امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


06/06/2013

وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇَلو، پيو ٿئي گِهرگِهلو يار جلدي ملو

آڪاش انصاري

وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو
پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ
ساه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ
ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو
يار جلدي ملو ، يار جلدي ملو

توسان چاهت ۽ چَر پڻ به گهٽبا وڃن
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گهٽبا وڃن
۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو وِلولو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو

تنهنجي ”آڪاش“ سان وَرهِه وِرچيو وڃي
۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي
دل هي سمجهي نه ٿي ، درد آ دادلو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو.



1 تبصرا:

Saleem Magsi لکيو آهي

ڏک جهڙي ڳالھ آهي ته هتي ڪوب موجود ڪونه جيڪو هت رکيل تبصري تي اداري جي پاران بصارت ڀريل رهنمائي ڪري..... ائين لڳي ٿو هي فقط پوائنٽ اسڪورنگ آهي.....

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔