امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


15/12/2019

ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون

ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿا
اسان پنهنجي دل کان رٺا اڄ وڃون ٿا 
ڪڏهن ڪونہ اچبو اوهان جي شهر ۾
 نہ ماکيءَ کي ڇڏبو ملائي زهر ۾
مٺي شيءِ لئہ مٺڙا مُٺا اڄ وڃون ٿا
 پرين هاڻي پکڙا ڪٿي ڪونہ اڏبا
 نڪي پور پوندا نڪي سور سَلبا
 هزارن ڏکن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا
 حياتيءَ جا ڏينهڙا لنگهي چار ويندا
 اوهان جا نہ وسري هي آزار ويندا
 بنا ڏوھ بيوس ڪُٺا اڄ وڃون ٿا.

شاعري  ❤ تاجل بيوس ❤
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/01/2019

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري

غزل

احمد خان مدهوش

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،
لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.

جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي،
جي پرچي پوين ٿو نوازش ٿي ماري.

توکي ناهه پرواهه دل جي لڳيءَ جي،
مون کي عشق تنهنجي جي آتش ٿي ماري.

تنهنجي پاڪ مک جو نظارو ٿو موهي،
بناوت، سجاوٽ، نگارش ٿي ماري.

رهي حسن تنهنجي جو پردو سلامت،
نقابن جي هوندي نمائش ٿي ماري.

مقيد اڳيئي آهيان آءٌ، ويتر،
سندءِ زلف واري آرائش ٿي ماري.

شبِ وصل ۾ خوفِ فرقت رهي ٿو،
شبِ هجر ۾ غم جي سازش ٿي ماري.

اکين تي نه “مدهوش“ الزام ڌَر تون،
اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/01/2019

اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

اسان رول ماڻهو....

نه منزل! جي رستا ڀلياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

اسان، جيڪڏهن دل ۾ مندر هجون ها
حسينائون ڀيٽا ۾ ٻارن ها ڏيئا
اسان، يا ته مسجد جا محراب ٿيون ها
پون ها اسان تي ڪي سجدن جا ليئا
نه هو عشق ۾، حج جو امڪان ڪوئي
ٻڌي خالي احرام نڪري پياسين
اسان لاءِ گنگا جي اشنان تي جهل
ڪناري ڪناري ئي هلندا رهياسين
محبت جو معراج ناهي، اسان لئه
ائين خالي اڀ ڏي اڏياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

نه وارن کي مليون ڦڻيون، آڱرين جون
نه زلفن مان آئي، هوا ڪا اُٺي جي
زماني ۾ ڀلجي، ڪئي ڪنهن نه هوندي
اسان لاءِ ڳڻتي، ڪا پرتي رُٺي جي
حسينن جي هوندي، اڪيلو گذارڻ
وڏي ثابتي آ اڀاڳي هجڻ جي
اسان جي ته تقدير، ڪنهن وقت سکڻي-
ڪئي ناهي دعويٰ، سڀاڳي هجڻ جي
اسان لاءِ سنسان سڀ گهر! گهٽي ۾-
وڃي ڪنهن به در وٽ رڪياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟

اسان، پيار کان ڏور مئاسين او جانان!
خدا ڪونه بخشيندو جنت اسان کي
آ هٿڙن تي ميندي جي حسرت اسان کي
ملي ڪانه اهڙي دعوت اسان کي
رکي در کليل جي ڏسن راهه پنهنجي
اسان کي نگاهون سي هٿ ڪونه آيون
جتي ٿڪ بدن جا ڀڄن ها سمورا
کليل دل ۽ ٻانهون سي هٿ ڪونه آيون
اسان سان زماني کي ڪا غرض ناهي
انهيءَ ساڻ ڄاڻي رسياسين ته ڇاهي؟
اسان رول ماڻهو! رلياسين ته ڇاهي؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

25/10/2018

اصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آھين

زاهد شيخ

اصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آھين 
عجيب ڳالھ آ هاڻي ھٽڻ سکيو آھين 

اسان جي آڏو اجايو هڪو ٻڪو ڇو آن 
چوڻ جي ڳالھ ڇو دل ۾ رکڻ سکيو آھين 

رسڻ ۾ آھي مزو جيڪو سو بہ پرچڻ سان
تون هيل اڳوپو يار رسڻ سکيو آھين 

جواب ڪهڙا خطن جا لکان ٻڌاء کڻي 
سوال ابتا ئي ابتا پڇڻ سکيو آھين 

ڏسي تون راھ ۾ زاهد کي منهن مٽائين ٿو 
مان ڪهڙي منهن سان ڏسان منهن ڍڪڻ سکيو آھين.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

23/08/2018

عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي



عيد آئي هر ڪنهن گهر عيد ڪئي
ڪنهن نہ چاهيندي بہ آخر عيد ڪئي

صبح جو ڏيئي صدا گهر گهر پني،
گودڙيء ۾ آ گداگر عيد ڪئي

آسري امداد جي راهون تڪي،
ٿوهرن جي ٿاڪ ۾ ٿر عيد ڪئي

آجپو ڍل کان مهاڻن کي مليو،
ڪوڏ مان ڪيڏي تہ ڪينجهر عيد ڪئي

سر ڏئي سجدا ڪري ڌرتي چمي،
ڪات هيٺان آهہ ڪونڌر عيد ڪئي

خون سان اڇا جهنڊا ڳاڙها ڪري،
آ شڪاگو ۾ بہ ناصر عيد ڪئي

حق وٺڻ جي واٽ پورهيت کي ڏسي،
مرڪندي مزدور ليڊر عيد ڪئي

ماڻهپي جي منهن مٿي دانگي ملي،
آ اڊمبر ساڻ آمر عيد ڪئي

ڪنهن ڪئي ٰ گل ٰ مرڪندي ڪنهن سڏڪندي،
هر ڪنهن آ حال آهر عيد ڪئي

 (مقصود گل )



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

چاهيان هر پل ديس ۾ نئون نپجي نينهن 
ڀانئيان هرڪو ڏينهن ڄڻ ته هجي هت عيد جو

رخسانا پريت
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

18/05/2018

موت کي ۽ حيات کي روڪي


غزل

 اختر درگاهي

موت کي ۽ حيات کي روڪي 
اچ ملون ڪائنات کي روڪي

ڏانءُ اھڙو ڪٿان کڻي آئين 
جنھن ڇڏيو منھنجي ڏات کي روڪي

صبح ٿيندو تہ ھوءَ ھلي ويندي
ڪير آھي جو رات کي روڪي

ھڪڙو محبوب ويھاري من ۾ 
مون ڇڏيو خواھشات کي روڪي

عشق انسان ساڻ ٿيندو آ 
عشق ٿو ذات پات کي روڪي

باک جھڙي پرينءَ اڳيان شاعر 
ڇڏ انھي فاعلات کي روڪي
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>