امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


21/12/2017

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو


غزل

مقصُود گُل 

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو
باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو، ٻيو ڪو نه هو

مطلبي انسان جا سڀ رُوپ ظاهر ٿي پيا
جڳ ڏٺو هو جابجا، خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو

هُن چيو ”مذهب“ هُجي ۽ مُون چيو ”انسانيت“
سمجهَه جو ڦيرو هُيو، بس ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو

چنڊ تي پهتو وڃي، جھنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو
عرش وارن ڀي ڏٺو، ”انسان“ هو، ٻيو ڪو نه هو

هورڙيان پيرن منجھان ڌرتي وڃي پئِي کِسڪندِي
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا اُلڪو نه هو

مُلڪ جو نئين سر بڻايو آهه نقشو سازشن
مُون ڏٺو جاچي ته اُن ۾ سنڌ جو نقشو نه هو

هيٽرن تي بند ڪمرن ۾ سُتا، ڪنهن جا ڪُتا
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُرِيءَ ۾ جسم تي چولو نه هو

ڪاغذي ”گُلَ“ کوڙَ گڏُ گُلدان ۾ مهڪن پيا
پر ڪٿي ڪمري اندر سُرهاڻ جو سونچو نه هو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/11/2017

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن

غزل 

سرمد چانڊيو

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن
هن ڌرتيءَ جا من ورتيءَ جا، سڀ رنگ پرين رچنا ۾ رچن

مان کيت خزان ۾ کيڙيان ٿو، ۽ سپنو سپنو ميڙيان ٿو
هيءَ ننڊ اکين مان ڦيڙيان ٿو، تون پاڙين شال وصال وچن

اڄ دم دم دلڙي ڌڙڪي ٿي، ۽ کاٻي اک به ڦڙڪي ٿي
وشواس پيا در کڙڪائن، ٿا پُور نوان پل پل ۾ پچن

تون آءُ هلي تون آءُ هلي، مون نيڻ وڇايا آڳر تي
پَرُ سال جيان ڪي هيل وري، ڀرپور نوان ميلا ته مچن

هِي پيار ته آهي کير ندي، چاندي کان چٽي، ڪڏهين نه ڦٽي
هن دير سوير جي دنيا ۾، سرمد نه ٿيو ڪو سور سچن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2017

تنهنـجي نيڻن ۾ پل ٽـڪــِي ڏسجي


غزل

عجب شيخ

تنهنـجي نيڻن ۾ پل ٽـڪــِي ڏسجي
جـڳ سـڄي کـان پــري رهِــي ڏسـجي

پَــرَ نه آهــن مـگـر ڪــري ڪـوشــش
آســمـانــن طرف ـ اُڏي ڏســــجـي

دوستيءَ جــي درياههَ گـهــري ۾ 
ڪجهه تَرِي يار ! ڪجهه ٻُڏِي ڏسجي

ڪيرُ جوڙي ٿو يا نه جوڙي ٿو
هڪڙو ڀيــرو کڻـي ڊهِــي ڏسجي

عـيــد گـذري پـئـي شـهــر ۾ ، پـــــــر 
ڳــوٺ جـهـڙي نه ٿـي خـوشـي ڏسـجي

ڇـا ٿي قـيـمت لـڳي اسـان جـي هِــتِ 
سِــرُ تــِرِيءَ تي عـجـبَ ! رکِـي ڏسـجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

12/10/2017

گهاءُ ڪنهن جي ياد جو ڪُرندو رهيو


 غزل 

بيوس سجاد گاڏهي

گهاءُ ڪنهن جي ياد جو ڪُرندو رهيو
نـانءُ هڪـڙو هـانءُ ۾ هُـرنـدو رهيو

بـيـمـاري جي بـستـري تـي ڪـو مريض
پئـي خـدا کـان زنـدگـي گُـهـرنـدو رهـيو

جـُهـور پـوڙهـو ٿـي ويــو آخـر ڪَوِي!
پـر قـلم هـٿ ۾ سـنـدس چُرندو رهـيو

سنڌ تـنـهـنجي سينـڌ شل مـيري نه ٿيَ
سـوچ اِن ۾ جِـيءُ آ جُـهـرنـدو رهــيو

غـيـر سـان تـوکـي ڏِسي بـيـوس تڏهـن
مـوت جيَ آڙاھ ڏي سُرنــدو رهـيـو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اکين ۾ جاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

غزل 

ديوانو ديدار گاڏهي

اکين ۾ جاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ
رسي ويا ڀاڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

اکـين ۾ ننڊ جا ديرا اڏي آخر اڏيان ڪهڙا
پري آ مـاڳ او جانان سمـهـڻ جي آس ڏاڍي آ

لکيو ويو ڀاڳ منهنجي کي انڌيري رات ۾ آھي
ڪچي ڄڻ واڳ اوجانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ

اسان ڳوليو سکيو جيون ملي ويا درد ڀاڳن ۾
رڙين جو راڳ او جانان سمهڻ جي آس ڏاڍي آ


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/10/2017

هُن حنا سان هو هٿيليءَ تي لکيو


غزل 

ساحر راهو

هُن حنا سان هو هٿيليءَ تي لکيو
نانءَ ڪنهنجو دل حويليءَ تي لکيو.

ڪنهن ڏُکويل ڏيک جو هو مرثيو.
نوڪ خنجر سان ڦُليليءَ تي لکيو.

ريت جي درياهه ۾ ٻيڙي ٻُڏي.
پاتڻيءَ نوحو سهيليءَ تي لکيو.

پياس جي صحرا ۾ رولي پاڻ کي.
گيتُ مون هڪڙي ٿريليءَ تي لکيو.

هار تي يا جيت تي کُٽندو سفرُ.
وقت انڌيءَ آ پهيليءَ تي لکيو.

باوضُو ٿي هڪ ستاري سانوري.
چنڊ جي مرضي چنبيليءَ تي لکيو.

زندگيءَ جي رات مون عُنوان سان.
هڪ فسانو دل اڪيليءَ تي لکيو.

پوش چهرن جا پُڳا پيغام ڇو.
داستان ساحر ڳهيليءَ تي لکيو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

04/10/2017

دلـيـن جـي يـار ڌرتيَ تـي سـويـن احـسـاس جـاڳـن ٿـا



غزل

عاطف خاصخيلي

دلـيـن جـي يـار ڌرتيَ تـي سـويـن احـسـاس جـاڳـن ٿـا 
اڄـاتـا خــوف جـا مـن ۾ ڪـيـئـي راڪـاس جــاڳـن ٿـا

کـليــل ٻـانـهـون ڏسي تـنـهـنـجون سـتارا ڀي سُتا ناهن 
صـديـن جـا ٿـڪ هـونـدي ڀـي نـوان وشواس جاڳن ٿا

ٿيـا هن پـهـر ڪي هُن کي لنگـهـي وئي هوء هتان آهي 
ويـا ٿــي پـيـچـرا روشـن گـهــٽـيــن ۾ واس جـاڳـن ٿـا

اســان جـــو جــســم مــٽــي آ اهــو مــٽـيء ۾ لاهـيــو 
رڳـو اي وقــت تــو وٽ ڇـو صــدا انــگـاس جـاڳـن ٿـا

نه مون ۾ ڪو رهي مـجـنـون نه منهنـجو روح سيلاني 
الايـٔي پـوء بــه ڇـو مـن ۾ سـويـن بـنــواس جـاڳـن ٿـا

اسان جي روح جي رڻ تي نه ٿي ڪا ٻاجهه جي بارش 
ڪـيئـي عـاطـف جـيـان دل ۾ سـنـڀـال تـاس جـاڳـن ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>