امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


30/11/2015

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،


ايوب کوسو

ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي،
جو وڇڙڻ لئه ڪو بهانو به گهرجي!
وسارڻ لئه ڪوئي فسانو به گهڙجي!
ضروري ته ناهي جو سانجهيءَ جي ويلي،
ڪنهن ڏيئي جي ويجهو اداسيءَ ۾ ويهي،
پَني جي چپن تي هِي لکجي ته جانان،
ها توکان سواءِ اڌورو مان آهيان!
۽ لکجي ته مونکي ڀنل شام ٽاڻي،
گهڻو ياد ايندي، ها ايندي تون آهين!
ضروري ته ناهي جو ساحل تي وڇڙي،
وري ڪنهنجي پيرن جي خوشبوءَ جو پُڇجي!
۽ آڌي جو تنها ٿي رستن تي رُلجي!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو دل جي شهر جي سڄي هيڪلائي،
ستارن جي دل کي ٻڌائي به ڇڏجي!
ضروري ته ناهي جو پاڳل هوا کان،
کِلي ڪنهن جي زلفن جا احوال وٺجن!
ٿُڪي پنهنجي رَت کي رڳو خواب اُڻجن،
کڻي يادگيرن جا خيما اُڌارا،
ٿڌين موسمن ۾ ٿڌا ساهه کَڻجن!
ضروري ته ناهي ضروري ته ناهي!
جو وڻجاري قدمن جي ڪنولن تي سوچي،
گلابن جو پتيون هٿن ساڻ ميڙي،
ٻه ٽي لُڙڪ هاري ڪتابن ۾ رکجن،
ڊگها درد مَن جي اکين ساڻ ٻکجن!
۽ الڪن جي ڪاري ايامن جي بَرَ ۾،
رڳو نيڻ اُگهجن، رڳو لفظ گُهٽجن،
او ڍوليا او جانم! ضروري ته ناهي،
جو ماڻهو اجايو پٿر تي نسورو،
کڻي خاص موسم جي آرن ۾ وڇڙي،
۽ وڇڙڻ لئه ڪوئي بهانو به گهڙجي،
گهڻي دير تائين ٿِي سگريٽ سَڙجي،
او دلبر پيارا ضروري ته ناهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آئون ويس تو مان اڏامي ڪونه پئي توکي خبر

غزل

ايوب گل

آئون ويس تو مان اڏامي، ڪونه پئي توکي خبر،
يا ستاري جيئن اجهامي، ڪونه پئي توکي خبر.

مون جڏهن پئي ديس ووڙيا گيت جوڙيا
تون هئين ڪنهن سان آرامي ڪونه پئي توکي خبر

مون گلابن جي پتين سان نانءَ تنهنجي کي اڪيريو
تون الئه ڪنهن سان آجامي ڪونه پئي توکي خبر

تو وڻن جا ڏار لوڏيا واءَ سان ياري رکي
وٽ ڪنهنجي ٿي وسامي ڪونه پئي توکي خبر

مون ڇڻڻ جي موسمن ۾ ڦول تنهنجي لئه ڦٽايا
مون ڏٺيون واٽون مدامي ڪونه پئي توکي خبر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

28/11/2015

اڪيلو رهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي

غزل

ڪنعيو شيواڻي

اڪيلو رهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي،
چپن کي سبڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

ڪڇي ڪين سگھبو، ڪئي ٿم خطا،
اندر ۾ لڇڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

ملي موٽ مونکي وهڻ کان گھڻي،
پگھر ۾ پسڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

وڏن سان رهي مون وڏائي سکي،
وڏن وٽ جھڪڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

اڌارن پرن سان اڏائي ڏٺو،
زمين تي لهڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

مڃي ڳالهه دل جي، تڪان ٿو کڻي،
امان جو اڱڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.

مرڻ ۾ ملي ٿي خدائي خوشي،
خوشيءَ ۾ مرڻ اڄ سٺو ٿو لڳي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

وائي

شيخ اياز

تتر تيز اڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

اچ رنڱي وٺ هٿڙا
لائي مينديءَ ڏار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

متان گل ڇڻي وڃن
ڏيئي مند ميار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

مند نڀائن ڪين ٿا
ڪنهن سان ڪارا وار
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

26/11/2015

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين



غزل

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳي ئي مري جي ڏٺوسين.

ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو،
محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين.

دغا ڪانه ڪنهن سان ڪئيسون ڪڏهن ڪا،
مگر پاڻ دوکو به کائي ڏٺوسين.

روئڻ جو ته ڪاٿو اصل ڪونه آهي،
اٿئون ڏک اهو جو نه مرڪي ڏٺوسين.

زخم زندگيءَ ۾ نه ڪنهن کي رسائي،
وري پاڻ سئو وار ڦٽجي ڏٺوسين.

سٺيوسين گهڻيون ئي گرم تر هوائون،
سهي سرد موسم سندو سي ڏٺوسين.

گهڻو وقت گڏجي گذاري سڄڻ سان،
فراق محبت ۾ ڦٿڪي ڏٺوسين.

سُکن مرتضيٰ کان ڪئي موڪلاڻي،
ڏهاڙي ڏکن منجهه تڙپي ڏٺوسين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

دشمنن جي ناه پرواه، دوستن ماري وڌو


غزل

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

دشمنن جي ناه پرواه، دوستن ماري وڌو،
گهڻ گهرن جو ويس پائي مٺ گهرن ماري وڌو.

غير آخر غير آ. ڪهڙي پراون تي ميار
پر هتي پنهنجن منافق ميسڙن ماري وڌو.

جن کي پالي ۽ پڙهائي الف انب سيکاريم،
ظلم آهي اڄ اکيون پوري، انهن ماري وڌو

صورتون اجريون اڇيون ۽ سيرتون ساريون سياه،
اندر جي ابليس اهڙن، منهن مٺن ماري وڌو.

دوستي جو جن رکيو، دوکن فريبن تي بنياد،
تن  دغابازن، لٽيرن ۽ ٺڳن ماري وڌو.

واٽ ڏيکارڻ لئه جيڪي سفر ۾ سونهان کنيم،
مون مسافر کي سفر ۾ تن، سونهن ماري وڌو.

پاڻ پنهنجي گهر رکيا مون، چور چوڪيدار پوء
هاڻ چوندو ٿو وتان، ير ويرين ماري وڌو.

مرتضيٰ  محبوب کي ڪئين عرض ۽ آزيون ڪيم،
آ اڃان بس اڄ سڀان، جي آسرن ماري وڌو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
سياه زلف سهڻا، سائين سنوارين ٿو مارين،
کڻي تير نظرون، نهارين ٿو مارين.

ڀري جام حنائي هٿن سان،
شرابِ محبت لڳائي لبن سان،
پيارا اسان کي پياري ٿو مارين.

سلامي ڀريندي سڄڻ سال ٿي ويا،
ڀلائي ڪريو ڪا برا حال ٿي ويا،
دلاسن سان دلبر، ڌتارين ٿو مارين.

ڪري دل جو دل ساڻ واپار هاڻي،
اچڻ کان ڀلا ڇو اٿئي عار هاڻي،
پرين پهر پاسي گذاري ٿو مارين.

هميشه وفا جا ڪري قول ڪهڙا،
ٻيائي نه ٿيندي ٻڌي ٻول ڪهڙا،
وري مرتضيٰ کي وسارين ٿو مارين.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>