امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


08/06/2013

بي مزي ٿئي متان محبت هي, دل تمنا ڪئي جدائيءِ جي



عزل

سعيد ميمڻ

بي مزي ٿئي متان محبت هي
دل تمنا ڪئي جدائيءِ جي

آنءُ ڪنهن ڪنهن جي ديد روڪيندس؟
کيس عادت آ خود نمائيءِ جي

ڪير پالي فڪر جھانن جا
دل، پچر ئي ڇڏي خدائيءِ جي

شاعريءَ ۾ ڪٿي هئا جلوه
مهرباني آ هڪڙي مائيءِ جي

ويو لڳائي هو چڻنگ چوليءَ ۾
ديد ، هئي ڇا ته معجزائيءِ جي

ڏينهن گذريو وڃي ڪمين ڪارين
رات ماري ٿي ، هيکلائيءِ جي






مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.


غزل

روبينه ابڙو

ڪا ازل جي پاڻياري آھِ مون ۾،
ڇو اُڃاري پو به وارِي آھِ مون ۾؟

مان ته ماضيءَ جي اُجاڙيل ڍنڍ آهيان،
ڪنهن وري هِي ناوَ تاري آھِ مون ۾.

امن جا اُجرا ڪبوتر نيڻ منهنجا،
پر اندر ڪا جنگ جاري آھِ مون ۾.

هر گهڙي ٿي سار تُنهنجي پئي پِگهاري،
هر گهڙي ڪا برف باري آھِ مون ۾.

دل اڃان ڀي گهاٽ تي تُڙڳي رهي آ،
موج ۾ ڪائي ڪَماري آھِ مون ۾.

گُونج ڀي تو ئي ڪئي هئي قيد منهنجي،
ڪُونج ڀي تو ئي اُڏاري آھِ مون ۾.

تار ڪا وڄندي رهي ٿي تَنَ اندر ۾،
راتِ ڪا مِيران گُذارِي آھِ مون ۾.

مان بظاهر خوش رهڻ جو ڏيک ڏيان ڀل،
پر ڳُجهي ڪا بيقراري آھِ مون ۾.

مون ۾ ٻيجل، مون ۾ ئي آ ڏياچ ڪو،
ڪنڌ ڪورڻ لئه ڪٽاري آھِ مون ۾.

لاڙڪاڻو ڀي ڪڏهن من ۾ نه ماپي،
۽ ڪڏهن هيءَ سنڌ ساري آھِ مون ۾.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

06/06/2013

وقت جي چيچ ۾، زندگيءَ جو ڇَلو، پيو ٿئي گِهرگِهلو يار جلدي ملو

آڪاش انصاري

وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو
پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو

جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ
ساه ساميئڙو مڙيئي مهمان آ
ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو
يار جلدي ملو ، يار جلدي ملو

توسان چاهت ۽ چَر پڻ به گهٽبا وڃن
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گهٽبا وڃن
۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو وِلولو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو

تنهنجي ”آڪاش“ سان وَرهِه وِرچيو وڃي
۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي
دل هي سمجهي نه ٿي ، درد آ دادلو
يار جلدي ملو، يار جلدي ملو.



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

05/06/2013

چپن جي ريشمي خوشبو،اکين ۾ پيار اوتي وئي

غزل

مشتاق ڦل

چپن جي ريشمي خوشبو،اکين ۾ پيار اوتي وئي،
اسان جي روح ۾ محبت سندو سنسار اوتي وئي.

ڪا ڳوٺاڻي ڳهيلي ڇوڪري ڀاڪر جي گرميءِ ۾،
سندر ڪو سونهن جو سپنو ۽ اقرار اوتي وئي. 

لفافو،خط، ڦوٽو ۽ ٻه ٽي ڪي فون تي جملا،
الائي ڪيترو اونهو عجب اسرار اوتي وئي.

اکين جو شعاع گهري گھور ۽ تابش نگاهن جي،
اچي مشتاق جي من ۾ نئون تڪرار اوتي وئي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

03/06/2013

هڪ چُمي ايئن لڳِي, پيار جي ڄڻ رسيد



غزل

زيب سنڌي

پياس منهنجي شديد
چَپَ تنهنجا يزيد

هونءَ اَملهه آهيون
تون ٽڪي ۾ خريد

سنڌ ساري قديم
شهر هڪڙو جديد !

حُسن تنهنجي اڳيان
عشق منهنجو مُريد

باک جي ساک آ
سنڌ جو هر شهيد

ٿر سڄو ايئن لڳو
ڄڻ ڪو ماضي بعيد

هڪ چُمي ايئن لڳِي
پيار جي ڄڻ رسيد


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڏاڍي پياس آ پيئڻ تي بندش!

غزل

زيب سنڌي

ڏاڍي پياس آ پيئڻ تي بندش!
ڪنهن جا ڄَپَ چُمڻ تي بندش!

شهر م ڪيئي ” نو گو ايريا“
تنهنجي گهٽيءَ ۾ اچڻ تي بندش

جنهن رستي تان صبح ويو هئس
تنهن تان شام جو ورڻ تي بندش!

شهر ته منهنجو ئي آهي پر
منهنجي گهمڻ ۽ ڦِرڻ تي بندش!

جنهن گهٽيءَ ۾ منهنجو گهر هو
تنهن مان منهنجي لنگهڻ تي بندش!

ڪيڏيون تنها لهرون آهن!
سمنڊ ڪناري گهمڻ تي بندش!

ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ ته پوندي
سچ کي سچُ چوڻ تي بندش!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا



غزل

زيب سنڌي

ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا
نه ته مرڻ چاهيون ٿا

دنيا ۾ ڏاڍو رلياسين
سنڌ ورڻ چاهيون ٿا

پنهنجي ڌرتيءَ تي وري
پير ڌرڻ چاهيون ٿا

ناو جي ٻُڏي ته ڇا
اسين ترڻ چاهيون ٿا

عشق جا ٽڙيا گلاب
جهول ڀرڻ چاهيون ٿا

باهه ڇو وسايو ٿا
اسين ٻرڻ چاهيون ٿا


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>