امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


26/10/2016

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن

غزل

مخمور رضا

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن
نيڻ رستا وري ڀُلي ويا هن

مان اُڏامان ٿو وقت! ڏِسُ ٻيهر
پَرَ منهنجا ٻڌل کُلي ويا هن

آهي سارو چمن ٻُسو ٿي ويو
گلَ مرجهائجي ڪُلي ويا هن

ڏِسُ! ڪکاوان جهڳا جُهري ويا سڀ،
تيز طوفان ڪي گُهلي ويا هن

تنهنجو! چهرو حسين پسي پوپٽ
پيچرا باغ جا ڀُلي ويا هن

عشق مخمور کي ڪيو مئڪش
چرچا چوڌار هي هُلي ويا هن


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/10/2016

پنهنجي دل جو پار نہ وسري سگهندو آ

غزل

وسيم سومرو

پنهنجي دل جو پار نہ وسري سگهندو آ
وسري جڳُ ڀل يار نہ وسري سگهندو آ

سُھڻي ترندڙَ ياد اچي ويندي آهي
اک کان دريا تار نہ وسري سگهندو آ

آهن گذري ويندا سال هوائن جيئن
ڪن ماڻھن جو پيار نہ وسري سگهندو آ

ٻُڪ ٻہ ٽي پيئندڙُ ناريءَ جي گهاگهر مان
پياسو ڪوئي سُوار نہ وسري سگهندو آ

اڀ جو نيرو خيمو ڀل ٿي سُرخ وڃي
ساٿُ ڪو سايا دار نہ وسري سگهندو آ

نڪري هڪڙيءَ کڏ مان ٻيءَ ۾ پوندو آ
جيجل کان پر ٻار نہ وسري سگهندو آ

پينگھ ٻڌي خوابن جي جنهن ۾ لُڏندو آ
ٻالڪ کان سو ڏار نہ وسري سگهندو آ

سنڌوءَ جي بيدار اُٻهرين لهرن تي
ٻيڙيءَ جو سنسار نہ وسري سگهندو آ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

محبتن مان مزو آهي نڪري ويو

غزل

سعيد نواز سومرو

محبتن مان مزو آهي نڪري ويو 
مئڪشين مان مزو آهي نڪري ويو

ساٿ هڪڙو قدم ڪو هلي ڪونه ٿو
قربتن مان مزو آهي نڪري ويو

هر ڏسا ۾ انڌيرن جو واسو گهڻو 
روشنين مان مزو آهي نڪري ويو

هر جواني روئي ٿي پيئي رت ڦڙا
خواهشن مان مزو آهي نڪري ويو

جنهن سمي کان سکي ڄامشورو ڇڏيو
فئڪلٽين مان مزو آهي نڪري ويو

تو ڇا جانان اسان کان مَٽيو مُنهڙو 
سڀ خوشين مان مزو آهي نڪري ويو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

يادن ڪيا حملا هاڻ ھلي آءُ

غزل 

سرويچ ھاشم راهمون

يادن ڪيا حملا هاڻ ھلي آءُ 
ھر پاسي واويلاءُ هاڻ ھلي آءُ

توبن منهنجو جي ٿو گهبرائي 
البيلاءُ او البيلاءُ ھاڻ ھلي آءُ

بهارون وري آيون ساجن سائين 
فضا جا ويا پن پيلا ھاڻ ھلي آءُ

برسات پئي آ ڌرتي پئي مهڪي 
پاڻ ڀانڪر پايون ٻٽاھاڻ ھلي آءُ

خدا ڪري خير توڏي منهنجا پرين 
تنهنجا ئي آھن الڪا هاڻ ھلي آءُ

محبت ۾ ايڏا ناهن ڪبا اي هاشم
ڇو ٿو ڪرين ليکا هاڻ ھلي آءُ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چري دل چاھَ تي پهتي

غزل

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

چري دل چاھَ تي پهتي
وڏي آڙاھَ تي پهتي

سُڪائي تار تي ڪپڙا
وري هوءَ گاھَ تي پهتي

پَلي جي ڳالھ تي دلڙي
وڃي درياھَ تي پهتي

ٻُڌي منهنجو غزل جانان
اچي ساراھَ تي پهتي

سزا هئي آسمانن کان
لهي ڪنهن آھَ تي پهتي

کڻي دل کيپَ يادن جا
صنم جي راھَ تي پهتي

جهانۡ کي ”عبد“ ٺُڪرايَئين
جڏھن ساڃاھَ تي پهتي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

او موذن! ٿوروآهستي

موذن!

آسي زميني

او موذن! ٿوروآهستي
هن مسجد جي ڀر پاسي ۾
ڪنهن پورهيت جا ڪي پيٽ بکيا
مس هاڻي آهن ٻار ستا
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس ٻار متان ڪو پئي جاڳي
۽ پنهنجي ٺريل چلهه ڏسي
ڪنهن جيجل جو پئي جيءُ جهري
او موذن! ٿوروآهستي
ڏس دور ڪٿي ڪنهن مل منجهان
آواز اچي پيو ٿو گهنڊ جو
۽ دونهن ڀري چمني جو
پيو مونکي پنهنجي طرف ڇڪي
او موذن! ٿوروآهستي
هي گهنڊ مقدس آ مون لئه
جو منهنجي بک مٽائي ٿو
۽ پنهنجي چله جي ٻارڻ لئه
مان چڻنگ وٺان ٿو چمنيء کان
تون پاليل من سلوا جو
هي ڳالهه ڪٿي ٿو تون سمجهين
آنڊن جي هن شوروغل ۾
آواز آذان آ بي معنيٰ.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

چھرو سندر ھو نيڻن ۾

غزل

منورملاح

چھرو سندر ھو نيڻن ۾،
ڄڻ ڪو مندر ھو نيڻن ۾.

شھر وري ڏس اڏجي ويو آ،
جو اڳ کنڊر ھو نيڻن ۾.

روز نوان گھاوَ پيو ٻاري،
لھجو خنجر ھو نيڻن ۾.

ٿي ننڊاکي نيڻ ٻڌايو،
ڪنھنجو تصور ھو نيڻن ۾.

ڄڻ ڪو جوڀن سار ڇڏي ويو،
رھيل منظر ھو نيڻن ۾.

لوڪ جلائي ڏيئا پيو ٿو،
ھڪڙو قلندر ھو نيڻن ۾.

ھر ڪو ڌڪ بي معنا ٿي ويو،
منھنجي منور ھو نيڻن ۾.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>