
آه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.

سيم تن سرو قد صنم ايندو،
جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،
جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.

جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“
عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.​


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2015

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو



غزل

حسن درس

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.

لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

پُراڻو عشق پوڙهي جيئن،وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.

اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

16/10/2015

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟

غزل

احسان دانش

اکيون ته آرسي آهن، حجابُ ڇاجي لئه؟
نهار مُرڪ ٿي آڇي، نقابُ ڇاجي لئه؟

سوال هڪڙو نگاهن کان، نگاهن آ پُڇيو،
ڏيان پو آنءُ چپن سان، جوابُ ڇاجي لئه؟

نه ساڀيان جي تمنا، نه رُڃَ تي ويساھ،
اجايو نيڻ اُڻن پوءِ، خوابُ ڇاجي لئه؟

بهارَ مُند ۾ مکڙيون ٽڙي ڀلي گلَ ٿين،
اسان جو روحُ ٿو مهڪي، گلابُ ڇاجي لئه؟

اگر لِڪل آ ڪڪر منجھ چنڊ چهرو اڃا،
ته دل سمونڊ ۾ آ، اضطراب ڇاجي لئه؟

تندن سان تند مليل آهي، روح رقصان آ،
اڃا پُڇين ٿو رڳن ۾، ربابُ ڇاجي لئه؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هُوءِجڏهن بي ويجهڙي ناهي رهي. زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي

غزل

ساحر راهو

هُوءِجڏهن بي ويجهڙي ناهي رهي.
زندگيءَ ۾ زندگي ناهي رهي.

سنگ تراشن جي هٿن ۾ دوستو.
عاشقي فرهاد جي ناهي رهي.

شبنمي ناهن نظر جون موسمون.
گُفتگُوءِ ۾ شاستگي ناهي رهي.

هڪ ٽڪاڻي تي نه ٿيون نظرون رهن.
هڪ خُدا جي بندگي ناهي رهي.

عشق ۾ تنهنجي تقدُس جو قسم.
قيس جان سنجيدگي ناهي رهي.

حُسن تنهنجو ساڳيو گهنگهور پر.
دل ۾ پهرين تشنگي ناهي رهي.

بار جي بدبوءِ ۽ ٻُوساٽ ۾.
تازگيءِ جان نرتڪي ناهي رهي.

درد جي محدُود ٿي ويئي وُسعت.
شاعريءِ ۾ ساحري ناهي رهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو، يادن ڪو ورق اٿلايو هئو

عبالغفار تبسم

ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو،
يادن ڪو ورق اٿلايو هئو۔

تو مرڪي ڏٺو هئو مون ڏي مٺا،
مان شرم وچان شرمايو هئو۔

ناراض ٿيڻ تي تو مونکي،
ڪي پهر ويهي پرچايو هئو۔

تنهن جي ڌار ٿيڻ تي مان روئي ڏنو،
تو سياڻن جيان سمجهايو هئو۔



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

14/10/2015

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي

غزل

سعيد ميمڻ

روح ئي واسجي ويو آ مهڪار تي 
ڇا ته خوشبو اُٿي آهي ڇڻڪار تي 

هيءُ ڪهڙو مصور چٽي آ ويو 
آنءُ بيٺو ڏسان نقش ديوار تي 

ڪنهن جو ڪارو وڳو اُس ۾ ٿو سڪي 
ڄڻ پيو آ وڇوڙو ڊگهي تار تي 

هڪڙي سرخي اکين کي پسائي وئي 
ديد پيئي جڏهن منهنجي اخبار تي 

هڪ ٺڪا ٿيو ۽ ڦتڪي ڪِريو پٽَ تي
هئو مٺي ننڊ ۾ هُو پکي ڏار تي 

ڇا به سِرجي ڇڏي ڏيوس سِرجي ڀلي
ڪا به بندش نه وجهجو ڪلاڪار تي

باغ ۾ هوءَ سُتل هئي ڇٻر تي سعيد ! 
ننڊ ويئي وٺي کيس مهڪار تي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>