غزل
هدايت بلوچ
ڪا ڪونج ڪٿي ڪرلائي ٿي،
ڪو دل جو درد سڻائي ٿو.
سڪ ماروئڙن جي من اندر،
سان هاڻ نه هرگز مائي ٿي.
ڏس ڪارا بادل ڇانيا هن،
۽ ڪوئل هر هر ڳائي ٿي.
ڪٿ تيز هوا ۽ پلوءُ لٿو،
ڪا البيلي شرمائي ٿي.
ڪو مٺڙو ماڻهو اچڻو آ،
اڄ منهنجي نظر واجھائي ٿي.
ان پار ”هدايت“ آ ته هلون،
جت نوري، ڄام ريجهائي ٿي.
0 تبصرا:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔