امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


22/07/2017

شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي


بارش

امداد حسيني


شھر ڪراچيءَ کي وھنجارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
منھنجي من ۾ ٻارڻ ٻارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پنھنجون ، منھنجون ھنجون ھارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي
دل تان دُک جي ڌوڙ ڌئارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پَرِ تہ وسندي مينھن ڀِناسين تون مان سِنڌو ساگر تي
وسريل ڪائي سارَ ڏيارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

بادل ڀرجي ڀرجي گرجي برسيا ، تِر بہ نہ سي ترسيا
ويدن جا اشلوڪ اچارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

مورُ ٽَھُوڪيو ، ڪويَل ڪُوڪيو ، تاڙي تاڙو تاڙَ ڪئي
ٺاري ٻارڻ ٻاري ٺارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي

پاڻ بہ رؤنشي ڪوڏي ٻارن ساڻ ملي ٿي ٻارُ ٿئي
ڪاغذ جي ڏس ٻيڙيءَ تارڻ ڪارڻ بارش آئي ڙي..
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/07/2017

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها، ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟



ايوب گل

تو ۾  ٿوري جاءِ ملي ها،
ايڏو ڇو رولاڪ هجان هان؟

مون ته گُهريو هو سانجهي ٽاڻي
تنهنجي اُڀ جو تارو ٿيان هان

يا مان تنهنجي پيرن هيٺيان،
چانڊوڪي جو چارو ٿيان هان

مون ته گُهريو هو ٽاڪ منجهند جو
گهاٽي بڙ جي ڇانؤ ٿيان هان

ماڻهن کي مون منجھ ملين ها،
اهڙو تنهنجي نانءُ ٿيان هان

مون ته گُهريو هو رات لڙي جو،
تنهنجي ٻُڪ ۾ جُگنو ٿيان هان

توکي جيڪر ننڊ اچي ها،
نيڻ چُمان ها، سپنو ٿيان هان

تو ۾ ٿوري جاءِ ملي ها
ڌرتيءَ تي افلاڪ هجان هان

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/07/2017

ڌيري دم کڻ ڌيري هل



غزل

نارائڻ شيام

ڌيري دم کڻ ڌيري هل
آھ مجاز جو شيش محل

حُسن نظر جي ڇانوَ هئي
راه عمل ۽ ڏينهن تتل

لهر لهر ۾ لهر اُٿي 
هاڻ ته هڪ طوفان اجهل

رات جو راهي اچڻو آھ 
جل جل مشعل جل جل جل

شيام حيات جي حُسن مٿان
آھ ازل کان چريو اجل.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

27/06/2017

مهڪن تنهنجا واسطا مرڪي تنهنجي ديد

وسيم سومرو

مهڪن تنهنجا واسطا، مرڪي تنهنجي ديد
لمحو لمحو عيد، گذري تنهنجي زندگي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

11/06/2017

ڀروسو نه رک !



ڀروسو نه رک ! 

دادن فقير

جواني جي جوش تي، پرائي غوش ٿي
نشئي جي ياري تي نالي، واري ناري تي
اڪ جي سوٽي تي، پاڻي جي ڦوٽي تي
ڪچي سٽ جي تار تي، رنگيلي جي ٻار تي 
 ڀروسو نه رک

رنڊيءَ جي انجام تي، ڪميڻي غلام تي
رشوتي امين تي، اُٺي جي زمين تي
پاڻي جي ڇر تي، پرائي زر تي
سانوڻ جي مينهن تي، سياري جي ڏينهن تي
حاڪم جي چاهه تي، چور جي ويساهه تي
سدائين ساهه تي، ڪنوالي جي گاهه تي 
ڀروسو نه رک

پرائي مال تي، زناني ڳالهه تي
نوڪري نيچ تي، ڪچي جي پيچ تي
خيراتي خوراڪ تي، سُڃي جي اوطاق تي
اُڌاري سؤ تي، ڀت جي  ڍَو تي
شيشي جي گلاس تي، پرديسي جي پياس تي
ننڍن ٻارن تي، ڪارن وارن تي
 ڀروسو نه رک

گُلن جي هار تي، جواري يار تي
درياهه جي عار تي، کڏ نڙي جي شڪار تي
گهڙي جي چٽ تي، واپاري مِٽ تي
ڪاڇي جي دڳ تي، اڪاري جي پڳ تي
يار کوٽي تي، ٺڪر جي لوٽي تي
جهُڙ جي ڇانوَ تي، چيني جي ٿانوَ تي
”دادن“ ادا دم تي، ڪوڙي دنيا جي ڪم تي
ڀروسو نه رک

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/06/2017

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا

غزل

عطا محمد حامي

اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا
زبان خاموش رھندي چپ نه ھرگز چورڻا پوندا

محبت ۽ مصيبت جا ڪيئي مرحلا ايندا
ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڪيئي ڏورڻا پوندا

جڏهن تشريف فرما حسن جي سرڪارھت ٿيندي
قيامت خيز قدمن جي مٿان سر گھورڻا پوندا

سکائون باسبيون پيرن تي پڙ وجھبا چلا ڪڍبا
سوين سڪ جا سڳا تنھنجي ملڻ لاء سورڻا پوندا

پچڻ پڄرڻ جلڻ کامڻ جا مزا وٺبا ڪيئي 
جدائي ۾ جگر دل جان ۽ تن من جھورڻا پوندا

مٺن ماڻھن اڳيان حامي مٺو ڳالھائڻو پوندو
زبان کولڻ کان اڳ۾ حرف سارا تورڻا پوندا
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/04/2017

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟

غزل

امتياز دانش

هيو وڇڙڻو جي ملياسين اسان ڇو؟
ٽڙي ڦول وانگي ڇڻياسين اسان ڇو؟

وري پاڻ کي جي هيو ايئن ٽٽڻو
ٽٽي هڪڙو ڀيرو جڙياسين اسان ڇو؟

هيو پاڻ کي روئڻو عمر ساري 
گهڙي هڪ به ڇا لئه کلياسين اسان ڇو؟

اڃا ڪيترو وقت هو پاڻ کي پر 
اڳي وقت کان ئي ٿڪاسين اسان ڇو؟

جڏهن هاڻ تعلق رهيو ناهه تو سان !
ڪري ياد توکي رناسين اسان ڇو؟

ڪيو ڪنهن نه ڪڏهين اسان کي مڪمل
” اڌورا اڌورا رهياسين“ اسان ڇو ؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>