امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


23/08/2018

عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي



عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي
ڪنهن نہ چاهيندي بہ آخر عيد ڪئي

صبح جو ڏيئي صدا گهر گهر پني،
گودڙيء ۾ آ گداگر عيد ڪئي

آسري امداد جي راهون تڪي،
ٿوهرن جي ٿاڪ ۾ ٿر عيد ڪئي

آجپو ڍل کان مهاڻن کي مليو،
ڪوڏ مان ڪيڏي تہ ڪينجهر عيد ڪئي

سر ڏئي سجدا ڪري ڌرتي چمي،
ڪات هيٺان آهہ ڪونڌر عيد ڪئي

خون سان اڇا جهنڊا ڳاڙها ڪري،
آ شڪاگو ۾ بہ ناصر عيد ڪئي

حق وٺڻ جي واٽ پورهيت کي ڏسي،
مرڪندي مزدور ليڊر عيد ڪئي

ماڻهپي جي منهن مٿي دانگي ملي،
آ اڊمبر ساڻ آمر عيد ڪئي

ڪنهن ڪئي ٰ گل ٰ مرڪندي ڪنهن سڏڪندي،
هر ڪنهن آ حال آهر عيد ڪئي

 (مقصود گل )



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

چاهيان هر پل ديس ۾ نئون نپجي نينهن 
ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

رخسانا پريت
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/05/2018

موت کي ۽ حيات کي روڪي


غزل

 اختر درگاهي

موت کي ۽ حيات کي روڪي 
اچ ملون ڪائنات کي روڪي

ڏانءُ اھڙو ڪٿان کڻي آئين 
جنھن ڇڏيو منھنجي ڏات کي روڪي

صبح ٿيندو تہ ھوءَ ھلي ويندي
ڪير آھي جو رات کي روڪي

ھڪڙو محبوب ويھاري من ۾ 
مون ڇڏيو خواھشات کي روڪي

عشق انسان ساڻ ٿيندو آ 
عشق ٿو ذات پات کي روڪي

باک جھڙي پرينءَ اڳيان شاعر 
ڇڏ انھي فاعلات کي روڪي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

20/02/2018

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو

گيت

سوز هالائي

چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو،
ياد جا گل گلاب کڻي وڃ،
پرينءَ کي پهچائي ڏج،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

اجرا اجرا ۽ تو جهڙا،
سارا منهنجا خواب کڻي وڃ،
ساهن منجهه سمائي ڏج،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

خط هوائن ڪونه پڄايا،
هاڻي هٿ جواب کڻي وڃ،
لوڪ سڄي کان لڪائي ڏج،
چنڊ پرين جي پار وڃين ٿو.

منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ،
نيڻڻ منجهه حجاب کڻي وڃ،
وڃ مگر شرمائي ڏج،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.

نينهن سنيهن جا ”سوز“ سنيها،
بي حد بي حساب کڻي وڃ،
جهوليءَ کي ڦهلائي ڏجل،
چنڊ پرينءَ جي پار وڃين ٿو.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

21/12/2017

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو


غزل

مقصُود گُل 

لوڪ ساري ٿَي ڏٺو، هي دِيد جو دوکو نه هو
باهه ڏيندڙ باغ کي پنهنجو ته هو، ٻيو ڪو نه هو

مطلبي انسان جا سڀ رُوپ ظاهر ٿي پيا
جڳ ڏٺو هو جابجا، خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو

هُن چيو ”مذهب“ هُجي ۽ مُون چيو ”انسانيت“
سمجهَه جو ڦيرو هُيو، بس ٻيو ته ڪو جھڳڙو نه هو

چنڊ تي پهتو وڃي، جھنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو
عرش وارن ڀي ڏٺو، ”انسان“ هو، ٻيو ڪو نه هو

هورڙيان پيرن منجھان ڌرتي وڃي پئِي کِسڪندِي
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا اُلڪو نه هو

مُلڪ جو نئين سر بڻايو آهه نقشو سازشن
مُون ڏٺو جاچي ته اُن ۾ سنڌ جو نقشو نه هو

هيٽرن تي بند ڪمرن ۾ سُتا، ڪنهن جا ڪُتا
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُرِيءَ ۾ جسم تي چولو نه هو

ڪاغذي ”گُلَ“ کوڙَ گڏُ گُلدان ۾ مهڪن پيا
پر ڪٿي ڪمري اندر سُرهاڻ جو سونچو نه هو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

07/11/2017

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن

غزل 

سرمد چانڊيو

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن
هن ڌرتيءَ جا من ورتيءَ جا، سڀ رنگ پرين رچنا ۾ رچن

مان کيت خزان ۾ کيڙيان ٿو، ۽ سپنو سپنو ميڙيان ٿو
هيءَ ننڊ اکين مان ڦيڙيان ٿو، تون پاڙين شال وصال وچن

اڄ دم دم دلڙي ڌڙڪي ٿي، ۽ کاٻي اک به ڦڙڪي ٿي
وشواس پيا در کڙڪائن، ٿا پُور نوان پل پل ۾ پچن

تون آءُ هلي تون آءُ هلي، مون نيڻ وڇايا آڳر تي
پَرُ سال جيان ڪي هيل وري، ڀرپور نوان ميلا ته مچن

هِي پيار ته آهي کير ندي، چاندي کان چٽي، ڪڏهين نه ڦٽي
هن دير سوير جي دنيا ۾، سرمد نه ٿيو ڪو سور سچن.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

22/10/2017

تنهنـجي نيڻن ۾ پل ٽـڪــِي ڏسجي


غزل

عجب شيخ

تنهنـجي نيڻن ۾ پل ٽـڪــِي ڏسجي
جـڳ سـڄي کـان پــري رهِــي ڏسـجي

پَــرَ نه آهــن مـگـر ڪــري ڪـوشــش
آســمـانــن طرف ـ اُڏي ڏســــجـي

دوستيءَ جــي درياههَ گـهــري ۾ 
ڪجهه تَرِي يار ! ڪجهه ٻُڏِي ڏسجي

ڪيرُ جوڙي ٿو يا نه جوڙي ٿو
هڪڙو ڀيــرو کڻـي ڊهِــي ڏسجي

عـيــد گـذري پـئـي شـهــر ۾ ، پـــــــر 
ڳــوٺ جـهـڙي نه ٿـي خـوشـي ڏسـجي

ڇـا ٿي قـيـمت لـڳي اسـان جـي هِــتِ 
سِــرُ تــِرِيءَ تي عـجـبَ ! رکِـي ڏسـجي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>