امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


29/07/2021

 جڏهن کان اک لڳي توسان، تڏهن کان اک لڳي ناهي،

جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.


ڪيا غم دل ۾ اوتارا، ٿڪا تارا تڪي تارا،

سڄڻ بيچين دل کي چين هڪڙو دم گهڙي ناهي.


ڪرين ٿو وار کولي وار سو سو وار او سهڻا،

لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگ، جنهن جو دنگ ئي ناهي.


دلاور، دادلا، دلدار دلبر، دلربا، دلڪش،

دلِ دلگير کان هر نام تنهن جي کي وِٿي ناهي.


ذرا سرڪي مون کي ڏي مئي جي هڪ سرڪي، مگر مرُڪي،


سرِ محفل سخي آڏو صدا ايڏي وڏي ناهي.


ڪڍان ڇاڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻ منهنجي ڪاڻ تون ڪافي،

ڀري  ”مدهوش“ کي ڏي جام تو وٽ ڪا ڪمي ناهي.

3 تبصرا:

Saleem Magsi لکيو آهي

ڌيان تنهنجي تي ڌيان ڏنم ته، پنهنجو ڌيان نه رهيو
ڏس تون، ڏس ڏي، هي بيوس، ڪٿي جو نه رهيو

Saleem Magsi لکيو آهي

ملي دلداري پيارن لاچاري، من جي مونجھ لٿي
ٻن گهڙين جي ڳڙاٽڙي جداين جو ويڇو نه رهيو

Saleem Magsi لکيو آهي

واسينگ ورائين ڇانورا تتي تتل هن ساهي تي
جيڏا ڪرم تيڏا ڀرم جيئن ساھ کنيم ساھ نه رهيو

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔