امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


25/09/2016

جو رم جهم سانوڻ برسي ٿو

غزل

نسيم منگي

جو رم جهم سانوڻ برسي ٿو
ڄڻ لوڻ ڦٽن تي ٻرڪي ٿو

مون سمجهو تون آيو هوندين
پر تاڪ هوا تي کڙڪي ٿو

هي ٿڌڙي ٿڌڙي هير الا 
من جهومي جهومي ٻهڪي ٿو

منزل جو پوڄاري ماڻهو
ڇو وچ رستي تي سهڪي ٿو

جي خواب اسان ماري به ڇڏيا
ڇو ساه اسان جو سرڪي ٿو

هي سورن جي سڪرات الا
ڪو روئي روئي سڏڪي ٿو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

 شاعري : حليم باغي 

رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا، 
اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 هلو پرڀات جا پياڪئو! جو مئخاني جو در کوليون، 
اڃارا سانگ هن سارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 اسان زندان واسين جو، نه رنگ بدليو نه رُتِ بدلي، 
ڪراين ۾ ڪلف ڪارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.  

هينيان! ايڏو نه هارج ڪجهه ڪليجا! تون به هڏڪيون جهل، 
اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 سڀاڻي جي به سورين کي، پيا منصور منهن ڏيندا، 
اسان پنهنجا وتا وارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 اڙانگين عشق جي راهن، لڦون ڀريون ڌڌڙ آڇي، 
اکين ۾ لڙڪ هي کارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

ڇڙي تنهنجي ڪٿا ۽ رات، تنهنجيءَ تات ۾ ويئي، 
اکيون جليون، ٻريا چارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا. 

 _____ 

سانگ: ناز، نٽ، تماشا 
چارا: واٽون، رستا  
 شاعري : حليم باغي 
ڪتاب : اڙي شهر جانان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/07/2016

ساهَه ۾ پيو ساهُه تُنهنجي گود ۾

غزل 

واسديو موهي

ساهَه ۾ پيو ساهُه تُنهنجي گود ۾
سانت ٿيو ڀٽڪاءُ تنُهنجي گود ۾

وَڻَ جو پَنُ پَنُ، گُلَ جي هِڪَ هِڪَ پنکڙي 
مُرڪَ، آدرڀاءُ تُنهنجي گود ۾

وڻ جي هيٺان کَٽَ، لَڪُڻُ پايي اَڳيان 
نِنڊ مُرڪي ماءُ، تُنهنجي گود ۾ 

پينگھَـ جي هي لوڏ سان کِل کِل وڄي 
سوُنهَن جو پڙلاءُ، تُنهنجي گود ۾

ڀُڻڪَندو چَپَ ۾ وڃي پيو مالَ سان 
ڪو ڦُري ويو گاهُـ، تُنهنجي گود ۾

سومرو، جويو، رَکيل، اِمداد، گُلُ 
هرڪو ڀانيم ڀاءُ، تُنهنجي گود ۾

جھوُر هَڏَڙَن تي پَسيني جي چَمَڪَ 
ڪوهِرَن جو پاءُ، تُنهنجي گود ۾ 

نِم جي ٽارين کي ملايو پئي هَوا 
نيِنهَـن جو مَهِڪاءُ تُنهنجي گود ۾

ڪيترا يُگ گُذري ويا اَڄُ ٿو اَچين 
ڪنهن ڪيو ورجاءُ ، تُنهنجي گود ۾
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جڏھن کان اوهان آ اکين سان پئاريو

غزل

ڪرشن راهي 

جڏھن کان اوهان آ اکين سان پئاريو
مُڙي ڀي نه مَئِه ڏي اسان آ نهاريو

اُتي ئي اُتي ئي اڃان تائين آھيون
اوهان جت اشارو ڪري آ بِهاريو

اکين ۾ دلين ۾ ته ٻين جي به هوندءُُ
گهڙي ڪا اسان سان به گڏجي گُزاريو

اوهان ڪين ڀُلجي به ساريو اسانکي
اسان ڪين ڪڏهين اوهان کي وساريو

جتان ڀي ڏسون ٿا ته آ خوبصورت
اوهان ڇا ته آ زندگيءَ کي سوانريو⁠⁠
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اکين جي اکين سان گذارش وَڻي ٿي


غزل

ڪئلاش شاداب

اکين جي اکين سان گذارش وَڻي ٿي
ڀلي آھي سازش، هيءَ سازش وڻي ٿي

هتي حال اورڻ جي ڪوشش اڌوري
هُتي سڀ ٻُڌڻ جي هي خواهش وڻي ٿي

ڏسي وقت کي ٿا وٺن ڪَروٽون ڪجھه
ھي جذبن جي جُٺ، آزمائش وڻي ٿي

ڪري ضدُ ڪڏھن فاصلو ھي مِٺائي
ڪٿي ھاڻي تنهنجي پرستِش وڻي ٿي

وري گهر اسانجو تَڪي ٿي تَباهي
وري حوصلن جي هيءَ ڪوشش وڻي ٿي

ڪِٿي لفظ ۾ آھي ايذاءُ ساڳيو
ڪٿي تنهنجي “شاداب“ لرزش وڻي ٿي⁠⁠
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اکيون هي انوکيون ڪٿان يار پاتيون

غزل

ناري لڇواڻي 

اکيون هي انوکيون ڪٿان يار پاتيون
ڪڏهن مُسڪرائن، ڪڏهن ڄڻ تہ ڪاتيون

ڪٿان هي سکيون تيز تيرن سان چيرڻ ؟
نہ تيرن ۾ ڄايون، نہ تيرن ئي تاتيون !

لڳي ٿو هي مونسان سلڻ سڀ ٿيون چاهن
نہ سمجهان ٿو ٻولي، هُجن جئن ڪي ٻاتيون

ڦرڻ سان هنن جي ڦري سڀ وڃي ٿو،
هي صُبحن کي ڇا ٿيو، ويا بڻجي راتيون؟

ڪري ٿيون ڇڏن روُح سُرهو سدائين،
پکيءَ لات وانگر لڳن اک جون باتيون

جڏهن ٻن ڏٺو، ٻن ٻيُن کي بہ سامهون
هُيون هڪ ٻئي ۾ سمائڻ لاءِ آتيون

ٻُڏي ڪئن ويون دل جي اوُنهي سمُنڊ ۾
پري کان ئي بيٺي ٿي پاتائون جهاتيون

الائي ڇو مقبوُل ڏاڍيون ٿين ٿيون؟
ڪي نظمون اکيُن تي جڏهن ڀي مون ڳاتيون
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ياد ۾ مَن کي لڇائي ٿو الائي ڇو

غزل

ڪي ٽي دادلاڻي

ياد ۾ مَن کي لڇائي ٿو الائي ڇو 
ڳالهہ دِل جي ڪا لِڪائي ٿو الائي ڇو

ڄاڻ اٿس ساري مگر اڻڄاڻُ ٿو بَڻجي
اکہ خِزان سان ئي مِلائي ٿو الائي ڇو

بَس اڪيلو ٿو وَڃين هَلندو پَري جَڳہ کان
سوز جا ئي گيت ڳائي ٿو الائي ڇو

نِنڊ ۾ ٿو بَڙبڙائي مادري ٻولي
خواهشون هڙئي لٽائي ٿو الائي ڇو

آس ڪهڙي اٿس اندر ۾ سا خدا ڄاڻي
نينهنَ جي چادر پُسائي ٿو الائي ڇو

ڇڪ اباڻي ڳوٺ  لئہ ڪيڏي اٿس مَن ۾
هند ۾ ئي سِنڌ وَسائي ٿو الائي ڇو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>