امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


27/06/2017

مهڪن تنهنجا واسطا مرڪي تنهنجي ديد

وسيم سومرو

مهڪن تنهنجا واسطا، مرڪي تنهنجي ديد
لمحو لمحو عيد، گذري تنهنجي زندگي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/06/2017

ڀروسو نه رک !



ڀروسو نه رک ! 

دادن فقير

جواني جي جوش تي، پرائي غوش ٿي
نشئي جي ياري تي نالي، واري ناري تي
اڪ جي سوٽي تي، پاڻي جي ڦوٽي تي
ڪچي سٽ جي تار تي، رنگيلي جي ٻار تي 
 ڀروسو نه رک

رنڊيءَ جي انجام تي، ڪميڻي غلام تي
رشوتي امين تي، اُٺي جي زمين تي
پاڻي جي ڇر تي، پرائي زر تي
سانوڻ جي مينهن تي، سياري جي ڏينهن تي
حاڪم جي چاهه تي، چور جي ويساهه تي
سدائين ساهه تي، ڪنوالي جي گاهه تي 
ڀروسو نه رک

پرائي مال تي، زناني ڳالهه تي
نوڪري نيچ تي، ڪچي جي پيچ تي
خيراتي خوراڪ تي، سُڃي جي اوطاق تي
اُڌاري سؤ تي، ڀت جي  ڍَو تي
شيشي جي گلاس تي، پرديسي جي پياس تي
ننڍن ٻارن تي، ڪارن وارن تي
 ڀروسو نه رک

گُلن جي هار تي، جواري يار تي
درياهه جي عار تي، کڏ نڙي جي شڪار تي
گهڙي جي چٽ تي، واپاري مِٽ تي
ڪاڇي جي دڳ تي، اڪاري جي پڳ تي
يار کوٽي تي، ٺڪر جي لوٽي تي
جهُڙ جي ڇانوَ تي، چيني جي ٿانوَ تي
”دادن“ ادا دم تي، ڪوڙي دنيا جي ڪم تي
ڀروسو نه رک

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/06/2017

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا

غزل

عطا محمد حامي

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا
زبان خاموش رھندي چپ نه ھرگز چورڻا پوندا

محبت ۽ مصيبت جا ڪيئي مرحلا ايندا
ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڪيئي ڏورڻا پوندا

جڏهن تشريف فرما حسن جي سرڪارھت ٿيندي
قيامت خيز قدمن جي مٿان سر گھورڻا پوندا

سکائون باسبيون پيرن تي پڙ وجھبا چلا ڪڍبا
سوين سڪ جا سڳا تنھنجي ملڻ لاء سورڻا پوندا

پچڻ پڄرڻ جلڻ کامڻ جا مزا وٺبا ڪيئي 
جدائي ۾ جگر دل جان ۽ تن من جھورڻا پوندا

مٺن ماڻھن اڳيان حامي مٺو ڳالھائڻو پوندو
زبان کولڻ کان اڳ۾ حرف سارا تورڻا پوندا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/04/2017

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟

غزل

امتياز دانش

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟
ٽڙي ڦول وانگي ڇڻياسين اسان ڇو؟

وري پاڻ کي جي هيو ايئن ٽٽڻو
ٽٽي هڪڙو ڀيرو جڙياسين اسان ڇو؟

هيو پاڻ کي روئڻو عمر ساري 
گهڙي هڪ به ڇا لئه کلياسين اسان ڇو؟

اڃا ڪيترو وقت هو پاڻ کي پر 
اڳي وقت کان ئي ٿڪاسين اسان ڇو؟

جڏهن هاڻ تعلق رهيو ناهه تو سان !
ڪري ياد توکي رناسين اسان ڇو؟

ڪيو ڪنهن نه ڪڏهين اسان کي مڪمل
” اڌورا اڌورا رهياسين“ اسان ڇو ؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مُحبتن جي نکارن لئہ سينگارن ۽ سَنوارڻ لاءِ

گيت

عبد الغفار تبسم

مُحبتن جي نکارن لئہ سينگارن ۽ سَنوارڻ لاءِ،
چڪيل چاڪن سان چؤنڪن تي به چيچلائڻ ضروري آ،
ضروري آ ته ڪَکَ پَنَ تي وَفا جا واعده لِکجن،
ها پوءِ تن کي پاڪائين سان پَڙهي پاڙڻ ضَروري آ.

ڊِسَمِبَرَ، جَنوريءَ کان پو مُوسَمَ جي گَردشن موجب،
مان سَيهٽيو هو مون لاءِ هاڻي سَڙيو سانوڻُ ضروري آ،
وَصُلَ جي راحَتُنَ جا ڪيف ماڻي ڍئوَ ڪَيمِ جَڏهن،
انهيءَ کان پوءِ لازم ٿئي ٿو هِجرُ ڀوڳڻُ ضَروري آ.

چَنبيلين، رابيلن، مُوتِين، وَلين وَلهارين وانگي،
تُنهنجي مُحَبَتَ جون سُرهاڻيون اوتيون مان خُوشبوئن وانگي،
تنهنجي سونهن جي سُڳنڌن کي جڏهن سانڀيو ساهَنِ وانگي،
تڏهن پِڻُ فرضُ ٿيو مُون تي تُوکان وِڇِڙَڻُ ضَروري آ.

مُنهنجي بي لوثُ چاهڻَ کي جَڏهن عِشِقَ غَرضُ پئي ڄاتو،
مُنهنجي اڻکٽُ وَفائُنِ کي فَقَطِ مُنهنجو فرضُ پئي ڄاتو،
تنهنجين مَغرورين جَڏهن تُوکي ان موڙ تي آندو،
تڏهن ”تبسم“ کي سوچ آئي جدائي ٿيڻ ضروري آ.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/04/2017

رھبري هڪڙي طرح جي، قافلا ٻي طرح جا

غزل

ج ع منگهاڻي

رھبري هڪڙي طرح جي، قافلا ٻي طرح جا
رھزنی ھڪڙي طرح جي، رهنما ٻي طرح جا

مقتلن جي افتتاحن تي ڏسائون ڇرڪيون
ڪربلا هڪڙي طرح جي، زلزلا ٻي طرح جا

بیوسيء جي حد آهي هاڻ وستيء ۾ ابور
استدعا هڪڙي طرح جي، واقعا ٻي طرح جا

حق تي آهن سموريون مچ واريون محفلون
ثابتي هڪڙي طرح جي، رابطا ٻي طرح جا

حسن جي ڀي آرزو آهي تہ خوداریون کپن
عاشقي هڪڙي طرح جي، آشنا ٻي طرح جا

تاس جي هر آس کي موکيءَ ڏنو مرڪي جواب
تشنگي هڪڙي طرح جي، ميڪدا ٻي طرح جا

تخت ڀي ٽڪرا لڳي ٿو، ڪرسيون ڀي چچريون
ثالثي هڪڙي طرح جي، فيصلا ٻي طرح جا

جاڳ جي رت ۾ منگهاڻي ساب اوجاڳا پيا
شاعري هڪڙي طرح جي، معجزا ٻي طرح جا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر، ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر


غزل

ج ع منگهاڻي

لڙڪن جو پڙلاءُ نہ ڪر
ايڏو ڀي ڏيکاءُ نہ ڪر

صدين تائين وکري ويندين
سوچن جو ٽڪراءُ نہ ڪر

ڪونهي ڪو ڀي ويڄ طبیب
گهرو ايڏو گهاءُ نہ ڪر

لڀجي سگهندين ڪين ڪٿي
سورن سان سرچاءُ نہ ڪر

ماٺ مٺيءَ ۾ وينديس آنءُ
مونسان ڪوئي داءُ نہ ڪر

ميڻ جيان مان وگهري وينديس
باھ جيان ڪو تاءُ نہ ڪر

ڪاوي جهڙو من اسان جو
لفظن جو پٿراءُ نہ ڪر

جيون اڳ ئي کارو ٻاڙو
ويتر ڪۇڙو ساءُ نہ ڪر

ڪين منگهاڻي لاهي سگهندي
ٿورن جو ورجاءُ نہ ڪر

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>